مٺــڙو مٺڙو تنهـنجـو نــام توتـي سهسيـن صلـواتــون ســـلام،
تنهنجو پيــار ڀريــو پيغــام توتي سهسيــن صلـواتون سلام،
يا نبـي يانبـي يا نبـي يا نبـي . . . . . . . . . . . . . .
ڪفر ڪڍيو تو ملڪ مان ڪوري، ڪفر جا بُت ڀڃي ۽ ڀوري،
آندئي دين عجب اسلام ، توتي سهسين صلـــواتــــون سلام.
دنيا سڀ ڪجھ توکان پرايو، ڪُل جڳ پنهنجو جھول ڀرايو،
سڀ کي سڀ ڏنئي انعام ، توتي سهسين صلواتون سلام.
ماڻهو جن ملائڪ سارا ، تو لئه جڙيا سڀ سج چنڊ تارا،
اڻ کٽ خلق سندا اقسام، توتي سهسين صلواتون سلام.
سجـدا توکي وڻن ٿي ڪَيڙا ، پيرين توکي اچي ٿي پيڙا،
حڪم مڃيو ٿي ٿڙ ۽ لام، توتي سهسين صلواتون سلام.
جلدي ’ابراهيم‘ گھرائج پنهنجو روضو پاڪ پسائج،
آهي اَڻ کُٽ جت آرام، توتي سهسين صلواتون سلام.
*
حضرت آغا محمد ابراهيم جان سرهندي
گلزار خليل سامارو