تنُهنجو نور انور هو نِقابن جي وچ ۾،
خدا پاڻ خلقيو ، حِجابن جي وچ ۾.
اِها ڳالھ مذڪور حديثن ۾ آهي،
وڌي معتبر ٿي ڪتابن جي وچ ۾.
انهيءَ نور انور مان ٿي تخليق ساري،
خدا جي خدائي هئي، رازن جي وچ ۾.
تنهنجو ذڪر اعلى سڀن کان ئي آهي،
لکيل هي بيان ٿيو، سيپارن جي وچ ۾.
وظيفو اسان جو صبح شام آهي،
توهان جو ئي نالو صلواتن جي وچ ۾.
مَدح مُصطفى جي هڪ اعزاز آهي،
مِليو ’عبد‘ کي هي غلامن جي وچ ۾.
*
عبده عبدالوحيد جان سرهندي
ٽنڊوسائينداد