جُــــــــــدائي ۾ حـــبيبن جي جلي جند جان دل منهنجي،
ڪڏهن ملندا وري جاني سڪي ساري ٿي دل منهنجي.
سڄڻ جي سهڻي صورت سان، نه مٽ مهتاب ٿي سگھندو،
پسڻ خاطر پرينءَ جي ٿي رهي بيتاب دل منهنجي.
عرض شام و صبح آهي صلواتن ۽ سلامن سان،
درودن ۽ دُعـــــائـــن سان ڪري فــــــرياد دل منهنجي.
تون ئي روشن شمع آهين، پتنگ وانگر ٿئي قربان،
سندئي قدمن مٿان صــــدقي سچا سردار دل منهنجي.
صـــدا ’حــــافــــظ ‘ جي آهي هي گھرايو جلد يثرب ۾،
ڪري ديــــدار روضـــي جو ٿئي شل شاد دل منهنجي.
*
محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ