الاهي جلد قسمت ڪر مدينــي ڏي تــون اڄڪـلـھ ۾،
محـــمّد جي محبـت جو جاڳايـو جوش ڪو دل ۾.
(۱)
مديني ڏي سفر ڪندي مَران شل مان مُسافر ٿي،
ڀلي لاشـو رُلي منهنجو عرب جي پاڪ جهنگل ۾.
(۲)
وٺي واٽون مديني جون ڪريان پنڌڙو پيادل ٿي،
وتان پنندو فقيرن جيئن پايو ڪفني کٿي ڳـل ۾.
(۳)
عَرب جا مرون کائن لتون ڏئي لاش منهجي کي،
مُلن کي ڇا ڪندو منهنجو نه ڪم ڪوئي ڪفن قل ۾.
’غـلامِ رســول‘ آهيان غمن ۾ هت پيو گهاريــان،
مديني لئي سڪي مئڙس عمر گذري ٿي جنجل ۾.
*
حاجي علام سول جتوئي
محراب پور ڏوڪري