محشر ۾ موٽ مرسل، واهر ٿي مون ولهيءَ سان،
هيڪـــر هلان مــــديــنــــي، ڪر مهر مون ڍليءَ سان.
عيبن کان آجي ناهيان، در تنهنجي عاصي آهيان،
چانئٺ چمڻ ٿي چاهيان، ڪر ڀال مون ڀُليءَ سان.
محـبــوب تـــون سبحانـــي، رحمان جو تون جاني،
تنهنجو نه ڪوئي ثاني، ڏڍ ٿيج مون ڏُلهيءَ سان.
سانڍيان سدا ته سڪ ٿي، هر دم هنئين کي ڇڪ ٿي،
قسمت منهنجيءَ جي چُڪ ٿي، ڪر رحم مون رُليءَ سان.
دل ساڻ دانهن ڪريان ٿي ، شب روز مان رڙان ٿي،
’مهجور‘ جو ٿي ساٿي، ڪــوثــر پيان علـــــــــيءَ سان.
*
سيد ميران محمد شاھ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ