شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

مان ڪريان قُـــــربــــان عـــــربيءَ گهوٽ تان جند جان مال،

مان ڪريان قُـــــربــــان عـــــربيءَ گهوٽ تان جند جان مال،
ڪونه ٿيو ثانــــــي سندس جو آهــــي سيــــــد بــــي مثـــــال.

سِڪ اٿـــــم سينـــــــي اندر مُـــــرســــــل سندي ديــــدار جي ،
جنهن سِوا هر هڪ جـــــدائي جي گهڙي آهي ســـال ســال.

مُحــــب مــــدنــــــي کان جُــــدا، منهنجو هتي ڄاڻي خُـــدا،
رهـــــــــــــــڻ ڏکيــــــو ٿو ٿئي ۽ زندگــــــــي آهي جنـــجـــــال.

هڪ دفعو زيارت ڪريان مِٺـــڙي مُــحــمّــــــد مير جي،
تان لهـــــي هي منهنجي دل جو درد دک غــــم ۽ ملال.

يا خــــدا ڏي تون ثمر، ڪريان مدينـــــــــي ۾ مان گھر،
تو اڳيان ســـــائين سچا ڪجھ ڀي نه آهي هيءُ محال.

لک اڳي احسان ڪيا ’قاضي‘ مٿان خيـــــــرالورى،
جاءِ پيراندي کان ڏي زياده ڪري مون تي هي ڀال.

*
قاضي صاحب ، ماتلي