شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

شوق منهنجو آهي هر هر ، يا شفيع المُّذنبين،

شوق منهنجو آهي هر هر ، يا شفيع المُّذنبين،
ٿي رهي دل منهنجي مُضطر ، يا شفيع المذنبين.

ڪڍ نقاب از روءِ اَنور يا شفيع المُذنبين،
ديده دل ڪـــــر مُــــنور يا شـــــفــــيع المُذنبين.

تــشــنــئِه ديــــدار کي سيراب ڪر بهر خدا،
مالڪِ تسنيم و ڪـــوثـــر يا شفيع المُذنبِين.

نُور تنهنجي مان سڀن کي ٿي عطا جلوه گري،
واه تون خورشيد اَنور يا شفيع المُذنبين.

جاده (1) ايمان تي منهنجو خاتمون ٿئي خير سان،
منهنجا هادي منهنجا رهبر يا شفيع المذنبين.

*

قاضي اسدالله شاھ ’فدا‘ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(1) رستو ۽ واٽ