شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

تنهنجــــي قـدمن تـــان قربان سڄـڻ،

تنهنجــــي قـدمن تـــان قربان سڄـڻ،
توتان صدقـــي منهنجــي جـــان سڄـڻ.

هڪ جان سندم اي جان جــھــــــان،
ڇا آهي جو گھوريان تنهنجي مٿان،
توتان گھوري جانيون سارو جھان،
توتان قربان ٿئي جي ڪون و مڪان،
ته به تنهنجو اڃان وڌ شان سڄڻ.....

تنهنجي خاڪ قـدم سڀ روءِ زميــن،
ٿيا نَو فلڪ تنهنجـي زيـر نگيـــن،
توکي پيرين پوندل عرش بريــن،
تنهنجي راھ جو چاڪر روح امين،
تنهنجو ساٿي خود سُبحان سڄڻ....

توکي عالم جو ڪُل علم اُتم،
تنهنجي علم ۾ قطرو جيئن قُلزم،
تنهنجي علم اڳيان ڇا لوح قلم،
توتي آه عيان ڪُل ڪتم عدم،
توتي پڌرو ڪُل پنهان سڄڻ ....

توکي رب سڏي سوغات ڏني،
جيڪا تو گھري اُت سا ته ڏني،
پر ٻي به اڃان اُن ذات ڏني،
توکي ڏاتر هر ڪا ڏات ڏني،
توکي ڏاتر بخشيو دان سڄڻ....

توکي آگـي جــا انعـام ڏنـــــي،
سا ته مـــولى پنهنجـــي مام ڏني،
ڪَل ڪنهن کي اُنهيءَ جي ڪام ڏني،
سڀ خلــق خـدا تنهنجــي سامَ ڏني،
تنهنجي جھولي منجھ جھان سڄڻ....

تنهنجي جھولي ۾ پيو جملي جھان،
لڌو هر دو جھــــان ۾ امن و امان،
تنهنجي سام جا ٿيــڙا ڀاڳ ســوان،
لٿا اونـــــا ’ابراهـــيـــم‘ چــــوان،
سريو عــالـــم اطمينان سڄڻ.....

*

حضرت آغا محمد ابراهيم جان سرهندي
گلزار خليل سامارو