شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

اسان جو پاڪ پيغمبر، مُحمد سرورِ عالم،

اسان جو پاڪ پيغمبر، مُحمد سرورِ عالم،
اسان جو شافعِ محشر، مُحمد سرورِ عالم.

ڪري معراج جسماني، ويا عرشِ معلى تي،
مِلين اختيار رحماني، محمد سرورِ عالم.

خدا جي پاڪ هستيءَ جو، ٿيو ديدار عربيءَ کي،
آهي محبوب سُبحاني ، مــحــمّــد سرورِ عالم.

عطا ٿي کين سرداري، نبين ۽ رسولن جي،
اهو اعزاز رباني مـحــمّـــد سرورِ عالم.

خدا جي مهرباني ٿي، مُهابي مير مرسل جي،
مليو هي دين لاثاني محمد سرورِ عالم.

نوازش جي نظر گھرجي سدا هن ’عبد‘ عاجز کي،
ڪندو احسان سُلطاني مــحــمّـــد سرورِ عالم.

*
عبده عبدالوحيد جان سرهندي عفي عنه
ٽنڊو سائينداد