مُحمـــد مير مدنــــــي کي مُڪو رحمــت ڪــري مــولا،
سندن تعـريــف ۾ نـازل ٿيــو ڪــامـل ڪــــلام الله.
اول سڀني ڪنــان ، صاحـب بنايو نــُور نِرمــل جـو،
نبـيءَ جــي نُــور مان پيـــدا ٿيو آدم صفــي الله.
ڏُڪر ويو ڏيھ مان نڪري، وٺا بادل سندا برڪت،
ملڪ ماڻهــن مبــارڪ چئي ڀلي آئين رســولُ الله.
ويو اونداھ عالم تان ، ٿيو اسلام سان روشن،
ڪِريا ڪنگرا سندا ڪِسرى ، بتن کان پاڪ بيت الله.
ڌڻــي دربار ۾ دعـــوت ڪري ڪوٺائيـــو دلـــبر،
ملــڪ مرسل عجـــب ۾ پيـا، چيو سڀني سُبحان الله.
شفاعت عــام ۾ تُنهنجــي آهي اُميــد ’احمد‘ کي،
هُجن هردم مٿــي حضرت صلــواةُ الله ســلامُ الله.
*
حضرت مولانا حافظ احمدجان سرهندي
ٽنڊومحمدخان