شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي دربار اقدس ۾ هديہ صلواة و سلام

مصطفى مجتبى تي صلواتون سلام،
مبتدى منتهى تي صلواتون سلام.

سيدُ الانبياء تي صلواتون سلام،
زينةُ الاصفياء تي صلواتون سلام.

جنهن جي آمد سان ٿي وئي گهڻي روشني،
اُن جي آمد عُلى تي صلواتون سلام.

جنهن جي رحمت سان ڪَون و مَڪان آهي،
اُن جي رحمت عُلى تي صلواتون سلام .

آهي جنهن جي نگاهِ ڪرم سڀ تي،
اُن جي نوري نگاه تي صلواتون سلام.

آهي جنهن جي سخا، ۽ عطا سڀ تي،
اُن جي جود وسخا تي صلواتون سلام.


تنهنجي هر هڪ ادا ٿي خدا کي وڻي،
اُن ادا باوفا تي صلواتون سلام.

تنهنجي هر هڪ رضــا ٿي خدا کي وڻي،
اُن رضا پُر ضيا تي صلواتون سلام.

سبز گنبد ۾ جيڪو مَڪين آهي ،
اُن خيرالورى تي صلواتون سلام.

سر زمين عرب جي جنهن مقدس ڪئي ،
اُن نورالهدى تي صلواتون سلام.

صدق ۾ ٿيو صديق سڀن کان مٿي،
اُن صاحب تُقى (۱) تي صلواتون سلام.

عدل ۾ ٿيو فاروق سڀن کان مٿي ،
اُن صاحب نُهى (۲) تي صلواتون سلام.

با ادب با حيا ٿيو عثمانِ غني ،
اُن جي ادب و حيا تي صلواتون سلام.

شيرِ يزدان علي ٿيو سڀن جو ولي،
اُن جي همت عُلى تي صلواتون سلام.
اهل بيتن جو جيڪو امام آهي،
اُن حسن مُجتبى تي صلواتون سلام.

سيدُالشُهداُء کان ٿيو راضي نبي،
اُن حسين مرتضى تي صلواتون سلام.

صالحن صديقين ۽ شهيدن مٿي ،
اُن جي نسبت عُلى تي صلواتون سلام.

’عبد‘ کي عربي جي هي غلامي ملي ،
اُن جي خدمت عُلى تي صلواتون سلام.

*

عبده عبدالوحيد جان سرهندي
ٽنڊو سائينداد


ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(۱) پرهيزگار (۲) عقلمند