شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

جڏهن پروردگاري حُڪم سان يومُ الحشر ٿيندو،

جڏهن پروردگاري حُڪم سان يومُ الحشر ٿيندو،
تڏهن حضرت مــحــمــد شــافــعِ جـــن و بشـــر ٿيندو.

آهن هــــٿ عـــاصين جــا دامـــنِ پاڪ مُـــحــمـــد ۾،
مِٺو مُــــرســـــــــــل مِڙن تي مهربان ۽ مِهرَور ٿيندو.

گناهن ۾ گڏيل آهيان ، وسيلا واھ ٻي ڪانهي،
خدا جي واسطي مون تي به شفقت جو نظر ٿيندو.

نه ڪيم ڪا بندگي پوري نه ڪيم ڪا طاعتِ مولى،
توهان جي مدد سان سائين، ڏکي پل تان گذر ٿيندو.

گھُران درگاھ حق جي مان هميشه روز شب دائم،
ڪميني تي ڪرم سان مِهرباني جو نظر ٿيندو.

نڪا ٻي واٽ آهي ڇوٽڪاري جي شفاعت ري،
شفاعت کان ڦِري جو سو هميشه دربدر هوندو.

نه ڪر ڀئو ”پير“ تون هر گز هلاڪي هول هيبت کان،
مُـــهابي مـير مـــرســــــل جي مٿم ســـؤکو سفر ٿيندو.

*
حضرت آغا عبدالستار جان سرهندي
ٽنڊو سائينداد