مدينـــــي پاڪ ڏي مونکي گھُرائينـــدو رســــــولُ الله،
چڱي ســا چائنٺ چشمــن سان چُمــائينــدو رســـولُ الله.
سندس در جـــي گدائـــي لـــئه ٿيس حيـــران يـا قسمــت،
پـيــــــارو پِرت مان پڃـــــرو پسائينــــــدو رســـــولُ الله.
مــِٺو پـــاڻي مـــدينـــي جو ، مـــٺا مــــاڻهو مديني جا،
سُرهي سڀ خاڪ يثرب جي، سونگھائيندو رسولُ الله.
بهشتــــي باغ بطحا جا ، مٺــــا مِصري ڪنان ميــوا،
گھٽيـــون گھـر گام گولـي کي گھمائيندو رســولُ الله.
پرين جـــي پاڪ پـــاڙي ۾ رهـــي پرتؤن مزا مـــاڻـيان،
اهو آهي عرض ’احمــــد‘ جو اگھائينــدو رســولُ الله.
*
حضرت مولانا حافظ احمدجان سرهندي
ٽنڊو محمدخان