ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

ڇپائيندڙ پاران

ادب جي دُنيا ۾ ناول نويسي انتهائي مقبول پر محنت طلب صنف آهي، ڇاڪاڻ جو ناول لکندي هڪ ليکڪ نه رڳو فني ۽ ٽيڪنيڪي نزاڪتن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر گهري ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ انساني نفسيات بابت گهڻ رُخي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ منفرد تصوراتي دُنيا جي اُڻت به ڪري ٿو. ان ننڍي دُنيا ۾ ڪي ڪردار چـُـرندي پـُـرندي، ساهه کڻندي، احساساتي ڀائيچارو ڪندي، مرندي نظر اچن ٿا- ۽ مري ٻيهر زندهه ٿيندي بلڪه ڪن مرحلن تي اُهي اَمـَـر به ٿي وڃن ٿا! رڳو ڪردار ئي ڇو، انهن تحريرن جي ڀاڪرن ۾ آيل جايون، جڳهون، جهلڪون، ادائون، صورتحالون (Situations) ۽ ناتا به ياد جي ڦرهيءَ تي اُڪرجي وڃن ٿا.
ادب ۾ ناول نگاريءَ جو اهو مقام هوندي به ضروري ناهي ته دُنيا ۾ لکيل/ لکجندڙ سڀ ناول انهيءَ پـَـدَ تي پـُـورا لهن. انساني لکت جي تاريخ ۾ بيشمار ناولن جي عـُـمر چند هفتن، مهينن ۽ سالن تي به محيط رهي آهي. بلڪه ادب جي دُنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ناول به لکيا ويا، جن کي ڇپجڻ ته نصيب ضرور ٿيو، پر اُهي پڙهندڙن جو ڪو خاص ڌيان نه ڇڪائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪٻاڙ خانن، ڊرائنگ رومن ۽ رديءَ جي ٽوڪرين جو بـَـکُ بڻجي ويا. تنهن ڪري اها حقيقت سمجهڻ گهرجي، ته اُهي ناول جن انساني دل ۽ ذهن تي صدين ۽ ڏهاڪن تائين حـُـڪمراني ڪئي، سي چند درجنن کان مٿي هرگز به نه آهن. ڇاڪاڻ جو مٿي ڪيل گذارش مطابق ناول لکڻ لاءِ نه رڳو انساني حواسن، تجربن جو َتتُ پيش ڪرڻو ٿو پوي، پر اهڙي ڪنهن لافاني تحرير لاءِ قدرت جي ڪرم نوازيءَ جو هـُـجڻ به بيحد ضروري آهي. يعني انساني جستجو ۽ فطرت جي مهربانيءَ سان عطا ٿيل ڏات جو لاڳاپو، جڏهن پورڻتا جي حد تائين هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿو، تڏهن ڪو غير معمولي ناول جنم وٺي ٿو.
انهيءَ حوالي سان ناول جي صنف ۾ دُنيا جي عظيم ترين ناول نگارن ۾ جن ڪلاڪارن کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، تن مان روس جو فيودور دوستو وسڪي پهرين قطار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موضوعن جي نـُـدرت، فڪر جي گهرائي ۽ انساني سڀاءَ جو گهرو ادراڪ رکندڙ هيءُ ناميارو ليکڪ فقط ناول نويسيءَ ۾ ئي نه، پر نثر جي دُنيا جو به اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي قلم جي جولان سان هن سرشتيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو قلمڪار بـَـرُميچي سگهي. انتهائي سادن پلاٽن کي بيشمار ڪردارن سان ٽمٽار ڪندي، جنهن تـُـز طريقي سان دوستو وسڪي زندگيءَ جي جيڪا سچي ۽ ايذائيندڙ منظر ڪشي ڪئي آهي، سا عام پڙهندڙ کي ”خاص شخص“ ۽ خاص شخص کي هڪ شاندار ليکڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. دوستو وسڪي پنهنجين تحريرن جي ابتدا ۾ هڪ عام قصه گو وانگر انتهائي آسان ۽ روايتي ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳي ٿو، پر وقت گـُـذرندي هـُـو پڙهندڙ کي فني سحر ۾ جڪڙي ۽ انساني نفسيات جي پيچيدگين تان پردو کڻندي، کيس پنهنجين تحريرن جو ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي جو گـُـذريل سوا صديءَ دوران ناول نگاريءَ جي دُنيا ۾ جيترا سندس مداح پيدا ٿيا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي ميسر ٿيا هـُـجن!
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي-- ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن. هڪ ننڍڙي روسي ڪـُـٽنب سان لاڳاپيل فردن جي روزاني زندگيءَ کي بحث ۾ آڻيندي، هـُـن دراصل انساني دل ۽ دماغ جي وچ ۾ ٿيندڙ تضادن کي چٽو ڪري، اُنهن تضادن جا حل ڏَسيا آهن- ۽ ائين ڪندي هڪ ’ڪامل راهه‘ جو تصور عطا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ اڻويهين صديءَ جي روس ۾ فئشني مادي پرستي، ڪٽر يسوعي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي، جن ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف خاندان جا فرد ترتيبوار ايوان، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هيءُ اهڙو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪرامازوف ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياراتي تضادن جو اولڙو آهي. ناول اندر انهيءَ ويڙهه ۾ ڪاميابي بهرحال ڪرامازوف ڀائرن جي پيءُ جهوني فيودور کي حاصل ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي اندر تمام تر بشري بـُـرايون رکندي به هڪ صوفي منش آهي. هـُـو انساني ڪمزورين جو مجموعو هوندي به نظرين، فرقن ۽ روايتي فڪر جو داعي نه پر ڌرتي ۽ اُن جي روايتن جو امين ۽ اعليٰ انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ هڪ گنهگار شخص آهي. دوستو وسڪي پاڻ پراڻ پسند مسيحي هوندي به سڄي عمر ڪئين بـُـرين عادتن ۾ ڦاٿل رهيو، پر هـُـن ڪڏهن به انسانيت لاءِ دل ۾ موجود احترام ۽ پيار کي پنهنجي اندر مان هڪالڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته ”ڪرامازوف ڀائر“ هن عظيم ليکڪ جي آخري تحرير ئي نه پر سڄي عـُـمر جي علم، مشاهدي ۽ تفڪر جو تـَـتُ آهي، جنهن کي هـُـن انتهائي شاندار طريقي سان عام پڙهندڙ تائين پـُـڄائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ جو پهريون ڇاپو سن1880ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ اُن ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ عالمي سطح تي شـُـهرت حاصل ڪري ورتي. ويهين صدي شروع ٿيندي ئي هيءُ ناول دُنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اُن يورپ سميت دُنيا جي مڙني لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ”ڪرامازوف ڀائر“ جو انگريزي ترجمو 1915ع ۾ Constance Carnett جي هٿان ٿيو، نتيجي ۾ هيءُ ناول ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچي ويو. ۽ اهڙي طرح وقت گذرندي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ مرحوم احسان بدويءَ هٿان سن1965ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 1978ع ۾ مڪمل ٿي سنڌي ادبي بورڊ تائين پهتو. پر افسوس جي ڳالهه آهي، ته ايترو عرصو اڳ بورڊ کي سونپيل هن ڪتاب جي سنڌي مسودي کي موجوده روپ ۾ توهان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ ٽيهن سالن جو وڏو عرصو لڳي ويو.
ظاهر آهي ته ايترو وقت گذرندي، ڪنهن به تحرير جي ٻولي، لهجي، بلڪه مـُـحاورن ۾ ڪافي فرق پئجي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها هئي ته موجوده دور نسل تائين پهچائڻ کان اڳ ان شاهڪار جو نئين سر ترجمو ٿئي ها، پر محنت، معيار ۽ صبر کان پري ڀڄندڙ اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهو مـُـمڪن نظر نه آيو، ته ڪو علم جو صاحب گوڏو ڀڃي هزار صفحن تي ڦهليل هن تحرير کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ جو ڪشٽ پنهنجي سر تي کڻي سگهندو. تنهن ڪري عافيت انهيءَ ڳالهه ۾ سمجهي وئي، ته بورڊ جي لائبرريءَ ۾ پيل مسودي کي ادب جي ڪنهن ڪـُـل وقتي عاشق وٽان سنواري سـُـڌاري شايع ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ڪشالو ڪرڻ جو ڪـُـڻو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ جناب نصير مرزا جي نالي تي نڪتو، جنهن صاحب ڪيترا مهينا ڪتاب جي مسودي تي نظر ثانيءَ جو پورهيو ڪندي، اُن کي ڇپائيءَ جي لائق بنائڻ ۾ اداري جي سهائتا ڪئي ۽ ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هٿ ونڊايو. مرزاصاحب ان کان علاوه ڪتاب توڙي مصنف بابت تفصيلي ۽ معلومات نوٽس لکي، ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ پڻ جستجو ڪئي. ادارو سندس ۽ بورڊ جي ٻين مڙني ورڪرن جا ٿورا مڃيندي ”ڪرامازوف ڀائر“ کي سنڌ واسين تائين پهچائيندي انتهائي مـُـسرت محسوس ڪري ٿو. اُميد اٿئون، ته هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ املهه سوکڙي ثابت ٿيندو.

انعام الله شيخ
سيڪريٽري
ڄام شورو، سنڌ
اربع - 12 جمادي الثاني 1426هه
بمطابق 20- جولاءِ 2005ع سنڌي ادبي بورڊ