ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

فيودور دوستووسڪي Fyodor Dostoevsky (سوانحي خاڪو)

فيودور ميخائل دوستووسڪي 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا ٿيو هو.
”دوستوايو“ يا ”دوستو“ دراصل هڪ علائقي جو نالو آهي، ۽ ان ئي علائقي جي نالي پويان ادب ۾ هـُـن پنهنجو نالو مقرر ڪيو، ’فيودور دوستووسڪي.‘
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته هن جي خاندان ۾ هر قسم جا ماڻهو هئا، مثال طور: بالا آفيسر، جاگيردار، ’راهب‘، ’چور‘، ’قاتل‘، ’مسڪين‘ ۽ ڌڻيءَ سان سچي لنئون لڳائي ويهندڙ بزرگ ... ۽ سندس سوانح نگارن اِهو به لکيو آهي ته ’دوستوايو‘ علائقي ۾، خوش قسمتيءَ سان هي عظيم ناول نگار فيودور ميخائل دوستووسڪي جي پيدا نه ٿئي ها، ته اسين روس جي ٻين هزارين اهڙن علائقن جي نالن وانگر، هن ليکڪ جي علائقي جي نالي کان به هن وقت قطعي آگاهه نه هجون ها.
فيودور جو والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. فوج ۾ ’ميجر‘ به رهيو، پر آخر ۾ ماسڪو جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان باقي زندگي گذاريائين.سندس شادي هڪ سوداگر جي ڌيءَ سان ٿي هئي، جنهن پاڻ سان گهڻو ئي ڏاج آندو هو.
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته فيودور جي والده خوش شڪل، سگهڙ، حساس ۽ سٻاجهڙي طبعيت واري عورت هئي، جڏهن ته سندس والد سخت ٽـَـانڊي تپڻو، نظم و ضبط جو قائل ۽ ڳوٺاڻن خيالن وارو انسان هو ۽ سخت جذباتي ماڻهو هو، اِن ڪري مٿس ڪڏهن شديد اُداسي، ته ڪڏهن وري ڪاوڙ جا دورا پوندا رهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري،سندس ٻارڙن جو، پيءُ جي اهڙي سڀاءَ سبب، هر وقت ساهه سـُـڪو پيو هوندو هو.
1831ع ڌاري دوستووسڪيءَ جي ان والد، ماسڪو کان ڏيڍ سؤ ميل پري ٻه ڳوٺ خريد ڪيا هئا، جن جي ذريعي هو 1350 ايڪڙ زمين ۽ سؤ غلامن جو مالڪ بڻيو.
دوستووسڪيءَ وارا پاڻ ۾ ست ڀيڻ ڀائر هئا. سڀني ٻارن کي ڪهاڻيون ته طرحين طرحين جون سندن والده به ٻڌائيندي هئي، پر دوستووسڪيءَ کي گهر جي جـُـهونڙي نوڪرياڻيءَ ’اليونا‘ جون ٻڌايل ڪهاڻيون وڌيڪ ئي وڻنديون هيون.
ڳوٺن ڏانهن سير سياحت لاءِ وڃڻ ۽ خاص ڪري اسڪول جي موڪلن ۾، اُهي ڏينهن، ٻهراڙين ۾ وڃي ملهائڻ، فيودور دوستووسڪيءَ جي من پسند وندر هوندي هئي.’اليونا‘ ۽ والده کان عجيب عجيب ۽ پـُـراسرار ڪهاڻين ٻڌڻ کان پوءِ، جڏهن ٻالڪپڻ جي حدن سرحدن مان نڪري، هو اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو، ته ان ڄمار ۾ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ، پيءُ جي اسپتال ۾ آيل مريضن ۽ ڳوٺ جي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ هارين نارين ۽ والد جي زرخريد غلامن جا ڏکڙا ويهي ٻڌڻ، هن جو روزاني جو شـُـغل ۽ معمول بڻجي چڪو هو. خدا ڄاڻي انهن غريب،مسڪين، اٻوجهه ۽ لاچار انسانن جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين ۾ هن کي الائي ڇو ڏاڍي ڪشش محسوس ٿيندي هئي.
ننڍپڻ ۾ فيودور ميخائل کي ابتدا ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو پيٽرسبرگ ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد بڻيو. سورهن ورهين جو ٿيو ته سندس والده ٽي بيءَ وگهي گذاري ويئي. ٻار ته جيئن تيئن ماءُ جو ڏک سهسائي ويا، پر دوستووسڪيءَ جي والد جي اداسي ۽ ’چڙ‘ تهائين وڌي وئي ۽ ان ڪيفيت ۾ سڄو ڏينهن هو مرحومه زال سان بي خياليءَ ۾ ايئن ويٺو جهيڙيندو ۽ پيار ڪندو هو، ڄڻ هـُـوءَ ڪا سندس سامهون موجود ويٺي آهي ۽ ويٺي سندس انگل آرا برداشت ڪري!
تعليم دوران ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج ۾، دوستووسڪيءَ جي دل بلڪل ئي ڪانه لڳي ۽ مٿان اهڙي دلي ڪيفيت ۾، هن کي هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته سندس ٽانڊي تپڻي والد کي سندس ئي کيتن ۾ ڪنهن هاريءَ قتل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ بس اهڙن ئي دکدائڪ واقعي رونما ٿيڻ کان پوءِ، دوستووسڪيءَ کي مرگهيءَ جو پهريون دورو پيو. خير .... انهيءَ بيماري شروع ٿيڻ کان پوءِ، جيئن تيئن ڪري ڪاليج وارو امتحان هن پاس ڪيو ۽ پيٽرسبرگ انجنيئرنگ ڪور ۾ سب ليفٽيننٽ وڃي مقرر ٿيو. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جو پگهار جي رقم ملڻ سان هن جا حال سڌرڻ گهربا هئا، پر فضول خرچيءَ، ماڻهن تي ترس کائي پئسا انهن کي ڏيئي ڇڏڻ ۽ مسلسل غريب ماڻهن جي مالي سهائتا ڪرڻ سبب، خود هن جا پنهنجا حال، بدحاليءَ ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ هو قرضي ٿيندو ويو.
دوستووسڪي توڻي جو فوج ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هو، پر کيس ليکڪ ٿيڻ جو شوق تهائين گهڻو هو. نيٺ فوجي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ طئه ڪيائين ته هاڻي هو صرف لکندو پڙهندو ۽ قلم جي اِن پورهئي ذريعي ئي باقي زندگي گذاريندو.
اتفاق سان اهڙن ئي ڏينهن دوران مشهور فرانسيسي ناول نگار ’بالزاڪ‘ روس آيل هو. بالزاڪ جي تحريرن تي دوستووسڪي هونئن ئي سؤ جان فدا هوندو هو، سو بالزاڪ جو ناول ’يو زين گران دَي‘ ان خيال سان به ويهي ترجمو ڪيائين، ته نالو به ٿيندو ۽ ڏوڪڙ به ملي پوندا. دوستووسڪي اِهو ترجمو جوش خروش سان ڪيو، پر پوءِ جڏهن ايڊيٽر اِن ۾ گهڻي ردوبدل ڪئي ۽ مٿان کيس ترجمي جو معاوضو به معقول نه ڏنو، ته هـُـو ڏاڍو دل برداشته ٿيو.
انهيءَ ترجمي کان پوءِ، هن هاڻي، پنهنجو ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پهريون ناول لکيائين ”ويچارا ماڻهو“ (غريب غـُـربا)، ۽ ايئن هن کي روسي ادب ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ملي ويو ۽ هو روس جي ننڍين وڏين ادبي محفلن ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. اهڙين محفلن ۾ اٿندي ويهندي هـُـن جي ڀانت ڀانت جي انقلابي خيالن وارن همعصرن سان دوستي ٿي ويئي، جن لاءِ مشهور هو ته روس جي سماجي حالتن کي بدلائڻ ۽ ’زار‘ جي تختي کي اونڌي ڪرڻ جي لاءِ اُهي ڪي سٽاوَ سـِـٽي رهيا آهن. توڻي جو چيو اِهو به پئي ويو، ته اُنهن سڀني جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا محض زباني ۽ ڪاغذي هوندا هئا ۽ منجهن اِهو سڀ ڪجهه عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همٿ ئي ڪانه هئي.
۽ ’زار‘ حڪومت جي گماشتن کي جڏهن انهن نوجوانن جي هوائي ارادن جي ڀـُـڻڪ پيئي، ته اِهڙا سڀ نوجوان دوستووسڪيءَ سميت سوگها ٿي ويا ۽ اها 22 اپريل 1849ع جي ڳالهه آهي، جو اهي سڀ انقلابي نوجوان جيل ڀيڙا وڃي ٿيا. شروع ۾ ته هنن قيدين کي ملاقات جي ته ڇا، مٽن مائٽن سان خط و ڪتابت جي به اجازت ڪانه هئي ۽ کين مڪمل تنهائيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن سبب هو سڀ جا سڀ ڄڻ ذهني مريض بڻجي چڪا هئا. پنج مهينا عدالتي ڪاروائي هلي ۽ باوجود اِهو ثابت ٿيڻ جي ته نوجوانن جي ان گروهه ۾ اهڙي انقلاب آڻڻ جي طاقت ئي ڪانه هئي، ان جي باوجود انهن نوجوانن کي ذهني ڌچڪو رسائڻ ۽ ٻين اهڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ ’زار‘ 23 ڊسمبر تي ساڳئي سال، اعلان ڪيو، ته انهن سڀني قيدين کي رات جي اونداهيءَ ۾ فوجي گرائونڊ ۾ وٺي وڃي گوليءَ سان اُڏايو وڃي، پر ايئن ٿيو ڪونه ۽ ان اعلان تي عمل ٿيڻ کان ڪي گهڙيون اڳ چيو ويو ته اُن ناڪام انقلاب آڻڻ جي سيکت طور کين عمر قيد ۽ جلاوطنيءَ جي سزا ٻڌائجي ٿي. چون ٿا ته عمر قيد جي سزا ۽ جلاوطني جو ٻڌي هڪڙو قيدي پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو ۽ باقين تي به ڄڻ پريشانين جا پهاڙ ڪري پيا.
سخت سياري جي موسم هئي، جو انهن قيدين کي سائبيريا ڏانهن روانو ڪيو ويو. سندن حالت اِها هئي جو هٿ هٿ - ڪڙين ۾ ۽ پير، پير - ڪڙين ۾ قابو هئا، ۽ اهو مهينو هو جنوريءَ جو ۽ کين هنڌ هنڌ تي روڪي، کين ڏيل ڏڪائيندڙ سيءَ جو مزو وٺرايو پئي ويو! دوستووسڪيءَ جي لاءِ اِها خواري ۽ اذيت، هڪ جيءَ جنجهوڙي ڇڏيندڙ ۽ دماغ ڌوڏي ڇڏيندڙ تجربو ثابت ٿي. ’لولسڪ‘ نالي هنڌ، جتان هنن سڀني قيدين کي ڌار ڌار هنڌن ڏانهن موڪليو ٿي ويو، اتي دوستووسڪيءَ کي ڪنهن ملاقاتيءَ ’بائيبل‘ تحفي طور ڏنو. ايندڙ چئن سالن تائين، قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ دوستووسڪيءَ وٽ اِهو ئي واحد ڪتاب هو، جنهن کي بار بار پڙهڻ کان سواءِ وٽس ٻي ڪابه واٽ ۽ وندر ڪانه هئي.
کيس ’اوسڪ‘ نالي واري جيل ۾رکيو ويو، پر اُتي پهچڻ شرط حالت هـُـن سان ايئن ڪئي ويئي جو اڌ مـُـڇ، ۽ سندس اڌ مٿو ڪوڙيو ويو ۽ جيل جي اندروني حالت وري اِها هئي جو اُن ۾ روس جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڇنڊيل ڇاڻيل ڏوهاري اتي رکيا ويا هئا ۽ انهن مان به گهڻائي اهڙن قيدين جي هئي جيڪي پيشي ور قاتل، خطرناڪ چور، رهزن ۽ ٺڳ شمار ٿيندا هئا. ان قيد ۾ سڄا سارا چار سال دوستووسڪيءَ کي اهڙن ئي قيدين سان گڏ رکيو ويو، جن جي ڀرپور مشاهدي اڳتي هلي هن جي تحريرن ۾ وڏي سگهه پيدا ڪئي. دوستووسڪيءَ خود به لکيو آهي ته اهڙي عقوبت خاني ۾ رهندي، مون ۾ ڪيئي بـُـرايون فنا ٿي ويون ۽ اُن جي جاءِ تي ڪيئي نيڪيون منهنجي وجود ۾سرايت ڪري ويون. بندي خاني ۾سزا وارا جڏهن سڀ ورهيه پورا ٿيا ۽ هن کي اڌو گابري آزادي ملي، ته کيس سائبيريائي پيادل فوج جي ستين بٽالين سان ’سيمي پلا ئشمڪ‘ نالي واري ڳوٺ ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو منگوليا جي ويجهو هو.
دوستووسڪي قيد و بند جي اهڙين عقوبتن بعد جڏهن ٿانيڪو ٿيو ته ’ماريا‘ نالي واري هڪ عورت سان شادي ڪيائين ۽ ان وچ ۾ ’زار‘ حڪومت پاران دوستووسڪيءَ کي پيٽرسبرگ شهر ۾ رهڻ جي اجازت ته ملي، پر خفيه پوليس کي مٿس ڪڙي نگراني رکڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون. پيٽرسبرگ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد دوستووسڪيءَ، ڀاءُ سان گڏجي هڪ اخبار جاري ڪئي ۽ اُن جو نالو رکيائين: ’زمانو‘! ۽ گڏوگڏ ٻه ناول به لکيائين، ۽ ذلتن جا ماريل ماڻهوءِ... ۽ ”مرده گهر“.
ڪم جي گهڻائي ۽ ذهني ٿڪ سبب دوستووسڪي ناچاڪ ٿي پيو ته ڊاڪٽرن جي مشوري سان روس مان نڪري پهريون ڀيرو سياحت جي لاءِ فرانس، انگلستان، سوئيٽزر لينڊ ۽ اٽليءَ جي سير ۽ سياحت لاءِ روانو ٿيو. يورپ جي سفر تان موٽيو ته نئون رسالو’دور‘ نالي سان جاري ڪيائين.
’زير زمين ماڻهوءَ جون يادگيريون‘ نالي واري سندس مشهور تصنيف، ان ئي اخبار ۾ قسط وار شايع ٿيندي هئي ۽ اِهو ئي اُهو زمانو آهي، جڏهن هن جي زال سخت بيمار ٿي پيئي ۽ ٽي بيءَ وگهي نيٺ گذاري ويئي. ڪجهه مهينن جي وقفي کان پوءِ اتفاق سان، دوستووسڪيءَ جو اُهو ڀاءُ، جيڪو کيس اخبار ”دور“ هلائڻ جي سلسلي ۾ هٿ - همراهي ڪرائيندو هو، اُهو به گذاري ويو. انهن ٻنهي صدمن جو اثر اِهو ٿيو ته ’دور‘ اخبار بند ٿي وئي ۽ دل برداشته دوستووسڪي هڪ دفعو ٻيهر يورپ ڏانهن روانو ٿي ويو. اُتان واپس موٽيو، ته هاڻي دوستووسڪيءَ آڏو نوان مسئلا کڙا هئا ۽ نوان امتحان اِتي هن لاءِ منتظر هئا.
هڪ پبلشر سان هڪڙي مقرر مدت اندرناول لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين ۽ ان لاءِ ناشر پاران اِهو شرط رکيو ويو، ته طئه ٿيل وقت اندر جيڪڏهن ناول لکي نه ڏيئي سگهيو ۽ واعدي جي خلاف ورزي ڪيائين، ته ليکڪ جا سڀ حق واسطا، بنا ڪنهن معاوضي جي پبلشر ڏانهن منتقل ٿي ويندا. عجب اتفاق ... وقت تيزيءَ سان گذري ويو ۽ ناشر کي وقت سـِـر ناول نه لکي ڏيڻ سبب، دوستووسڪي شرط هارائي ويٺو.
ڪنهن دوست صلاح ڏنس، ته قلم ڪاڳر کڻي لکڻ ڏانهن تنهنجو روح نه ٿو ٿئي ته ... ڳالهائي ...ناول لکراءِ. دوستووسڪيءَ کي اِها صلاح پسند آئي ۽ ان لاءِ هن پيشي ور لکندڙ عورت، ويهه ساله ’آننا سنتڪا‘ جون خدمتون حاصل ڪيون. ناول لکجڻ ڇا شروع ٿيو، ناول پوري لکجڻ کان پهرين ئي ٻنهي جي وچ ۾ عشق ٿي ويو ۽ نتيجو اُن جو هي نڪتو جو ويهن ورهين جي آننا ۽ پنجيتاليهن ورهين واري مرگهيءَ ورتل دوستووسڪيءَ جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
ناول ’جواري‘ ۽ ’جرم ۽ سزا‘ دوستووسڪيءَ جا اهڙا ناول آهن، جيڪي هن ڳالهائي لکرايا آهن ۽ انهن ناولن کان پوءِ ’ايڊَيٽ‘ ۽ ’بدروح‘ نالن وارا ناول پڌرا ٿيا، ته سندس شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان عرصي دوران هو روس جي مشهور رسالي ’شهري‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ سندس مشهور ڪتاب: ’اديب جو روزنامچو‘ قسط وار اُن رسالي ۾ شايع ٿيڻ لڳو.
وقت تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو ۽ وڌندڙ ڄمار ۽ ناچاڪيءَ مان وقت ڪڍي، نهايت تيزيءَ سان هن پنهنجو آخري ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ لکڻ شروع ڪيو. ناول مڪمل ٿي جڏهن شايع ٿيو، ته تمام گهڻو ساراهيو ويو. خود دستووسڪيءَ به پنهنجي اِن ناول کي پنهنجو ”بهترين ڪم“ سڏيو آهي.
ان ناول بابت پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي دوستووسڪيءَ هڪ خط ۾ لکيو ته: “هـِـن ئي ناول سبب دنيا ۾ جي منهنجو نالو رهيو، ته رهندو، نه ته باقي مون کي پنهنجي ڪنهن ٻئي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اميد ڪانهي.
هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ دوستووسڪيءَ اٽڪل سٺ ورهين جي ڄمار ۾ لکي پورو ڪيو هو، ۽ هي ناول سندس لکيل سڀني ناولن ۾ طويل ترين (ضخيم ترين) ناول سمجهيو ويندو آهي. ناول جو هيرو ’اليوشا‘ روسي قوم، روسي مذهب ۽ مذهبيت جو اعليٰ ترين پرچارڪ ڪردار آهي، جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن سان بي پناهه پيار ۽ سچو لڳاءُ آهي. ناول اندر جنهن فلسفياڻي انداز سان دوستووسڪيءَ پاڻ کي اظهاريو آهي، ان مان ظاهر ٿئي پيو ته ليکڪ، ’بغاوت‘، ’انڪار‘ ۽ ’شڪ‘ جي سڀني منزلن ۽ مرحلن کان واقف ۽ روحاني منزلون ماڻي ورتل تخليقڪار هو. اهو ئي سبب هو، جو هي ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ يا سندس ٻيون تصنيفون، علم، اخلاق، فلسفي ۽ مذهب جي نقطي نظر کان، دنيا جي ادب ۾ اعليٰ پائي جون لکڻيون سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي محض عام قصا ۽ ڪهاڻيون سمجهڻ بدران، اُنهن کي، آفاقي ڪتابن ۾ آيل اُپديشن وانگر اهم سمجهيو ويندو آهي.
حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن دوران، دوستووسڪيءَ کي، روسي قوم وٽان اُن تقرير تي به بي پناهه داد مليو، جيڪا هـُـن عظيم روسي شاعر پـُـشڪن جي مجسمي جي مهورت وقت ڪئي هئي.
1881ع ڌاري، جڏهن دوستووسڪيءَ جي ڄمار سٺ ورهيه هئي ۽ هـُـن جي صحت بلڪل جواب ڏيئي چڪي هئي ۽ هن جي ڦڦڙن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، تڏهن دنيا جي هن عظيم ترين ناول نگار، آخر اِن مرض وگهي ئي هن دنيا منجهان لاڏاڻو ڪيو.(1)

** * *

روسي ٻوليءَ ۾ لکيل، فيودور دوستووسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ پهريون ڀيرو انگريزي ٻوليءَ ۾، جنهن مترجم، ترجمو ڪيو هو، اُن جو نالو هو: Constance Garnett. ناول جو نالو، جيئنءَ، دوستووسڪي روسي ٻوليءَ ۾ تجويز ڪيو هو، ناول جي پهرين انگريز مترجم، اُن کي انگريزيءَ ۾ به اُوئين ئي برقرار رکيو.Brothers Karamazov
بعد ۾ هي ناول، دنيا جي جنهن جنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، هر مترجم اُن جو نالو اِهوئي تجويز ڪيو. تازو اردو ٻوليءَ ۾ هيءُ ناول، ’برادرز ڪرامازوف‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، ۽ ان ئي عنوان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي لحاظ کان آسان لفظن ۾ ’ڪرامازوف ڀائر‘ ترجمو ٿيو.

[ن – م]

(1) دوستووسڪيءَ بابت مٿيون سوانحي خاڪو، مون نامور اردو ليکڪ، محمد سليم الرحمان جي، مٿس لکيل پروفائيل جي آڌار تي جوڙيو آهي. (ن.م)