باب ٽيون: جذباتي دل جي قبوليت (شعر ۾)
پر اُتي ئي کيس هڪ ٻئي قسم جي پريشاني ٿي ۽ اُن کيس گهڻو پريشان ڪيو. ڇو ته هـُـن اَڃا ڪوبه اهڙو فيصلو ڪونه ڪيو هو. اِهو خوف کيس ڪيٽرينا ايونونا کان هو، جنهن پنهنجي هڪ نوٽ ۾، جو مئڊم هولاڪوف جي ذريعي پهچايو ويو هو، منٿ ڪئي هئي، ته ساڻس ڪنهن ڳالهه بابت اَچي ملي. اُن منٿ ۽ اوڏانهن وڃڻ جي ضرورت، سندس دل ۾ هڪدم بي آراميءَ جو احساس پيدا ڪيو. صبح کان اِها بي تابي هن کي بي حد تڪليف ڏئي رهي هئي. جيتوڻيڪ مڙهيءَ ۾ فادر سپيرئر وٽ عجيب واقعو به ٿي گذريو هو. هـُـو ان ڪري پريشان نه هو، ته ڪو کيس اِها خبر نه هئي، ته هوءَ ڪهڙي ڳالهه بابت گفتگو ڪندي ۽ هـُـو ان جو ڪهڙو جواب ڏيندو؟ نه وري کيس هن ڳالهه جو خيال هو، ته هوءَ عورت آهي. عورتن جي کيس بلڪل ٿوري ڄاڻ هئي، جيتوڻيڪ خانقاه ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هن ننڍپڻ کان وٺي سڄي عمر عورتن سان ئي گذاري هئي. کيس ڪيٽرينا ايونونا کان وري به خوف پئي ٿيو. اُن وقت کان وٺي، جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو هئائين، خوف کائيندو ٿي رهيو. کيس ٻه يا ٽي ڀيرا ڏٺو هئائين ۽ کيس ساڻس ڳالهائڻ جو تمام ٿورو موقعو مليو هو. هـُـن کي هن حسين، مغرور ۽ هٺيلي ڇوڪري ٿي سمجهيو. سندس اِها خوبصورتي نه هئي جا کيس ستائي رهي هئي، پر اَڃا به ٻيو ڪجهه هو. سندس اِهو خوف خطرو خود سندس ئي انديشي کي وڌائي رهيو هو. ڇوڪريءَ جو مقصد بلند تر هو، جنهن کان هو واقف به هو. هوءَ سندس ڀاءُ دمتريءَ کي پنهنجي دريا دليءَ جي باعث بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ هـُـو ساڻس بـُـريءَ طرح پيش اَچي چڪو هو، تنهن هوندي به جيتوڻيڪ اليوشا اهڙن عمدن ۽ خراج دل جذبن کي چڱيءَ ريت محسوس ٿي ڪيو، تڏهن به جيئن جيئن هـُـو سندس گهر کي ويجهو پهچي رهيو هو، ته سندس بدن مان سيسراٽ ٿي اُڀريا.
هـُـن خيال ڪيو ته ايون، جو سندس دلي دوست آهي، سو اُتي ڪونه هوندو، ڇو ته هـُـو پڪ سان هن وقت پيءُ سان ئي هوندو. دمتريءَ بابت ته کيس پڪ هئي، ته هو ڪنهن به دليل کان سواءِ اُتي ڪونه هوندو. اُن ڪري ڪيٽرينا سان جا گفتگو ٿيندي، سا بلڪل اَڪيلائيءَ ۾ ئي ٿيندي. کيس اِها ڏاڍي خواهش هئي، ته اُن نڀاڳي ملاقات کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ سان جيڪر وڃي ملي. کيس خط ڏيکارڻ کان سواءِ ئي، اُن بابت ساڻس ڳالهائي، پر دمتري اُن جاءِ کان پري ٿي رهيو ۽ هـُـن سمجهيو ٿي ته هـُـو پنهنجي گهر کان به پري نڪري ويندو. هڪ منٽ لاءِ ترسي، هن آخري فيصلو ڪيو. پاڻ کي جلدي ۽ ساڳئي ئي طريقي سان رد ڪد ڏيندي، مشڪندي، هـُـو اُن خطرناڪ عورت جي طرف مـُـڙي هلڻ لڳو.
هن کي سندس گهر جي خبر هئي. هـُـو جيڪڏهن شاهي رستو وٺي بازار کان ڦرندو، ته کيس ڪافي ڊگهو مفاصلو لتاڙڻو پوندو. هـُـن اُنڪري پٺئين رستي کان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي کيس پوري ڄاڻ هئي. کيس هڪ اهڙي باغ مان گذرڻو پيو، جو سندس پيءُ جي باغ سان لڳو لڳ هو. باغ جي ڀرسان پهچڻ وقت هـُـن پنهنجو مٿو مٿي کنيو، جو خيالن پچائڻ وقت جـُـهڪي ويو هئس. هـُـن اُتي اوچتو هڪ اهڙي شيءِ ڏٺي، جنهن جي کيس بلڪل اُميد ڪانه هئي.
باغ جي هڪ ڏاڪي جي مٿان، دمتري ڪنهن شيءِ تي چڙهي نـِـوڙيو بيٺو هو. هـُـو ڏانهس هٿن جا زور سان اشارا ڪري رهيو هو. هـُـن ڪجهه به نه ٿي ڳالهايو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هـُـن کي خوف پئي ٿيو ته ڪو کيس ٻـُـڌي نه وٺي. اِليوشا اُن طرف ڊوڙي ويو.
”چڱو ٿيو، جو تو ڏسي ورتو. مان ته توکي بلڪل واڪو ڪري سڏڻ وارو هوس.“ مـِـتيا خوشيءَ مان ڀڻڪو ڪيو. ”هيڏانهن چڙهي اَچ. ڪهڙو نه سـُـٺو، جو تون هيڏانهن آيو آهين! مان اجهو، بنهه هينئر تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“
اليوشا پڻ گدگد پئي ٿيو. هـُـو منجهي پيو، ته ڏاڪي تان ڪيئن ٽپو ڏئي. متيا پنهنجو طاقت ڀريو هٿ سندس ٺونٺ هيٺان ڏئي، کيس ٽپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اليوشا پنهنجي چوغي کي ورائي، اُگهاڙين ٽنگن تي زور ڏئي ڦڙتيءَ سان اندر ٽپو ڏنو.
”شاباس! هاڻي هليو اَچ” مـِـتيا خوشيءَ ۾ ڀرجي، سرگوشي ڪئي.
”ڪاڏي؟“ اليوشا به آهستي ڀڻڪو ڪيو. هن پاڻ کي هڪ ويران باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻيو ڪوبه سندس ويجهو ڪونه هو. باغ ننڍو هو، پر منجهس هڪ گهر ٺهيل هو، سو اَڃا پنجاهه کن قدم پري هو.
”هتي ته ڪوبه ڪونه آهي، تون هوريان ڇو ٿو ڳالهائين؟“ کيس اليوشا چيو.
”مان ڇو آهستي ڳالهايان، هي شرارت سمجهه!؟“ دمتري ڏاڍيان ڳالهايو. ”ڏسين نه ٿو ته انسان جو ڪم ڪٿي وڃي پهتو آهي. مان هت لڪو ويٺو آهيان ۽ چوڪسي به منهنجي مٿان. اِهو توکي مان پوءِ سمجهائيندس پر ڳجهه ڳوهه ۾. مان به هڪ بيوقوف وانگر ٿو سـُـس پـُـس ڪريان، جڏهن اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي. اَچ ته هلون. هوڏانهن تيستائين ماٺ ڪر. مان توکي چمي ڏيڻ گهران ٿو.“
هنن جملن ۾ خدا جي ئي تعريف آهي،
خدا جو شان مون ۾ آهي .......
”تنهنجي اَچڻ کان اڳ ۾، مان، هن نغمي کي، هتي ويهي ٿي دهرايو.“
باغ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ هو. اُن ۾ وڻ فقط لوڙهي جي چئن پاسن کان پوکيل هئا. اُهي صوف، صندل ۽ بيد جا وڻ هئا. باغ جو وچون حصو خالي هو، جوگاهه جي لاءِ هو، جنهن مان ڪيئي هنڊرويٽ تور سڪل گاهه اونهاري ۾ ميسر ٿيندو ٿي رهيو. باغ اونهاري ۾ ٿورن روبلن تي ٺيڪي ۾ ڏنو ٿي ويو. هنن کانسواءِ راسبيري ۽ انگور فرنگي پڻ ججها موجود هئا. گهر جي ڀرسان، رڌڻي جي ويجهو پڻ ننڍڙو باغ، جو بعد ۾ پوکيو ويو هو.
دمتري ڀاءُ کي باغ جي گوشائتي حصي ۾ وٺي ويو. اُتي ليمن جي گهاٽن جهڳٽن اندر ڪيترن ئي ورهين جو ڊٺل ۽ اونداهو گهر موجود هو، جو پراڻن وڻن ۽ بنفشي جي ولين ۾ ڍڪيل هو، جي وڻ ۽ وليون، برفباري جي ڪري، ڪٿي ڪٿي، ســُـڪي ۽ سڙي ويا هئا، مگر گهر جي چوڌاري پوءِ به ساوڪ هئي. اُن گهر جون ڀتيون ڄاريدار هيون ۽ اُنهن جي مٿان اَڃا ڇت موجود هئي، جا ڇانوَ ڏئي ٿي سگهي. خدا بهتر ٿو ڄاڻي، ته اِهو گرميءَ جو گهر ڪڏهن ٺهي راس ٿيو هو. هڪ روايت موجب، هيءُ گهر هڪ پينشن ورتل ڪرنل وان شمت ٺهرايو هو، جنهن جو قبضو اُن وقت سندس هٿ ۾ هو. هيءُ سڄو گهر هاڻي زوال پذير هو. فرش خراب ٿي ويو هو، تختا ڍلا ٿي ويا هئا ۽ ڪاٺ جي جـُـڙيل شين مان بدبوءِ ٿي آئي. ان گرميءَ جي گهر ۾ سائي رنگ جي هڪ ڪاٺ جي ميز زمين ۾ کتل هئي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه پراڻي قسم جون بينچون پيل هيون، جي اَڃا ويهڻ جي لائق هيون. اليوشا کي ڀاءُ جي خوشيءَ ۽ شادماني جي اَندازي لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. مـَـنـَـههَ ۾ گهڙندي هن ڏٺو ته برانڊيءَ جي اَڌ بوتل ۽ شراب جو پيالو ميز تي رکيل هو.
”هيءَ برانڊي آهي؟“ مـِـتيا هي ٻـُـڌي کليو. مان تنهنجي منهن مان ئي سمجهي ورتو هو، ته هيءُ وري پيئي ٿو!
”وهمي صورت تي اعتبار نه ڪر. بيوقوف ۽ ڪوڙن انسانن ڏي ڪن نه ڏي. پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي وساري ڇڏ. مان پيان ته نه ٿو، پر هن سان پنهنجي دل جمعي ڪريان ٿو، جيئن تنهنجو احمق ريڪٽن ٿو چوي. هڪ ڏينهن هو ملڪي صلاحڪار ٿيندو ۽ هميشه لطف اندوزيءَ جون ئي ڳالهيون ڪندو رهندو. ويهي رهه. اليوشا، مان توکي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺڻ گهران ٿو. مان توکي سيني سان لڳائي، ايترو ته زور ڏيڻ گهران ٿو، جو تون پيهاٽجي وڃين. ڇاڪاڻ ته هن سڄيءَ دنيا ۾، حقيقت ۾ - حقيقت ۾، مان ڪنهن کي به نه، پر توکي پيار ڪريان ٿو. هي آخري لفظ هن ڪجهه وڏائيءَ ۽ فخر سان چيا.
”ٻئي ڪنهن سان نه، پر توسان ۽ هڪ سفيد پٿر سان، پنهنجي برباديءَ لاءِ محبت جو سودو ڪيو اٿم، پر ڪنهن سان محبت ڪرڻ جو مطلب هيءُ نه آهي ته مان اُن کي پيار ڪريان. تون ڪنهن عورت سان محبت ڪندو هجين، پر اُن هوندي به کيس ڌڪار ڪري سگهين ٿو. هن کي ياد رک. مان اُن جو اَڃا به مزي سان ذڪر ڪري سگهان ٿو. هت ميز جي ڀرسان ويهه ۽ مان تنهنجي ڀرسان ويهي توکي نهاريندس. تون ڳالهائيندو وڃ. جڏهن تون خاموش ٿيندين ته مان ڳالهائڻ شروع ڪندس. ڇاڪاڻ ته اُن جو وقت آيو آهي، پر ڪنهن بدناميءَ جي ڪري، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو، چڱو ٿيندو، ته هوريان ڳالهايان. ڇاڪاڻ ته هتي - هتي - تون اُهو ٻڌائي نه سگهندين، جو ڪن غور سان ٻڌڻ چاهين ٿا. مان سڀ ڪنهن ڳالهه جي تشريح ڪندس، جيئن چون ٿا - ڪهاڻي مسلسل هوندي. مون تولاءِ ڇو انتظار ٿي ڪيو؟ ۽ ڇو مان تنهنجي لاءِ هيترا ڏينهن اٻاڻڪو بڻيو رهيس ۽ هاڻي به (مون کي پنج ڏينهن ٿيا آهن، جو مان هتي لنگر هنيو آهي.) ڇاڪاڻ ته اُهو فقط تون آهين، جنهن کي مان سڀڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون کي ضرور - ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي گهرج ٿي محسوس ڪئي. مان سڀاڻي ڪڪرن ڏانهن اُڏري ويندس. ڇاڪاڻ ته سڀاڻي حياتي پوري ٿي، وري شروع ٿيندي. ڪڏهن ايئن محسوس ڪيو اَٿئي يا خواب ۾ ڏٺو اَٿئي ته هڪ ماڻهو، مٿاهينءَ کان وڃي کڏ ۾ هيٺ ڪريو هجي. مون کي ڪوبه خوف نه آهي. توکي به ڊڄڻ نه گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي خوف ٿئي ٿو، پر مان ته اُن کي پنهنجي لاءِ رهاڻ ٿو سمجهان. هيءَ تفريح نه آهي، پر صحيح طور تي وجداني ڪيفيت آهي. هن کي کڏ ۾ وجهينس، جو ڪجهه به آهي! روح قوي روح ضعيف، روح زنانو، جو ڪجهه به هجي. اَچ ته فطرت جي ساراهه ڪريون. ڏس ته سج ڪيئن نه چمڪي ٿو، آسمان ڪيڏو نه صاف آهي. وڻن جا پن ڪيڏا نه ساوا آهن ۽ گرميءَ جي موسم حقيقي معنيٰ ۾ آهي. چار لڳا آهن ۽ ڪيڏي نه راحت آهي. پر تون ڪيڏانهن ٿي وئين؟“
”والد جي گهر ٿي ويس، پر پهريائين ارادو ڪئٽرينا ايوانونا ڏي وڃڻ جو هئم.“
”ڪئٽرينا ۽ پيءُ جي گهر ڏانهن! او، ڪهڙو نه عجيب اتفاق آهي. مان ڇو ٿي تنهنجي لاءِ ايڏي تڙپ محسوس ڪئي؟ ڇو توکي، پيءُ ۽ هن ڪيٽرينا ايوانونا ڏي موڪليان؟ انهيءَ لاءِ ته تون ساڻن منهنجي ڪم کي پورو ڪرين. پر اُن لاءِ ته ڪنهن فرشتي کي موڪلڻ کپندو هو. مان جيڪر ڪنهن ٻئي کي موڪليان ها، پر مون کي فرشتو ئي موڪلڻ گهرجي. مان ڏسان ٿو ته تون پاڻ، پيءُ ۽ هـُـن کي ڏسڻ لاءِ وڃين ٿو.“
”ڇا سچ پچ تون مون کي، اُنهن ڏانهن موڪلڻ ٿي گهريو؟“ اليوشا نهايت ڏکويل لهجي ۾ چيو.
”ترس! تو هيءُ ڄاڻين ٿو! مان ڏسان ٿو، ته تون سڄي معاملي کي هڪدم سمجهين سگهين ٿو. ٿوري وقت لاءِ خاموش رهه. ايتري دلسوزي نه ڪر ۽ نه وري لـُـڙڪن کي هار.
دمتري فيودور پاولووچ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو. جيئن ته پنهنجي پيشانيءَ تي سندس آڱر رکيل هئي، اِنهيءَ حالت ۾ گهڙي کن گهري خيال ۾ گم ٿي ويو، ۽ پوءِ چيائين ته:
”هن توکي دعوت ڏني آهي ۽ تو ڏي خط به لکيو آهي. اُن جي دعوت جي ڪري ئي اُن ڏانهن ٿو وڃين. جيڪڏهن هوءَ توکي دعوت نه ڏئي ها ته شايد اُن ڏانهن نه وڃين ها.“
”اِجهو، هيءَ اُن جي تحرير آهي،“ اليوشا پنهنجي کيسي مان پني کي ٻاهر ڪڍيو. مـِـتيا تڪڙ ۾ اُن کي ڏسي ورتو.“
”تون شايد پٺئين رستي کان ٿي وئين. مان خدا جو شڪر اَدا ڪريان، جنهن توکي پٺئين رستي کان آندو. تون مون وٽ اِيئن پهتو آهين، جيئن آکاڻيءَ ۾ سوني مڇي مهاڻي وٽ پهتي هئي. ڌيان سان ٻڌ اليوشا، منهنجا ڀاءُ! ڌيان سان ٻـُـڌ! هاڻي منهنجو مطلب آهي، ته توکي سڀ ڪجهه ٻـُـڌايان، ڇو ته مون کي اِهو سڀڪجهه، ڪنهن کي ضرور ٻـُـڌائڻ گهرجي. آسماني فرشتي کي ته مون سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيو آهي، پر مان زمين جي فرشتي کي به ٻڌائڻ گهران ٿو. تون ئي هن زمين تي فرشتو آهين. تون ٻـُـڌ ۽ منصف ٿي ۽ پوءِ مون کي بخشي ڇڏ. مون کي اِهوئي ته کپي ٿو، ته مون کان ڪو مٿي درجي وارو مون کي معاف ڪري ڇڏي. ٻـُـڌ، جيڪڏهن ٻه ماڻهو زمين تان سڀ ڪجهه ڇڏي ڪنهن اَڻ ڄاتل مقام ڏي اُڏامي وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهو، اُڏرڻ يا برباد ٿيڻ کان اڳ، ڪنهن اوپري وٽ اَچي ۽ کيس چوي ته، هيءُ منهنجي لاءِ ڪر - يعني اُها مهرباني، جنهن کي ماڻهو فقط موت لاءِ چاهي ٿو - ڇا هيءُ ٿي سگهي ٿو ته سندس دوست يا ڀاءُ، جو به هجي، سندس درخواست کان انڪار ڪري؟“
”مان اُهو ڪندس، پر جلدي ٻڌاءِ ته اُهو ڇا آهي؟“ اليوشا چيو.
”مـِـتيا ٿوري وقت لاءِ خيالن ۾ ٻـُـڌي ويو. هن ٺونٺ ٽيبل تي رکي ۽ مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهليو. ٻئي خاموش هئا.
”اليوشا“ مـِـتيا چيو ”پڪ اٿم ته تون ئي مون تي نه کلندين. مان شروع ڪريان ٿو ۽ پنهنجي قبوليت ڏيڻ گهران ٿو. شلرجي خوشيءَ جي گيت سان (ANDIE FREUDE) مون کي جرمن زبان نه ايندي آهي. مان فقط اِهو ڄاڻان ٿو، ته هن کي اِها زبان سڏيو ويندو آهي. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو بڪواس ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته مون شراب پيتو آهي. مان ٿورو به نشي ۾ نه آهيان. برانڊي بهرحال ٺيڪ آهي، پر مان جيستائين شراب جون ٻه بوتلون نه پيئندو آهيان، تيستائين مون کي نشو ڪونه ٿيندو آهي.
بـهـادر پـنـهـنـجـي گـلابي چهري سان
پنهنجي هڪ ڪرندڙ گڏهه جي مٿان
مون هڪ بوتل جي چوٿين حصي کان مٿي نه پيتو آهي،اُنڪري مان بهادر ته نه آهيان، جيتوڻيڪ مان ڪافي مضبوط آهيان. مون هڪ ڀيرو فيصلو ڪيو آهي، جو هميشه لاءِ هوندو. هن ايهام ۽ تجنيس کان، جو توسان ڳالهائي رهيو آهيان، مون کي معاف ڪر. توکي اُنهن سڀني کي معاف ڪرڻو پوندو، جي تجنيس ۽ ايهام، اڄ مان ڳالهائي رهيو آهيان. بي آرام نه ٿي. مان لاٽونءَ وانگر ڳالهه کي ڦيرايان، گهيرايان نه ٿو. مان هوش سان ڳالهايان ٿو. مان هڪ منٽ ۾، اصلي ڳالهه تي ڳالهائڻ وارو آهيان. مان توکي وڌيڪ وقت انتظار ۾ نه رکندس. ترس ۽ ڏس ته ڪيئن ٿو اهو معاملو بڻجي.“
هن پنهنجي مٿي کي کنيو، ٿوري وقت لاءِ خيال ڪيائين، اُن کان پوءِ گوڙ ۽ پريشانيءَ ۾ سوچڻ لڳو:
”غار ۾ ويهندڙ، وحشي ۽ خوفائتو، پٿريلي ۽ عريان غار ۾ وڃي لڪو. بي گهر ۽ آوارا، ويران پر زرخيز ميدانن ۾ رلندو رهيو. تير ۽ نيزي سان مسلح، جهنگ ۾ شڪاري ترسيو. افسوس آهي اُن غريب ۽ بدقسمت انسانن تي، جي اُن خطرناڪ موجن جي ڪناري تي ترسيا.
آلمپس جي مٿاهين چوٽين تان ماءُ سيرس هيٺ لهي آئي ۽ اُن مهيب ملڪ جي حصي ۾ پنهنجي وڃايل ڌيءَ ’پراسرپائين‘ کي ڳوليندي رهي. پر ديويءَ کي ڪوبه پناهه گاهه نه مليو. نه وري اُتي ڪنهن کيس مرحبا ئي چئي. نه وري اُتي ڪو اهڙو مندر هو، جو ديوتائن جي عبادت جو شاهد بڻجي.
ٻنين مان ۽ انگور جي کيتن مان ڪوبه ميوو حاصل ٿي نه سگهيو، جو جيڪر دعوت کي سينگاري ها. تنها قربانين جي بقايا کي قربان گاهه وٽ ساڙيو وڃي ٿو ۽ جتي غمزده ديوي، پنهنجي غمناڪ نگاهن سان نهاريندي، پنهنجي انتهائي بدناميءَ ۾ غرق ٿي وڃي ٿي ۽ شرمساريءَ کان سواءِ انسان، جتي ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڏسي.“
مـِـتيا اوچتو سـُـڏڪن ۾ پئجي ويو ۽ اليوشا جو کڻي هٿ جهليائين.
”منهنجا پيارا، منهنجا پيارا، ذلت ۾، هاڻي ذلت ۾ پڻ، هن زمين تي، انسان کي هولناڪ تڪليفون سهڻيون آهن. هولناڪ تڪليفن جو ڪافي اندازو توکي ايئن نه سمجهڻ گهرجي، ته مان عملدار جي لباس ۾ بي رحم حيوان آهيان. مان غلاظت ۽ شراب خوريءَ ۾ مست آهيان. مان ٻيءَ ڳالهه جي لاءِ ٿورو سوچيندو آهيان، پر ذلت ڀري انسان لاءِ - جيڪڏهن مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ته - مان خدا کان دعا گهران ٿو، ته مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ۽ وري لاف زني ئي ڪريان ٿو. مان اهڙي ماڻهوءَ لاءِ خيال ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ اِهڙو ماڻهو آهيان.
ڇا، هـُـو پنهنجي روح کي پستيءَ کان کڻي،
روشني ۽ عزت ڏي ويندو.
هن کي موٽڻ گهرجي ۽ هميشه لاءِ،
پنهنجي قديم ماءُ، يعني زمين کي چنبڙي پوي.
مگر سوال هيءُ آهي ته ڪهڙيءَ ريت، هن زمين سان جاوداني عهد کي مضبوط ڪريان؟ مان اُن جي سيني کي ته ڀاڪر ۾ وٺي نه ٿو سگهان. ڇا مون کي ڌنار يا ڪڙمي ٿيڻو آهي. مان هلندو رهان ٿو، پر هيءَ خبر نه اٿم ته شرمساري ڏي وڃي رهيو آهيان يا روشني ۽ مسرت ڏي. اِهائي ته پريشاني آهي، ڇاڪاڻ ته سڀڪو دنيا ۾ ڇاڻيءَ ۾ پيو ٿو ڇڻجي!
مان اتفاقاََ جڏهن بدترين ذلت ۾ وڃي غرق ٿيندو آهيان ( ” اهو هميشه ٿيندو رهندو آهي)، مان هميشه ’سيرس ۽ انسان‘ جو نظم پڙهندو آهيان. اُن مون ۾ ڪا اصلاح آندي؟ ڪڏهن به نه، ڇو ته مان ڪرامازوف آهيان. جڏهن مان ڪنهن کڏ ۾ ٽپو ڏيان ٿو، ته منهنجو مٿو هيٺ ۽ پير مٿي آهن ۽ مان ان ۾ ذليل نموني ڪرڻ تي خوش آهيان ۽ فخر اٿم. هن ذلت جي گهرائيءَ ۾ حمد جا گيت ٿو ڳايان. مان ڀل قصوروار هجان، ڀل مان ڪميڻو ۽ بزدل هجان، مون کي فقط اُن سنجاف کي چمڻ ڏيو، جنهن جي نقاب اندر منهنجو خدا لڪل آهي. جيڪڏهن مان شيطان جي تابعداري ڪندو هجان، پر خدا! مان تنهنجو ئي آهيان. او مالڪ، مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ مان اُن خوشيءَ کي محسوس ڪريان ٿو، جنهن کان سواءِ دنيا قائم رهي نه ٿي سگهي!
روح جي لاءِ جاوداني خوشي،
جهان جي موجودات، خوشي ٿي بخشي.
اسرار جي شعلن سان رلمل ٿي،
زندگي جي پيالي کي نور ۾ غرق ٿي ڪري.
سبزه کي زمين مان پيدا ٿي ڪري
اونداهيءَ مان سج جو وجود ٿو پيدا ٿئي.
اُن جي نور کي لامحدود فضا جي مملڪت ۾ ڀري ٿو،
جنهن کي داناءَ جي نگاهه سمجهي نه ٿي سگهي.
فطرت جي سخي ۽ پـُـرجلال سيني کان،
سڀئي ساهه واريون شيون خوشيءَ کي حاصل ڪنديون رهن.
سڀئي سندس پٺ وٺن ٿا، جيڏانهن هو کين وٺي وڃي.
پوءِ اُهي پکي آهن، يا جانور آهن يا چرندڙ شيون.
سندس انعام آهي، تڪليف ۾ ماڻهن جو دوست بڻجڻ،
پوءِ اُهو گلن جو هار آهي يا جهڳ وارو شراب.
فرشتن جي لاءِ - خدا جي تخت جا رويا،
جيتن جي لاءِ - جنسي لذت.
بس، هيءَ شاعري بس آهي. منهنجي اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا آهن. ڇڏ ته مان دانهون ڪريان. ممڪن آهي ته ماڻهو منهنجي هن حماقت تي کلن پر تون ڪانه کلندين. تنهنجون اکيون چمڪي رهيون آهن. منهنجي شاعري ختم ٿي. مان هاڻي توکي جيتن لاءِ ٻڌائڻ گهران ٿو، جن کي خدا جنسي لذت بخشي آهي.
جيتن کي - جنسي لذت.
مان اهوئي جيت آهيان ڀاءُ، ۽ اِهو خاص منهنجي لاءِ ئي چيو ويو آهي. اسان سڀئي ڪرامازوف، اهڙائي جيت آهيون ۽ نه فرشتا، جيئن تون آهين. اِهڙي جيت کان ته تون به خالي نه آهين ۽ اِهو تنهنجي خون ۾ به طوفان پيدا ڪندو. طوفان! ڇو ته نفساني خواهش طوفان ئي آهي - طوفان کان به بدتر! حسن هولناڪ ۽ هيبت ناڪ شيءِ آهي ! اِهو مهيب، هن ڪري آهي، ڇو ته اُن کي ڪابه گهرائي ڪانه آهي ۽ گهرائي ٿي به ڪانه سگهندس، ڇو ته خدا اسان کي معمائن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. اِتي ئي حدون اَچي ملن ٿيون ۽ سمورا اختلاف گڏوگڏ موجود آهن. ڀاءُ! مان مهذب ماڻهو ڪونه آهيان پر مان اُن بابت گهڻو غور ۽ ويچار ڪيو آهي. اِهو ڪيترو نه ڀيانڪ آهي جو هت ڳجهه ۽ اسرار آهن. حد کان گهڻيون ڳجهارتون، جيڪي انسان کي زمين تي ڪيرائيندڙ آهن. اسان کان جيترو ٿي سگهي ته اُنهن کي حل ڪريون ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي کل کي پاڻيءَ کان پري رکون. مان اِهو ڪڏهن به قبول ڪري نٿو سگهان ته جنهن ماڻهوءَ جو قلب پاڪ ۽ هوش سالم هجي، پهريائين پاڪائيءَ کي حضرت بي بي مريم ۾ ڏسي ۽ پوءِ اُن جا خيال سودوم(1) وٽ وڃي پڄاڻي ڪن. هن کان وڌيڪ خطرناڪ هيءُ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ سودوم جا خيال ڦرندا هجن، اُهو ڪهڙيءَ ريت حضرت بي بي مريم جي خيالن کي پنهنجو بڻائي سگهي ٿو؟ هنن خيالن سان سندس قلب پيو جلندو. جيئن جواني ۽ معصوميت جي وقت ۾ ٿئي ٿو. هائو ماڻهو وسيع آهي ۽ نهايت وسيع. مان هن کي تنگ تر ڏسڻ گهران ٿو. شيطان ئي فقط ڄاڻي ٿو، ته اُن مان ڇا حاصل ڪجي؟ دل کي ڪهڙي شيءِ شرمسار ڪري ٿي، اُها حسن آهي، ۽ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ دل جي لاءِ نه آهي. غلاظت ۾ به خوبصورتي آهي. تون هن ڳالهه تي يقين ڪر ته انسانيت جي بيحد گندي ڍير ۾ به خوبصورتي ملي ٿي. تون اِهو ڳجهه ڄاڻين ٿو؟ ڀوائتي ڳالهه ته اِها آهي، ته حسن - جهڙو لڪل راز آهي، اهڙو خطرناڪ به آهي. خدا ۽ شيطان، اِتي ئي ته مقابلو ڪن ٿا ۽ انسان جي دل اُن جي حملي جو ميدان آهي. پر انسان فقط پنهنجي ئي مصيبت تي ڳوڙها ٿو هاري. چڱو ٻـُـڌ ته حقيقت ڇا آهي؟“
____________
(1) سودوم، قديم فلسطين جو شهر، جو نهايت بدنام هو. مٿس آسمان کان باهه وسي برباد ٿي ويو.