ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ٻيو: پوڙهو مسخرو

هـُـو سڀئي هڪ ئي وقت ڪمري ۾ داخل ٿيا، ۽ هوڏانهن مربي، اُن ئي گهڙي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري کان اندر لنگهي آيو. ڪوٺڙيءَ ۾ اڳيئي ٻه راهب مربيءَ جي انتظار ۾ ويٺل هئا: اُنهن مان هڪڙو فادر لئبررين هو ۽ ٻيو فادر پيسي، جن مان فادر پيسي هڪ عالم ۽ ڪامل شخص هو. هـُـو جيتوڻيڪ ضعيف ٿي لڳو، مگر پوڙهو نه هو. هڪ ٻيو ماڻهو به اُتي موجود هو. هـُـو قدآور ۽ اَٽڪل ايڪيهن سالن جو ٿي لڳو. هـُـو ملاقات دوران هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو رهيو. کـُـليل ۽ ٻهڪندڙ چهرو، چالاڪ، فڪر مند ۽ ننڍڙين اکين وارو ٿي لڳو. معمولي لباس پهريل هئس. سندس پرورش خانقاه جي ذمي هئي. هـُـو مذهبي سائنس جو طالب علم هو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪنهن به شبهي کان خالي هو، جنهن مان ڀـَـل مانسائي ۽ شرافت پئي ظاهر ٿي. هـُـن مهمانن جو، نه ته ڪو احترام بجا آندو ۽ نه وري نوڙي ڪو سلام ڪيو. اِهو شايد اِن ڪري هو، جو سندس حيثيت، هڪ ماتحت ۽ محتاج واري هئي ۽ ٻين سان ڪابه برابري رکندڙ نه هو.
فادر زوسيما، هڪ نئين راهب ۽ اليوشا سان گڏ هو. اُهي ٻئي اُٿي بيٺا ۽ نهايت اَدب ۽ احترام سان نـِـوڙي سلام ڪيائون. اُن کان پوءِ ٻنهي آڱرين سان زمين کي ڇـُـهي، سندس هٿ چميائون. مربي به ساڳي ئي تعظيم ۽ تڪريم جو اظهار ڪيو ۽ کين گهڻيون ئي دُعائون ڪيائون. اِها سموري رسم نهايت سنجيدگيءَ سان ٿي گـُـذري، جنهن مان هڪ اهڙي جذبات ٿي ڏٺي جا عام رواجي رسمن ۾ ڪانه ڏسبي آهي. موسيوف جو خيال هو، ته اُن کي ڄاڻي واڻي مؤثر بڻايو ويو هو. هـُـو سڀني مهمانن جي اڳيان اَچي بيٺو. موسيوف اڳئين شام، هن ڳالهه جو ذڪر ڪري چـُـڪو هو، ته کيس مربيءَ جون دعائون وٺڻيون ئي پونديون، ڇو ته اِها اُتان جي رسم هئي، پوءِ کڻي هـُـو هٿ نه به چمي. پر جڏهن هـُـن ڏٺو ته پادري سندس اڳيان جهڪي رهيا آهن ۽ هٿ چمي رهيا آهن تڏهن، هـُـن جي دل ۾ هڪدم ڦيرو اَچي ويو. هـُـو شانائتي نموني، سنجيدگيءَ ۽ نهايت ئي خلوص سان وڃي هن جي اڳيان رسمي طور جهڪيو ۽ ڪـُـرسيءَ کان سري پاسي ٿيو. فيودور پاولووچ پڻ موسيوف جي ڀولڙي وانگر پيروي ڪئي. اِيون نهايت ئي شاندار ۽ مروت سان جهـُـڪيو، پر سندس هـَـٿ پٺيان ئي رهيا. ڪلگنوف ته ايترو وائڙو ٿي ويو هو، جو کانئس سر نوائڻ ئي وسري ويو. مربي دعا لاءِ جي هٿ کنيا هئا، سي هيٺ لاهي ڇڏيا. هڪ ڀيرو وري سڀني جي اڳيان هـُـن جهڪڻ کان پوءِ کين ويهڻ جو اشارو ڪيو. اِليوشا جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا. کيس گهڻي پريشاني ٿيڻ لڳي. سندس اڳڪٿي صحيح نڪري رهي هئي.
فادر زوسيما، هڪ پراڻي فيشن واري ڪوچ تي، جو چمڙي سان ڍڪيل هو، تنهن تي ٺهي ويٺو ۽ ٻين سڀني کي سامهون ڀت سان پيل بدزيبي چمڙي سان ٺهيل چار ڪرسيون پيش ڪيون ويون. راهبن مان هڪ در وٽ ٿي ويٺو ۽ ٻيو وري دريءَ وٽ. مذهبي طالب علم، نوان راهب ۽ اِليوشا بيٺا ئي رهيا. ڪوٺڙي ڪا وڏي به ڪانه هئي، نهايت خسته حالت ۾ بي رنگي ٿي لڳي. منجهس ضروري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پيل ڪونه هو. سامان پڻ نهايت ئي غليظ ۽ رَدي قسم جو هو. دريءَ ۾ گـُـلن جون ڪونڊيون رکيل هيون، ۽ ڪنڊ ۾ ڪيتريون ئي بي ترتيب مقدس تصويرون پيل هيون. اُنهن جي اڳيان (حضرت) بي بي مريم جي تصوير رکيل هئي، جنهن جي سامهون بتي ٻـَـري رهي هئي. اُن جي ڀرسان ئي ٻه ٻيون مقدس تصويرون، عمدي نموني سان سينگاريل، لـَـٽڪي رهيون هيون. هنن کان پوءِ ڪن فرشتن جون نقش ڪيل صورتون هيون، چيني ڪـُـڪڙ جا بيضا هئا ۽ عاج جو ڪئٿولڪ صليب هو، جنهن کي ماسٽر ڊولور سيا، ڀاڪر پايون بيٺو هو. انهن کان سواءِ ڪيتريون ڀـَـرت ڀريل شيون رکيل هيون، جن کي اڳين اٽلي جي صنعتڪارن بڻايو هو. اِنهن قيمتي ۽ فني شاهڪارن کان سواءِ ڪيترائي نقش هئا، جن ۾ درويش ۽ شهيد ڏيکاريل هئا، پر هي معمولي قسم جا نقش هئا، جي عام طرح ميلن ۾ وڪامندا آهن. ٻي ديوار تي روس جي اڳين ۽ پوين پادرين جون تصويرون ٽنگيل هيون.
موسيوف اُن روايتي سجاوٽ تي سرسري نظر وڌي ۽ اُن سان گڏ مربيءَ تي به کيس پنهنجي لاءِ، نهايت ئي بلند خيال هو، اُها ڪمزوري جا معاف ڪري نه ٿي سگهجي. هـُـو پنجاهه سالن جو هو - اِها عمر اُها آهي، جنهن ۾هڪ جهانديدو، چالاڪ ماڻهو ۽ هڪ خاص حيثيت جو مالڪ، مشڪل سان سنجيدگي اختيار ڪندو آهي. شروع ۾ زوسيما کيس پسند ڪونه آيو. مربيءَ جو چهرو، سچ پچ ته اهڙو هيو جو موسيوف ته ڇڏيو، پر ڪيترن ئي اُن کي شايد پسند نه به ڪيو هجي. هو قد جو بندرو ۽ ڪمزور ٽنگن وارو ٿي لڳو. هـُـو پنجهٺ ورهين جو هو، پر عمر ۾ اَڃا به اُن کان ڪي قدر وڏو ٿي ڏٺو. سندس چهرو سوڙهو ۽ گهنجن سان سڄو جهنجهيل هو. گهنج خاص طرح سندس اکين جي چوڌاري پکڙيل هئا. سندن اکيون ننڍيون، سفيد پر تيز ۽ ٻن نقطن وانگر چمڪنديون رهيون. سندس ٻنهي ڪلهن تي سفيد وار ٿي لـَـڙڪيا. سندس نوڪدار ڏاڙهي ٿوري ۽ ننڍڙي هئي. سندس چـَـپ، جي هر هر کـِـلڻ تي ٿي کـُـليا، سي ڏاڍا سهڻا هئا، جهڙا ٻه ڌاڳا. سندس نڪ اُوچو نه هو، پر پکيءَ جي چهنب وانگر تيز ٿي ڏٺو.
موسيوف پاڻ سان ڀڻڪيو:
”اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماڻهو بدخواهه ۽ اَجائي گهمنڊ وارو ٿو نظر اَچي.“
هن کيس بنهه ناپسند ٿي ڪيو.
ڀت تي جو سـَـستي رقم جو گهڙيال لڳل هو، تنهن تڪڙا تڪڙا ٻارنهن وڄايا ۽ گفتگوءَ جي شروع ٿيڻ جو اعلان ڏنو.
فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو ته:
”اسان جو وقت ٿي ويو آهي، پر منهنجي پـُـٽ دمتري جو ته ڪو به نشان ڪونه آهي. مقدس پيءُ! مان اُن لاءِ شرمسار آهيان.“
اِليوشا، مـُـقدس پيءُ تي هڪدم ڇرڪ ڀريو.
”مان ايترو ته وقت جو پابند آهيان، جو منٽ منٽ جو خيال ڪندو آهيان، وقت جي پابندي، اَميرن جو شانُ آهي.“ هـُـو چوندو ويو.
”پر تون ته ڪنهن به طرح اَمير ڪونه آهين.“ موسيوف پاڻ کي روڪڻ کان سواءِ چئي ويٺو.
”اِهو سچ آهي ته مان اَمير نه آهيان، پر پيٽراليگزينڊروچ، جي تون اعتبار ڪرين، ته اِهو مون به ڄاتو ٿي، پر مان هميشه غلط ئي ڳالهائيندو آهيان، دوست!“
اُن کان پوءِ زوسيما ڏي منهن ڪري نهايت اَثر واري آواز ۾ چيو ته:
”اي مقدس انسان! اوهان جي سامهون هي مسخرو بيٺو آهي. مان خود هيءَ اعتراف ٿو ڪريان، ته اها منهنجي پراڻي عادت آهي. مان پاڻ کي هميشه ايئن ئي پيش ڪندو آهيان. افسوس! پر جيڪڏهن مان ڪنهن وقت احمقانه ڳالهائيندو آهيان ته اُهو مقصد کان خالي نه هوندو آهي. مقصد ماڻهن کي وندرائڻ ئي هوندو اٿم ۽ پاڻ کي پسند ڪرائڻ. سڀ ڪنهن کي خوشگوار ۽ پسنديده ئي بڻجڻ گهرجي. ڪيئن؟“
اٽڪل سـَـت سال اڳ، مان هڪ شهر ۾، ڪنهن ڌنڌي جي سلسلي ۾ رهندو هوس. اُتي ڪي واپاري منهنجا دوست بڻجي ويا. اُتي پوليس جي هڪ وڏي آفيسر وٽ ڪنهن ڪم سانگي وياسون. ڪم کان سواءِ، کيس کاڌي جي دعوت به ڏيڻي هئي. هـُـو قدرآور، ٿلهو، شڪيل، ترش رُو ۽ مذاقيه ڳالهين کي ناپسند ڪندڙ هو.هـُـو وڏي دل ۽ جگر وارو مڙس هو. مان سـِـڌو وٽس لنگهي ويس. نهايت ئي آرام ۽ اطمينان سان، جيئن دنيا جو طريقو ٿئي ٿو، کيس چيم، ”مسٽر اسپروفنڪ! اوهان اسان جو نئپروفنڪ ٿيندا؟“ هن غصي مان چيو ته ”ڇا ٿو چئين، سپروفنڪ مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ مان پهرئين اَڌ سيڪنڊ ۾ محسوس ڪيو، ته وارو پوري نشان تي ڪونه ويٺو آهي. هـُـو خار مان اُٿي بيٺو. ”مون ته اوهان سان مذاق ٿي ڪيو.“ سمجهائيندي چيومانس ”عام طرح تفريح جي لاءِ، جيئن مسٽر نئپروفنڪ روس جي مشهور سازندي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، اِهڙيءَ ريت اسان هم آهنگي جي لاءِ اوهان کي ساز جو رهبر سمجهي پيروي ڪنداسون. مون ٻنهي جي ڀيٽ نهايت ئي عمدن لفظن ۾ ڪئي. ڪيئن ايئن آهي نه؟
”معاف ڪجو!“ هن چيو ”مان اسپروفنڪ ته آهيان پر پنهنجي نالي سان هن قسم جو ابهام مون کي ڪين وڻندو آهي. هـُـو پٺي ڏئي هليو ويو. مان رڙيون ڪندو، سندس پٺيان ويس.
”هائو، هائو، اوهان اسپروفنڪ آهيو، نه نئپروفنڪ!“
”پر جيئن ته تو مون کي نئپروفنڪ سڏيو آهي، انڪري تنهنجو ڪجهه به نه مڃيندس.“
”اوهان کي شايد يقين نه اَچي، انڪري اَسان کي ڌنڌي ۾ سخت نقصان سـَـهڻو پيو. مان هميشه ايئن ئي ايئن آهيان. مان پنهنجي نرميءَ سان پاڻ کي هميشه نقصان پهچائيندو رهيو آهيان. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، هڪ ڀيري مان هڪ هلنديءَ پڄنديءَ واري صاحب کي چيو ”اوهان جي زال ڏاڍي ڪتڪائي رکندڙ آهي.“ مون هي سڀ ڪجهه اخلاقي حدن کي خيال ۾ رکي، نهايت ئي احترام سان چيو هو. هـُـو بگڙجي پيو ۽ پڇيائين ته ”پر تو هـُـن کي ڪتڪائي ڪئي ڇو هئي؟“ مان هن چوڻ کان رهي نه سگهيس ته، ”اِيئن برابر آهي“. هـُـن مون کي اُتي جو اُتي ڪتڪائي ڪرائي. هن ڳالهه کي جيئن ته ڪافي عرصو گذري چـُـڪو آهي، اِنڪري مون کي اهو ٻڌائيندي شرم ڪونه ٿو ٿئي، مون پاڻ کي اهڙيءَ ريت، هميشه پئي نقصان رسايو آهي.“
موسيوف بـَـڙ بـَـڙ ڪري کيس چوڻ لڳو ته، ”هاڻي به تون ايئن ئي ڪرڻ گهرين ٿو“. فادر زوسيما ٻنهي کي خاموش مگر غور سان ڏٺو.
”سچ پچ، اعتبار ڪندين! مون اِهو ڄاتو پئي. پيٽر اليگزينڊروچ! مون اڳ ۾ ئي اِن جو اَندازو لڳايو هو. مون جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته اِها پـَـڪ هئي، ته تون ئي اُهو پهريون هوندين، جو اُن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندين. مان جيڪڏهن ڪوبه مذاق نه ٿو ڪريان ته منهنجا دوست، هن وقت مان ايئن محسوس ٿو ڪريان، ته منهنجا ٻئي ڳل، ٻنهي ڏاٺن ڏانهن ڄڻ ته ڇڪجي آيا آهن. بلڪ ايئن سمجهه ته بلڪل سيٽجي ويا آهن. ننڍپڻ کان وٺي منهنجي اِها عادت رهي آهي. معزز گهراڻن ۾ رهندي به مان چرچا گهٻا ڪندو رهيو آهيان. مان بلڪل پراڻو پاپي آهيان. عزت ڀريا سائين! مان ڄمڻ کان وٺي اُن جي پٺيان ديوانو ۽ مست آهيان. مان جرئت سان چوان ٿو ته منهنجي اندر ۾ شيطان جو واسو آهي، پر آهي ننڍڙو! هن کان جيڪڏهن ٻيو ڪو وڏو هجي ها، ته اُهو شايد ٻئي هنڌ پنهنجي جاءِ جوڙي ها. پيٽر اليگزينڊروچ! متان ڪو خيال ٿئي، ته اِهو ڪو تنهنجو روح آهي. تنهنجو روح ته ٻنهي ۾ رهڻ جي لائق نه آهي، پر مان مڃان ٿو، مان خدا کي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ اڳي مون کي اُن ۾ شڪ هو، پر هاڻي مان ويهي انتظار سان دانائيءَ جون ڳالهيون ٻـُـڌڻ ٿو گهران، فلسفي ڊڊراٽ وانگر. مقدس پيءُ، اوهان ٻڌو آهي، ته ڪيئن راڻي ڪئٿرائين جي زماني ۾ ڊڊراٽ، ميٽروپوليٽن پليٽو کي ڏسڻ لاءِ ويو هو. سڌوئي سڌو وڃي اُتي پهتو ۽ چيائين، ”خدا ڪونه آهي.“ تنهن تي وڏي پادريءَ آڱر کڻي چيو ته ”احمق ئي پنهنجي دل ۾ چوندو آهي ته خدا ڪونه آهي.“ اُتي جو اُتي هـُـو سندس پيرن تي ڪـِـري پيو. هـُـن رڙ ڪري چيو ته ”مان مڃان ٿو ۽ مان عيسائي ٿيندس.“ اهڙي ريت هـُـو عيسائي بڻيو. شهزادي دشڪاف سندس دين جي ماءُ بڻي ۽ پوٽيومڪين سندس ويٽ جو پيءُ.
موسيوف ڏاڍي تحمل سان پنهنجي ڪاوڙ تي قبضو ٿي ڪيو. لرزندڙ آواز ۾ چيائين، ”فيودور پاولوچ! اِهو سهڻ کان ٻاهر آهي، ته تون سڀ ڪجهه ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. اِها حقيقت نه آهي، ته تون واهيات قصا ويٺو ڪرين. تو بيوقوفن واري روش ڇو اختيار ڪئي آهي؟“
”سڄي حياتي اُن تي شڪ ڪندو رهيس ته اِهو سچ نه آهي“. فيودور پاولوچ بلڪل ڪامل يقين سان چيو. ”پر سائين مان توهان کي سچي ۽ صحيح حقيقت ٿو ٻـُـڌايان. عظيم مربي! مون کي معاف ڪجو. ڊڊراٽ جي عيسائي ٿيڻ متعلق جيڪا مون پوئين ڳالهه ٻـُـڌائي آهي، اُها اِجهو هينئر گهـَـڙي اٿم. مون اُتي پهريائين ئي غور ئي نه ڪيو هو. مون اِها، ان ڪري گهڙي آهي ته جيئن تـُـرشي ۾ ڪجهه اضافو ٿئي. پيٽر اليگزينڊرووچ، مان بيوقوف اِنڪري بڻجي رهيو آهيان جيئن تون پسنديده بڻجين. مان جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ڪندو آهيان، ته آخر مان اِهو سڀ ڪجهه ڇا لاءِ ڪري رهيو آهيان. مان گهٽ ۾ گهٽ ويهارو ڀيرا، پنهنجي جواني ۾، شريفن کان ايترو ضرور ٻـُـڌي چـُـڪو آهيان، ته ’بيوقوف پنهنجيءَ دل مان ڳالهايو آهي.‘ مان اِهو قصو تنهنجي چاچي کان ٻـُـڌو آهي. اُنهن کي اَڃا تائين اِهو يقين آهي ته ملحد ڊڊراٽ، خدا متعلق ميٽروپوليٽن ۾ پلاٽن سان بحث ۽ تڪرار ڪيو هو.“
موسيوف بي صبريءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺو ۽ اُٿي کڙو ٿيو. هـُـو نهايت غضبناڪ ٿي لڳو. پاڻ کي کلڻ هاب بڻائڻ کان بلڪل احتياط ڪري رهيو هو.
زوسيما جي حـُـجري ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو هو، سو وسهڻ جوڳو نه هو. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان، اڳين مربـُـين جي زماني کان وٺي، ڪوبه ملاقاتي اُتي اهڙو ڪونه آيو هو، جنهن کي دل ۾ عميق ۽ گهـَـري عقيدت نه هجي! اَڪثر ڪري جنهن کي به حجري ۾ اَچڻ جي اجازت هوندي هئي، سو ايئن ئي محسوس ڪندو هو، ته مٿس تمام گهڻي مهرباني ڪئي وئي آهي. اُنهن مان ڪيترائي ملاقاتي گوڏن ڀر ويٺا هوندا هئا. اُنهن ملاقات ڪندڙن ۾ ڪيتريون ته اعليٰ مرتبي واريون ۽ پڙهيل ڳڙهيل شخصيتون به هونديون هيون. اُنهن ۾ آزاد خيال ماڻهو به هوندا هئا، جي محض تعجب ۽ حيرت مان ڇڪجي ايندا هئا. اُهي پنهنجي ڪمال عزت ۽ نفاست جو اظهار نهايت خوبصورت لفظن ۾ ڪندا هئا. هتي پيسي پنجڙ جو ته ڪو سوال ئي نه هو، پر اُن جي برعڪس هڪ طرف محبت ۽ همدردي هئي، ته ٻي طرف روحانيت جي مسئلن يا نازڪ معاملن کي حل ڪرڻ جي خواهش يا آرزومندي. اِنڪري هن قسم جي هلت ڏسي، ڪيترن کي ته سچ پچ عجب ۽ حيرت ٿي وٺي وئي. راهبن جي چهرن تي ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه پيدا ٿيو هو. هــُـو هـِـن ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳا، ته آخر مربي ڇا ٿو فرمائي؟ پر هـُـو به موسيوف وانگر بلڪل اُٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا. اِليوشا ڪنڌ نوائي بيٺو هو. سندس اکين ۾ ڳوڙها تـَـري آيا هئا. کيس جنهن ڳالهه تي وڌيڪ عجب لڳو، سا اِها هئي، ته سندس ڀاءُ ايون، جنهن ۾ ئي هن کي اُميد هئي ۽ جو اَڪيلو پنهنجي پيءُ تي اَثر وجهي ٿي سگهيو، سو بلڪل اکيون هيٺ ڪيو، خاموش ۽ ساڪت ويٺو رهيو. ڄڻ ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي، ته اِهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ٿو ختم ٿئي. ظاهري طرح ايئن ٿي معلوم ٿيو ته سندس هنن ڳالهين سان ڪوبه واسطو نه آهي. ريڪٽن، جو مذهبي علم جو طالب هو، ۽ جنهن کي اِليوشا چڱيءَ ريت ڄاڻندو، تنهن ڏانهن ڏسڻ جي ته همٿ ئي ڪانه پئي ٿيس. خانقاه ۾ هـُـو ئي اَڪيلو هو، جو ريڪٽن جي خيالن کان واقف هو.
”مون کي معاف ڪجو“، موسيوف، فادر زوسيما کي مخاطب ڪندي چيو. ”مون خوامخواه هن شرمناڪ ۽ احمقاڻي روش ۾ حصو ورتو آهي. مون کان واقعي اِها غلطي ٿي آهي. مان ايئن ٿي سمجهيو، ته پاولووچ جهڙو ماڻهو سمجهي سگهندو، ته هڪ معزز شخصيت جي ملاقات ڪرڻ مان ڇا مطلب آهي؟ مان نه ٿي سمجهيو، ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ اَچڻ ڪري، مون کي ڪا معافي به وٺڻي پوندي.“ پيٽر اليگزينڊرووچ، هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به چئي نه سگهيو ۽ حجري کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ڏٺو. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ آهي.
”پاڻ کي تڪليف نه ڏيو“، مربي پنهنجي ڪمزور ٽنگن تي بيهي رهيو ۽ پيٽر اليگزينڊرووچ جي ٻنهي هٿن کي پڪڙي، کيس وري ويهڻ لاءِ چيائين. پاڻ کي ايترو پريشان نه ڪريو. مان اوهان کي خاص طرح چوان ٿو، ته منهنجا مهمان ٿيڻ قبول ڪيو“ هـُـو ڪنڌ نمائي وري وڃي پنهنجي صوفي تي ويٺو.
”عظيم مربي، ٻڌايو ته ڇا مان اوهان کي پنهنجي زندهه دليءَ جي باعث ڏکويو آهي؟“ پاولووچ رڙ ڪري چيو ۽ ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهن کي اهڙي نموني جهلي چڙهي ويهي رهيو، ته جي موافق جواب نه هوندو ته هـُـو بنهه اُڇل سان ٽـَـپو ڏيندو.
”مان اوهان کي پڻ خلوص دل سان عرض ڪريان ٿو ته پاڻ کي پريشان نه ڪيو ۽ اطمينان رکو“. مربي نهايت موثر انداز ۾ چيو. ”پاڻ کي هلاڪ نه ڪريو، اِن کان سواءِ اوهان شرمندا نه ٿيو، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي.“

”بلڪل آرام سان“، اِها منهنجي فطري عادت آهي. گهڻو ٿي چـُـڪو، گهڻو ٿي چـُـڪو، پر مان اُن کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ٿو ڪريان. محترم! اوهان کي شايد خبر نه آهي، ته منهنجي فطرت کي نه ڇيڙيو وڃي ۽ پاڻ کي ڦـَـڏي ۾ نه وڌو وڃي. مان پاڻ کي ايترو ظاهر نه ڪندس، جيترو آهيان. مان اوهان کي اوهان جي ڀلي خاطر خبردار ڪري رهيو آهيان، باقي سڀ ڪجهه اَڃا شڪ ۽ شبهي جي ڪارن ڪڪرن ۾ ڍڪيل آهي، جنهن کي ٻيا منهنجي متعلق اوهان کي ٻـُـڌائيندا. منهنجو مطلب پيٽر اليگزينڊرووچ سان آهي، مگر اي پاڪ نفس! مان اوهان کي ايترو ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته مان بلڪل وجد ۾ اَچي ويو آهيان.“
هـُـو اُٿي بيٺو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هوا ۾ اُڀا ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته، ”مبارڪ آهي اُهو پيٽ! جنهن اوهان کي ڄـَـڻيو آهي ۽ اُها ڇاتي، جنهن اوهان کي کير پياريو. جڏهن مون ڇاتيءَ جي ڳالهه ڪئي، ته توهان کي شرمائڻ نه گهرجي، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي، ته توهان سچ پچ سـِـڌو سـَـنواٽو منهنجيءَ دل جي گهرائين کي ڇهـُـيو آهي، مان جڏهن به ماڻهن سان مليو آهيان تڏهن پاڻ کي اُنهن کان گهٽ ئي محسوس ڪيو اٿم. هنن وري مون کي مسخرو سمجهيو آهي، اِنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه پنهنجي مسخرائپ ڏيکاريان. مان اوهان جي راءِ کان گهٻرايان ڪونه ٿو، ڇاڪاڻ ته توهان يا توهان مان ڪوبه مون کان بهتر نه آهي. اِهوئي سبب آهي، جو مان مسخرو آهيان. اِهو سڀ شرم وچان آهي. عظيم مربي! شرم وچان منهنجو فسادي هئڻ اِن ڪري آهي، جو مان بيحد حساس آهيان. مون کي جيڪڏهن اِها پـَـڪ هجي ها، ته مون کي هرڪو مهربان ۽ سياڻن ماڻهن مان سمجهي ٿو، ته اي خدا! مان ڪيترو نه بهتر ماڻهو هجان ها، بهترين ڄاڻو.“
هـُـو هڪدم گوڏن ڀـر ڪـِـري پيو، ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جو هڪ اَبدي حياتي نصيب ٿئي؟“
اِهو نهايت مشڪل ٿي لڳو، ته اِن ڳالهه جو فيصلو ڪري سگهجي، ته هـُـو اَڃا تائين به چرچو ڪري رهيو هو يا سچ پچ متاثر ٿيو هو.
فادر زوسيما اکيون مٿي کنيون ۽ اُن ڏانهن نهاري مشڪندي چيائين ته، ”توکي گهڻو اڳي اِهو سڀ ڪجهه معلوم آهي، ته توکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توکي ڪافي عقل ۽ سمجهه آهي. توکي ايترو شراب پيئڻ نه گهرجي، نفس پرستيءَ جي نه فقط گفتگوءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، بلڪه اُن کان دور به رهڻ گهرجي. انهن سڀني کان اهم هيءُ آهي ته پيسي جي محبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پنهنجا شراب خانا بند ڪري ڇڏ. جيڪڏهن سڀ نه ٿو بند ڪري سگهين، ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ته بند ڪرڻ گهرجن، ۽ اِن کان سواءِ ڪوڙ نه ڳالهاءِ“.
”اوهان جو مطلب ڊڊراٽ سان آهي؟“
”نه ڊڊراٽ جي متعلق ڪو نه ٿو چوان. سڀ کان مکيه ڳالهه اِها آهي ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ. اُهو ماڻهو، جو پاڻ سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پنهنجي اندر ڪوڙ جي پرورش ٿو ڪري، اُهو هڪ اهڙي منزل تي پهچي ٿو، جو سچ سندس باطن ۾ ۽ ارگرد موجود آهي، اُن ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي. جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو سندس وقار نه فقط ٻين جي آڏو ڪـِـري ٿو پوي پر پنهنجين نگاهن ۾ به. وٽس جيئن ته عزت جو خيال نه ٿو رهي، اُنڪري ان مان پيار ۽ سـِـڪ جو جذبو به ختم ٿيو وڃي. اُن خال کي ڀرڻ لاءِ هـُـو پوءِ گهٻراهٽ، شهواني خيالن ۽ ناشائسته لذتن کي جڳهه ٿو ڏئي. حيوانيت جهڙين بدڪارين ۾ غرق ٿي ٿو وڃي. نتيجو اِهو ٿو نڪري جو هـُـو ٻين وٽ کلڻ هاب ٿو بڻجي. جيڪو ماڻهو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو، اُهو ٻين کان وڌيڪ پاڻ کي سولائيءَ سان تڪليف ٿو ڏئي. توکي اِها ته خبر آهي، ته گناهه ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندڙ ٿو ٿئي. ڪيئن ايئن نه؟ ماڻهوءَ کي پڪ هئڻ کپي، ته سندس بي عزتي ڪنهن به نه ڪئي آهي، پر جنهن ماڻهوءَ خود بي عزتي کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ مبالغي کي ڏاڍو دلفريب ۽ دلڪش بڻايو آهي، هڪ لفظ کي ورتو ۽ اُن کي داستان ڪري ٻـُـڌايو - هـُـو اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر اڳرائي به پاڻ ڪري ٿو ۽ اُن مان دل کولي تيستائين لطف ۽ مزو وٺي ٿو، جيستائين هـُـو پنهنجي بغض ۽ ڪيني کي ظاهر نه ٿو ڪري. منهنجو عرض آهي، ته پنهنجي جاءِ کان اُٿو ۽ ويهي رهو، جيتوڻيڪ اِها به هڪ فريبي چال آهي.“
”اي برڪت ڀريا سائين! پنهنجا هٿ وڌايو، ته مان اُنهن کي چـُـمان.“
فيودور پاولووچ بنهه اُڇل ڏئي اُٿيو ۽ مربيءَ جي ضعيف هٿن کي تيزيءَ سان چمي ڏنائين: ”سچ آهي، اِهو سچ آهي، ته گناهه ۾ ڏاڍي لذت آهي. ڪيڏي نه لاجواب ڳالهه ڪئي اَٿوَ. ڄڻ ته مون اڳ ٻـُـڌوئي نه آهي. سچ آهي ته مان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ گناهه ئي ڪندو رهيو آهيان. رڳو پنهنجي خاطر - مون گناهه فقط سندس حسن ۽ جمال جي باعث ئي پئي ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته اِهو ڪڏهن ڪڏهن ايترو وڻندڙ ڪونه ٿو ٿئي، جيترو بي عزت ٿيڻ ممتاز آهي. رهنما! تو اِهو وساري ڇڏيو آهي، ته اِهو ڪيترو نه بلند به ٿئي ٿو! مان اُن کي پاڻ وٽ يادگيري طور محفوظ رکندس، پر مان ڪوڙو آهيان. مون يقيناً سڄي حياتي ڪوڙ پئي ڳالهايو آهي. اُن جو هرهڪ ڏينهن ۽ هر ڏينهن جو هر هڪ ڪلاڪ، سچ کان وڌيڪ ڪوڙ سان ڀريل آهي. ڪوڙ جو به پيءُ آهيان، جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي، ته مان ڪوڙ جو پيءُ ڪونه آهيان. مان پنهنجي اصلي مقصد کي منجهائي رهيو آهيان. ايترو ڪافي آهي، جيڪڏهن چئو ته مان ڪوڙ جو پـُـٽ آهيان. منهنجا فرشتا! مان نه رڳو وقتي ڊڊراٽ جي متعلق ڳالهائيندو هوس. ڊڊراٽ ڪوبه نقصان پهچائي نه ٿو سگهي. جيتوڻيڪ ڪنهن به وقت هڪ لفظ به نقصان پهچائي سگهي ٿو، اُن کي ڇڏيو.
اي عظيم رهنما! مون کان جيتوڻيڪ وسري ٿي ويو، پر مان سالن کان خيال ڪري رهيو هوس ته توهان کان اَچي ڪجهه پڇان. توهان مهرباني ڪري صرف پيٽر اليگزينڊرووچ کي منع ڪيو، ته هو وچ ۾ دخل نه ڏئي. ڳالهه هيئن آهي ته اِهو سچ آهي يا نه، ته دُرويش جي حياتيءَ ۾ اِها ڳالهه لکيل آهي ڇا، ته هڪ مقدس درويش کي سندس اعتقاد جي ڪري ماريو ويو هو؟ جڏهن سندس سر وڍيو ويو، ته هـُـن اُٿي، اُن کي کنيو ۽ اُن کي خوش اخلاقيءَ سان چمي، هٿن ۾ کڻي هليو ويو.
”سائين اِهو سچ آهي يا نه؟“
”نه اِهو سچ نه آهي“. مربيءَ جواب ڏنو.
”سڀني درويشن جي حياتيءَ ۾ ڪو به اهڙي قسم جو ذڪر ڪونه آيل آهي. اهو ذڪر ڪهڙي درويش بابت ڪيو وڃي ٿو؟“ فادر لئبررين چيو.
”مون کي درويش جي ته خبر نه آهي. مون کي ڪا به خبر نه آهي ۽ نه وري مان ٻـُـڌائي سگهندس. مون کي ٺڳيو ويو آهي. مون کي اِها ڳالهه ٻـُـڌائي وئي هئي. توهان کي اها خبر آهي ته اِها ڪنهن ٻڌائي هئي؟ پيٽر اليگزبذرووچ موسيوف! جنهن کي ٿورو اڳ ۾، ڊڊراٽ جي ڳالهه تي بيحد غصو آيو هو. اِهو ئي آهي، جنهن اِهو سڀ ڪجهه مون کي ٻـُـڌايو هو.“
”مون توکي اِها ڳالهه ڪڏهن به نه ٻـُـڌائي هئي. مون ته توسان ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي.“
”ايئن برابر آهي ته تو اِها ڳالهه مون سان ڪانه ڪئي هئي، پر اُن وقت جڏهن تو اِها حقيقت ڪئي هئي، ته مان به موجود هوس. اِها ٽن سالن جي ڳالهه آهي. مون اِن جو ذڪر هتي اِن لاءِ ڪيو آهي، جو اُن بيهوديءَ ڳالهه منهنجي ايمان ۾ خلل پيدا ڪيو آهي. اليگزينڊرووچ! توکي اُن جي خبر ڪانه پئي؟ مگر مان جڏهن واپس وريس، تڏهن منهنجي اعتقاد کي صدمو پهچي چـُـڪو هو ۽ اُن وقت کان برابر اِهي صدما کائي رهيو آهيان. پيٽراليگزينڊرووچ، سچ پچ ته تون هن تباهيءَ جو وڏو ڪارڻ آهين ۽ ڊڊراٽ اِن جو ذميدار نه آهي.“
فيودور پاولووچ نهايت غصي ۾ ۽ مايوس پڻ ٿي لڳو. سندس هلت مان جيتوڻيڪ اِهو صاف ظاهر هو، ته هـُـو وري پنهنجو ڪردار اَدا ڪري رهيو آهي.
”مون کي تنهنجي ايمان جي ڪابه پرواهه ڪانه آهي،“ هـُـو رڙ ڪرڻ تي هو، پر پاڻ کي هڪدم سنڀالي نهايت نفرت سان چيائين ته، ” تو هر اُن شيءِ کي، جنهن کي ڇهـُـيو آهي، تنهن کي گندو ۽ ناپاڪ بڻايو آهي.“
مربي اَچانڪ اُٿي بيٺو، ”مون کي معاف ڪجو عزيزو! جو مان اوهان کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏي ٿو وڃان.“ مهمانن ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”ڪي ملاقاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، جي اوهان کان اڳڀرو آيا آهن، پر تو سڀ ڪجهه ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.“ خوش طبعيءَ مان فيودور پاولووچ ڏانهن منهن ڪري چيائين.
هـُـو ڪوٺڙي مان ٻاهر نڪري ويو. اليوشا ۽ راهب ڏاڪڻ کان هيٺ تائين سندس همرڪابي ڪئي. اِليوشا بلڪل دم بخود هو. هـُـو خوش هو ته اُن ماحول کان ٻاهر نڪري آيو هو. هـُـو، اِهو ڏسي به خوش هو ته سندس مربي خوش مزاج ٿي ڏٺو ۽ آزردگيءَ جو ڪو به نشان سندس چهري تي ڪونه هو. فادر زوسيما ڇپري جي طرف وڃي رهيو هو، ته جيئن اُنهن ماڻهن کي وڃي دعا ڪري، جي سندس انتظار ڪري رهيا هئا. فيودور پاولووچ، پنهنجيءَ جاءِ تي کيس حجري جي در وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
”مقدس شخصيت“، جذبي ۽ ايثار مان چيائين، ”اجازت ڏيو، ته مان اوهان جي هٿن کي هڪ دفعو وري چمي ڏيان. سچ آهي، ته مان اوهان سان اَڃا ڳالهائي سگهان ٿو ۽ اوهان سان نباهي به سگهان ٿو. ڇا اوهان اِهو سمجهو ٿا ته مان هميشه ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان ۽ پاڻ کي احمق ثابت ڪندوآهيان؟ يقين ڪريو، ته هيءُ سڀ ڪجهه جو مون پئي ڪيو آهي، اوهان کي محض آزمائڻ جي خاطر هو. مون سمورو وقت اوهان جي آزمائش ٿي ورتي، ته ڏسان ته مان اوهان سان هلي به سگهان ٿو يا نه؟ اوهان جي خودداريءَ سان گڏ، منهنجي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ کي به ڪا جڳهه ملي سگهي ٿي يا نه؟ مان هن ڳالهه جي بلڪل تصديق ڏئي سگهان ٿو، ته اوهان سان ڪوبه گذاري سگهي ٿو، پر هاڻي مان بلڪل خاموش رهندس. مان سمورو وقت خاموش رهندس. مان ڪرسيءَ تي ويهي، پنهنجي زبان کي قبضي ۾ رکندس. پيٽر اليگزينڊرووچ! هاڻي تنهنجي ڳالهائڻ جو وارو آهي. تون ئي هت مکيه ماڻهو آهين، پر ڏهن منٽن لاءِ.“