باب ستون: نوجوان جو معاش ڏانهن وڃڻ
”وڃ، منهنجا پيارا تون وڃ! اِها مشڪل منهنجي لاءِ ڪافي آهي. جلدي ڪر، هـُـتي تنهنجي ضرورت آهي. وڃ ۽ وڃي فادر سپيرئر جي ٽيبل تي ويهه“.
”مون کي هت ترسڻ ڏيو“، اليوشا التجا ڪئي.
”تنهنجي هـُـتي وڌيڪ ضرورت آهي. هـُـتي اَمن ۽ اَمان ڪونه آهي. تون هـُـتي هوندين، ته ڪنهن ڪم اَچي سگهندين. جيڪڏهن بـَـديءَ جو روح پيدا ٿئي، ته دعا گهرجانءِ ۽ اِهو ياد رک منهنجا پـُـٽ ته آئينده لاءِ هيءَ تنهنجي جاءِ نه آهي. جڏهن مان هتان خدا جي مرضيءَ سان هليو ويندس، ته خانقاه ڇڏي ڏِجانءِ ۽ هميشه لاءِ هليو وڃجانءِ.“
اليوشا تي وحشت ڇانئجي وئي.
”اِهو ڇا آهي؟“ في الحال تنهنجي جاءِ، هيءَ نه آهي. مان توکي هن دنيا ۾ عظيم فرض کي اَدا ڪرڻ جي دعا ڪريان ٿو. تنهنجي حياتيءَ جو وڏو سفر ٿيندو. تون شادي پڻ ڪندين. هيءُ سڀ ڪجهه نڀائڻ کان پوءِ تون هـِـتي ايندين. هـُـتي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر مون کي تو ۾ شڪ به نه آهي، اُنڪري مان توکي اوڏانهن موڪليان ٿو. يسوع مسيح توسان ساٿي آهي. تون کيس تـَـرڪ نه ڪجان“. هـُـو به توکي نه ساريندو. تون انتهائي غم ڏسندين، پر اُن غم ۾ تنهنجي لاءِ خوشي ۽ راحت هوندي. تنهنجي لاءِ منهنجو اِهو آخري پيغام ڪافي آهي. غمگينيءَ ۾ آسودگيءَ کي ڳولـجان“. محنت ڪجان“. سواءِ ڪنهن رُخني جي، منهنجن لفظن کي ياد رکجان“. جيتوڻيڪ مان پوءِ توسان ڳالهائيندس، هاڻي منهنجا ڏينهن نه بلڪ ڪلاڪ به ڳڻت ۾ آهن.“
اليوشا جي چهري تي هڪ دفعو وري جذبات ظاهر ٿيا. سندس وات جون ٻئي ڪـُـنڊون ڦڙڪي رهيون هيون.
“اِهو ٻيهر ڇا آهي؟“ مربي زوسيما وڻندڙ مسڪراهٽ سان پڇيو. “دنيا وارا ڀل ته ڪنهن جي موت تي ڳوڙها ڳاڙين، پر هـِـتي اسان پنهنجي وڇڙندڙ پيءُ تي خوشي ٿا ڪريون. اَسان خوشي ٿا ملهايون ۽ هن لاءِ دعا ٿا ڪريون. مون کي اَڪيلو ڇڏ ته مان عبادت ڪريان. وڃڻ ۾ ٿوري تڪڙ ڪر. پنهنجن ڀائرن جي ڀر ۾ ويهج، صرف هڪ جي ويجهو نه، مگر ٻنهي جي قريب.“
فادر زوسيما کيس دعا ڏيڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا. اِليوشا پنهنجي ڪابه ناراضگي نه ڏيکاري، جيتوڻيڪ سندس ڏاڍي خواهش هئي، ته هـُـو ترسي پوي. هن کان سواءِ هيءَ به سندس خواهش هئي ته هـُـو اِها به پڇا ڪري ته هـُـو دمتريءَ جي اڳيان ڇو نوڙيو ۽ سندس اُن مان ڪهڙو مطلب هو؟ هيءُ سوال سندس زبان سان ٽـَـڪرائجي رهيو هو، مگر همٿ نه پئي ٿيس، جو کڻي پڇي. هن سمجهيو ته جيڪڏهن مناسب هجي ها، ته مربي خودبخود ٻـُـڌائي ها. ظاهر هو ته اِها سندس مرضي ڪانه هئي. هن عمل اليوشا تي بي پناهه اَثر وڌو هو. سندس اُن جي معنيٰ خيز مفهوم تي ايمان هو، پـُـراسرار ۽ شايد هيبت ناڪ پڻ.
هـُـو جيئن ئي تڪڙو تڪڙو حـُـجري جي احاطي کان ٻاهر نڪري هلڻ لڳو، ته وڃي خانقاه ۾ فادر زوسيما جي کاڌي تي پهتو، تڏهن پنهنجيءَ دل ۾ درد اُڀرندو محسوس ڪيائين ۽ ٿورو ترسي پيو. ايئن ٿي لڳو، ته هن وري مربي زوسيما جا لفظ ٻـُـڌڻ ٿي گهريا، جو پنهنجي آخري وقت جي پيشنگوئي ڪري رهيو هو. هـُـن جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي، سا ناممڪن هئي جو صحيح نه نڪري. اليوشا کي سندس اِشاري ۾ ڪامل يقين هو، پر هـُـو ان کان اَڪيلو ڪيئن رهي سگهندو؟ هـُـن کي ڏسڻ يا ٻڌڻ کان سواءِ، هـُـو ڪيئن زنده رهي سگهندو؟ هـُـو آخر ڪيڏانهن وڃي؟ هـُـن کيس چيو هو ته روئجان نه، خانقاه ڇڏي وڃجان“. او خدا! هيءُ گهڻي وقت کان پوءِ هو، جو اِليوشا ذهني ڪوفت ۾ گرفتار ٿيو هو. هـُـو اُن جهنگ مان، جنهن حجري کي خانقاه کان علحدو ٿي ڪيو، تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. منجهس اِها طاقت ڪانه هئي، جو خيالن جي هن طوفان کي برداشت ڪري سگهي. هن سـُـڪل صنوبر جي وڻ کي ڏٺو جو رستي تي بيٺو هو، کيس ڏور وڃڻو نه هو، صرف پنج سـَـو قدمن تائين وڃڻو هو، کيس هيءُ به خيال هو، ته رستي تي کيس ٻيو ڪوبه ڪونه گڏبو، پر پهرئين موڙ تي هـُـن ريڪٽن کي ڏٺو. هو ڪنهن جو انتطار ڪري رهيو هو.
”تون منهنجي لاءِ ترسيو آهين“، اليوشا وٽس پهچندي پڇيو.
”هائو،“ ريڪٽن تلخ مسڪراهٽ سان چيو. ”تون فادر سپيرئر وٽ تڪڙو وڃي رهيو آهين. مون کي خبر آهي ته هن وٽ دعوت آهي. اهڙي دعوت ڪڏهن به ٿي نه آهي، سواءِ اُن دعوت جي، جا فادر سپيرئر بشپ ۽ جنرل پهائون جي ڪئي هئي. توکي ياد هوندو، مان دعوت تي ڪونه هوندس، پر تون وڃي چٽڻيءَ تي هٿ صاف ڪر. اليڪسي! پر مون کي هڪڙي ته ڳالهه ٻـُـڌاءِ، هن روحاني ڪشف مان ڪهڙو مطلب هو؟ مون توکان فقط اِهوئي ٿي پڇڻ گهريو.“
“ڪهڙو ڪشف؟“
“اُهو جو تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ جي اڳيان مربيءَ جو نـِـوڙڻ هو. هن جي پيشاني زمين تي آواز به پيدا ڪيو هو!“
”تون فادر زوسيما جي متعلق ٿو پڇين؟“
”هائو فادر زوسيما بابت.“
”زمين تي آواز؟“
”آهه، ڪهڙو نه بي حرمتي وارو لهجو! خير اُن جو حرج ڪونهي، پر اُن جو مطلب ڪهڙو هو؟“
”مشيا مون کي اُن جي ڪابه خبر نه آهي؟“
”مون ڄاتو پئي ته هـُـو توکي ڪونه ٻڌائيندو. هن ۾ حيرت جو ڪوبه مقام نه آهي. رڳو دستوري کل جهڙي رسم! پر اِن اَدائگيءَ ۾ ڪو مقصد هو. شهر جا سمورا پاڪ نفس هن بابت ڳالهيون ڪندا. اِها ڳالهه پوري علائقي ۾ پکڙجي ويندي ۽ حيرت جو سبب بڻبي، ته آخر هن جو مطلب ڇا هو؟ مان سمجهان ٿو ته هن ٻڍڙيءَ کي ڪو تيز نڪ آهي، جو هـُـو گناهه کان نفرت ٿو ڪري ۽ تنهنجي گهر ۾ اِها بدبوءِ آهي.“
”ڪهڙو گناهه؟“
اِهو صاف ظاهر هو ته ريڪٽن ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي نظر آيو.
”ٿـِـي سگهي ٿو، ته اِهو گناهه تنهنجي گهر ۾ هجي. تنهنجن ڀائرن ۽ تنهنجي شاهوڪار پيءُ جو هجي. سو فادر زوسيما اِنڪري زوم سان ڪري پيو. پوءِ جو ڪجهه ٿئي، اُن لاءِ هـُـو تيار آهي. بعد ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو به ته اُهو به ايئن ئي هوندو. اوه! اِهو ته هـُـن پاڪ نفس پهريائين ئي محسوس ڪيو هو، ۽ هيءُ بلڪل الهامي هو. حالانڪ اِها ناقص قسم جي اڳڪٿي آهي، جهڙيءَ ريت هـُـو اَڍنگي نموني ڪري پيو. اوه! هن ۾ ته ڪا مجازي رمز هئي. سڀئي اِيئن چوندا ته مجازي! پر شيطان کي سـُـڌ آهي ته اِهو سڀ ڪجهه ڇا هو؟ اِهو هـُـن جي عظمت جي ياد پيو تازي ڪندو. هـُـن گناهه بابت اڳڪٿي ڪئي ۽ گنهگارن ڏانهن اِشارو ڪيائين! اِهو، ايئن ئي اهڙن سودائي متعصبن جو نمونو پئي رهيو آهي. هـُـو شراب خانن کان پارلنگهي وڃن ٿا ۽ مندرن ڏانهن پٿر اُڇلائين ٿا. بلڪل تنهنجي مربيءَ جان. هـُـو صحيح ۽ سالم ماڻهوءَ تي لـَـٺ ٿو کڻي ۽ قاتل جي قدمن ۾ ڪـِـري ٿو پوي.“
”ڇا جو گناهه! ڪير قاتل؟ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
اِليوشا تي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي وئي. ريڪٽن پڻ ماٺ ۾ هو.
”قاتل ڪير؟ ڄڻ ته توکي ڪا خبر ئي ڪانه آهي! مان شرط ٿو رکان، ته تو اُن بابت اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو آهي. ڪهڙو نه اِهو دلچسپ آهي. خير اِهو اِيئن ئي هو. اِليوشا ٻـُـڌ، تو هميشه سچ پئي ڳالهايو آهي. جيتوڻيڪ تون هميشه ٻن باهين ۾ رهيو آهين. تو، هن تي سوچ ويچار ڪيو آهي، جواب ڏي؟“
”هائو، مون ڪيو آهي،“ اليوشا، هوريان آواز ۾ چيو، جنهن کان ريڪٽن به هيسجي ويو.
”ڇا تو سچ پچ ڪيو آهي؟“
”مون ..... مون اِيئن ته خيال ڪونه ڪيو آهي،“ اليوشا ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪئي. تو ته سـِـڌو سنواٽو عجيب نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته مون ايئن قياس ٿي ڪيو.“
”هان ڏٺه!“ ڪهڙي نه سـُـٺي نموني ظاهر ڪيو اَٿئي! اڄ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي ڏسي، تو گناهه جو خيال ڪيو آهي، ته پوءِ مان غلطيءَ تي نه آهيان.“
”هڪڙي منٽ لاءِ ترس،“ اِليوشا بلڪل بي تاب ٿي لڳو. ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو توکي ايئن نظر ٿو اَچي؟ هن ۾ تنهنجي ڪهڙي دلچسپي آهي؟ سڀ کان پهريائين اِهو سوال ٿو پيدا ٿئي.“
”ٻه سوال، هڪ ٻئي کان الڳ، پر فطري. ۽ مان ٻنهي تي جدا جدا روشني وجهندس. ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مون کي ايئن نظر ٿو اَچي. مان شايد ايئن محسوس نه ڪريان ها، جيڪڏهن مان تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي اوچتو نه ڏسان ها ۽ يڪدم سنئون سنواٽو سندس دل ۾ نه نهاريان ها. مون هـِـن ماڻهوءَ ۾ هڪ امتيازي وصف لڌي آهي. اِنهن ايماندار، مگر جذباتي ماڻهن ۾ اهائي هڪ وصف ٿئي ٿي، جنهن کي اورانگهڻ نه کپي. شايد ايئن ٿي پئي ها، ته هـُـو تنهنجي پيءُ تي چاقوءَ سان ڊوڙي پوي ها، پر تنهنجو پيءُ شرابي، پراڻو پاپي آهي. هـُـو ڪڏهن به اهڙي قسم جو خط نه ڪڍڻ چاهيندو - پر جيڪڏهن ٻئي اهڙي معاملي تي وڃي پهتا، ته ٻنهي کي ڏک ٿيندو.“
”نه مشيا، نه، جيڪڏهن ايئن آهي، جنهن جي تون پڪ ٿو ڏئين، ته معاملو ايستائين ڪونه پهچندو.“
”پر تون لرزي ڇو رهيو آهين؟ مان توکي ٻڌايان ٿو. تنهنجو مـِـتيا ڀلي ايماندار هجي (هـُـو بيوقوف آهي پر ايماندار، ۽ شهوت پرست آهي.) اِهائي سندس تعريف آهي، اِهوئي سندس ذاتي جوهر آهي. اِهو تنهنجو ئي پيءُ آهي، جنهن کيس ايترو شهوت پرستيءَ ۾ ڪيرايو آهي. توکي خبر آهي اليوشا! ته مان توتي عجب کائيندو آهيان ته تون ڪيئن پنهنجي پاڪائي قائم رکي سگهيو آهين. تون پڻ ڪرامازوف آهين. تون ڄاڻين ٿو! تنهنجي خاندان ۾ شهوت پرستي هڪ مهلڪ بيماري وانگر وچڙيل آهي، پر هاڻي، اِهي ٻئي نفس پرست، هڪ ٻئي کي چاقو کڻي پيا تاڙين. هي ٽئي هڪ ٻئي سان پيا ٿا ٽڪرائين. شايد چوٿون تون به هجين؟“
”تون اُن عورت جي متعلق غلطيءَ تي آهين. دمتري اُن کي ذليل ٿو سمجهي.“ اليوشا ٿورو ڏڪندي چيو.
”گروشيناڪ! منهنجا ڀاءُ، هـُـو اُن کان حقارت نه ٿو ڪري. هـُـن پنهنجي مڱينديءَ کي جيئن ته هـِـن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، اُنڪري هـُـو ڪيئن اُن کي حقير سمجهندو. اُن ۾ منهنجا ڀاءُ! ڪجهه مڙيوئي آهي، جنهن کي اَڃا تون ڪجهه نه ٿو سمجهين. هڪ انسان ڪنهن سونهن کي پيار ڪري ٿو - عورت جي جسم سان يا سندس جسم جي ڪنهن حصي سان، جنهن کي فقط هڪ نفس پرست ئي سمجهي سگهي ٿو. اُن لاءِ هـُـو پنهنجا ٻار، پنهنجو پيءُ، ماءُ، بلڪه پنهنجو وطن - رشيا به ڇڏي سگهي ٿو. هـُـو جيڪڏهن ايماندار آهي ته چوري ڪندو، جيڪڏهن شفيق آهي ته خوف ڪندو، جيڪڏهن سچار آهي ته دعا ڪندو. پـُـشڪن عورت جي قدمن جي شاعر، سندس پيرن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. ٻيا سندس ساراهه کي ڪونه ٿا ڳائين، پر هن جي پيرن ڏانهن هيجان ۽ پريشانيءَ کان سواءِ نهاري نه ٿا سگهن. هتي منهنجا ڀائڙا! نفرت ڪابه مدد نه ٿي ڪري. پوءِ ڇو نه کڻي هـُـو گروشيناڪ کان حقارت ئي ڪري. هـُـو ڪري ٿو، پر پاڻ کي چيري ۽ ڦاڙي ته نه ٿو سگهي.“
”مان اِهو سمجهان ٿو،“ اليوشا ڄڻ ته جهٽڪو کاڌو.
”سچ ٿو چوين ۽ درست ٿو چوين، ڇو ته تون پهرين ئي لفظن ۾ قبوليت ڏئي چـُـڪو آهين.“ ريڪٽن خباثت سان چيو، ”هي توکي بي خبريءَ کان بچائي ٿو ۽ ساڳئي وقت اعتراف ڪرڻ اَملهه آهي ته پوءِ تون اُن موضوع کان غير واقف نه آهين، تو اڳ ۾ ئي، اُن تي سوچيو آهي. منهنجو مطلب جنسي نفس پرستيءَ کان آهي. او بي داغ روح! اليوشا! تون هڪ مقدس مرد آهين، تون درويش آهين، پر اِهو شيطان ئي ٿو ڄاڻي، ته تو اُن لاءِ ڇا سوچيو آهي ۽ اُن بابت اڳ تون ڇا سوچيندو رهيو آهين؟ تون پاڪ آهين، پر تون اُن جي گهراين ۾ به آهين. مان توکي گهڻي عرصي کان ڏسندو رهان ٿو. تون خود پاڻ ڪرامازوف آهين، تون سڄو سارو ڪرامازوف آهين. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي. هن مان ظاهر آهي ته اصل ۽ نسب جو ماڻهن جي طبيعتن تي ڪيڏو نه دخل ٿا رکن. پيءُ جي طرفان تون نفس پرست آهين ۽ ماءُ جي طرفان سودائي درويش. تون ڏڪين ڇو ٿو؟ انهيءَ لاءِ ته مان توکي حقيقتون ٻـُـڌائي رهيو آهيان. توکي خبر آهي، ته گروشيناڪ مون کي منٿون ڪندي آهي، ته مان توکي وٽس وٺي وڃان. هـُـو چوندي آهي ته مان هن پادريءَ کي ڇـِـڪي هيٺ ڪنديس. سندس تقدس جو لباس تار تار ڪري ڇڏينديس. تون هيءُ خيال به نه ٿو ڪري سگهين، ته توکي آڻڻ لاءِ هـُـو ڪيتريون آزيون ڪندي آهي. عجب آهي، ته هوءَ تو ۾ ڇو ايتري دلـچسپي وٺي ٿي. توکي خبر آهي ته هوءَ هڪ غير معمولي عورت آهي؟“
”هن جي مهرباني مڃجانءِ ۽ چئجانس ته مان ڪونه ٿو اَچان“ اليوشا ڦڪيءَ کـِـلَ سان چيو، ”مشيا! توکي جيڪي چوڻو آهي، اُهو چئي ختم ڪر، پوءِ مان توکي پنهنجو اصلي خيال ٻـُـڌائيندس.“
”ڇا آهي، جنهن کي مان ختم ڪريان؟ سڀ ڪجهه بلڪل صاف آهي. ڀائڙا! اِهو اُهوئي پراڻو راڳ آهي، پر جيڪڏهن تون شعور ۾ نفس پرست آهين، ته پوءِ ڀلا تنهنجو ڀاءُ ايون؟ هـُـو پاڻ ڪرامازوف آهي. توهان سڀني ڪرامازوف جي بنياد ۾ ڇا آهي؟ فقط نفس پرستي، خيانت ۽ سوداءُ! تنهنجو ڀاءُ ايون، مذهبي مضمون فقط کـِـلَ ۽ مذاق لاءِ لکي ٿو. ڪنهن احمقاڻي حرڪت لاءِ، ۽ اُن مقصد جي خاطر، جنهن جي کيس به ڪا خبر نه آهي. جيتوڻيڪ هـُـو بي دين آهي ۽ هـُـن قبول ڪيو آهي، ته اِها پاڻ سان سندس مڪاري آهي. اِهو آهي تنهنجو ڀاءُ ايون! هـُـو اِها به ڪوشش ٿو ڪري، ته مـِـتيا جي مڱينديءَ کي هٿ ڪري وٺي. مون کي شڪ آهي، ته هـُـو اُن ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن کان وڌيڪ ڇا کپي، جو خود مـِـتيا رضامندي ڏيکاري آهي؟ مـِـتيا پنهنجي مڱينديءَ تان هٿ کڻي آزاد ٿي پوندو ۽ گروشيناڪ ڏانهن جهڪي پوندو. پنهنجي شرافت ۽ غير خاني داريءَ جي باوجود، هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن کي خيال ۾ رک. هيءُ آهن مقدر جا ماريل! ڪهڙو خبيث توکي اِتان ڪڍي سگهندو؟ هـُـو پنهنجي ڪمينائپ کي سمجهي ٿو ۽ اُن تي لڳو اَچي! مان توکي اهو به ٻـُـڌائي ڇڏيان ته اِهو پوڙهو، تنهنجو پيءُ، هاڻي مـِـتيا جي راهه ۾ رنڊڪون ٿو وجهي. گـُـروشيناڪ تي هــُـو اوچتو موهجي پيو آهي. هـُـن کي جڏهن ڏسي ٿو، ته سندس وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي. هيءُ به اِنڪري ئي هو، جو هـُـن حجري ۾ تماشو پيدا ڪيو. ڇاڪاڻ ته موسيوف کيس ڌڪاريل جيو ٿي سڏيو. هـُـو ته ٻلي ۽ ٻـِـليءَ جي عشق کان به بدتر آهي. شروع ۾ هن کيس گـُـتي ۾ نوڪري ڏني هئي ۽ ڪنهن معمولي ڌنڌي ۾ لڳايو پر هاڻي کانئس سڀ ڪجهه ڇڏائي، مٿس حيران ۽ پريشان ڦرندو وتي ٿو. هـُـو ڪيترين ئي لالچن سان کيس هرکائي رهيو آهي، جو ڪو عزت ڀريو ڪم نه آهي. اِها پـَـڪ آهي ته املهه پيءُ ۽ پٽ جو، راهه جي وچ تي ضرور ٽڪراءُ ٿيندو. مگر گروشيناڪ ٻنهي کي پسند ڪونه ٿي ڪري. فقط ٻنهي سان کيڏي رهي آهي. ٻنهي کي مـَـڇرائي رهي آهي، ته جيئن ٻنهي کان گهڻي ۾ گهڻو حاصل ڪري سگهي. هوءَ پيءُ جو جيتوڻيڪ گهڻو ئي پيسو اُڏائي سگهي ٿي، پر هـُـوءَ ساڻس شادي ڪانه ڪندي. ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو آخر ۾ ڪنجوس ٿي، پنهنجي مـُـٺ کي ڀڪوڙي ڇڏي، مـِـتيا جو قدر ۽ قيمت اِتي وڌي وڃي ٿي. هـُـن وٽ پيسو ڪونه آهي پر هـُـو ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بنهه آتو آهي. هـُـو پنهنجيءَ مڱينديءَ ڪيٽرينيا اَيونونا کان، جا حـُـسن ۽ جمال ۾ جواب نه ٿي رکي ۽ ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جان ڇڏائي گروشيناڪ سان شادي ڪرڻ جا پـَـهه پچائي رهيو آهي. هيءَ ڪنهن وقت، هڪ اَدنيٰ، غير مهذب، جاهل ۽ بدڪار پوڙهي سوداگر سيمسونوف جي - جو ضلعي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، داشته رهي چـُـڪي آهي. قتل ۽ خون جو، هاڻي ڪو واقعو ٿئي، ته پوءِ ڪا چڱائي ٿي. ايون اُن لاءِ منتظر ويٺو آهي. اِهو واقعو کيس پــَـٽَ تي ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آهي. هـُـو پوءِ ڪيٽرينيا ايونونا کي هٿ ڪري وٺندو، جنهن لاءِ هـُـو ايترو اُداس ۽ حسرت ۾ گذاري ٿو. پوءِ سـَـٺ هزارن جو ڏاج کڻي کيسي ۾وجهندو. هڪ نيچ ۽ پينو ماڻهوءَ جي لالچائڻ لاءِ اِهو ڪافي آهي. اِهو به ياد رکجانءِ ته هـُـو مـِـتيا سان ڪابه زيادتي ڪونه ٿو ڪري پر حقيقت ۾ اُن لاءِ آساني ٿو پيدا ڪري. مون کي ڳالهين جي خبر آهي- اِجهو اَڃا اڳئين هفتي، جڏهن هـُـو گـُـتي ۾ ڪن رولو ڇوڪرين سان شراب پي رهيو هو، ته هـُـن رڙ ڪري چيو، ته هـُـو پنهنجي مڱيندي ڪيٽرينيا جي بلڪل لائق نه آهي پر سندس ڀاءُ ايون هر طرح مستحق آهي. ڪيٽرينيا ايونونا، پڇاڙيءَ ۾ اهڙي وڻندڙ ۽ دلڪش ماڻهوءَ کان انڪار ڪانه ڪندي. هوءَ هن ڳالهه ۾ ڏاڍي ٻـُـڏتر ۾ آهي، ته هوءَ ٻنهي مان ڪنهن کي پنهنجو بڻائي. ڏسو ته ڪهڙي عمدي طريقي سان ايون، اوهان سڀني کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي. اوهان سڀئي سندس پرستش ٿا ڪريو. هـُـو اوهان تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿو ڏئي ۽ اوهان جي ذلالت مان لطف ۽ مزو ٿو وٺي.“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟ تون ايترو يقين سان ڪيئن ٿو چوين؟“ پيشانيءَ تي گهنج آڻندي، اليوشا شوخيءَ سان چيو.
”اِهو ڇو ٿو پڇين ۽ منهنجي جواب تي، توکي خوف ڇو ٿو ٿئي؟ هن مان ظاهر آهي ته جو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، سو سورنهن آنا سچ آهي“.
”ايون توکي ڪونه ٿو وڻي، پر ايون ۾ دولت جي لاءِ ڪابه دلـچسپي ڪانه آهي“.
”سچ؟ ڀـَـلا ڪيٽرينيا ايونونا جو حسن ۽ جمال ڪيئن آهي؟ فقط پيسو ته نه آهي؟ جيتوڻيڪ سٺ هزارن جي ڏاج ۾ ڪا گهٽ جاذبيت نه آهي؟“
”ايون اُن کان گهڻو بلند آهي. هزارن جي خاطر هـُـو ڪنهن سان ڳانڍاپو ڪونه ڳنڍيندو. اِهو پيسو نه هوندو ۽ نه وري اُن ۾ آسائش آهي، جنهن کي ايون ڳولهي ٿو. شايد ڪا مصيبت ۽ اَذيت آهي، جنهن جي کيس تلاش آهي.“
”ڪهڙو نه مجنون خواب آهي او شريف الفنس؟“
”مشيا! توکي خبر نه آهي ته هـُـن وٽ ڪيترا نه گهـَـرا جذبا آهن. هن جي دل جڪڙيل آهي. ڪي مـُـنجهيل شڪ ۽ شبها مٿانئس ڀوت وانگر سوار آهن ۽ بس. هـُـو اُنهن مان هڪڙو آهي، جن کي نه ڪروڙن جي تمنا آهي ۽ نه خواهش. هن کي ته فقط پنهنجي سوال جو جواب کپي.“
”اِها ته عبارت جي چوري آهي. اليوشا! تون ته محض مربيءَ جا فقرا نقل ٿو ڪرين. ايون ته اوهان جي اڳيان هڪ مسئلو رکيو آهي!“ ريڪٽن ڪيني کي ظاهر ڪندي چيو. سندس شڪل بدلجي وئي ۽ چپ ڦڙڪي رهيا هئس. ”هڪ احمقاڻو مسئلو! اُن تي غور ڪرڻ ئي بي سود آهي. پنهنجي دماغ کي جنجهوڙيو، پوءِ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اَچي ويندو. تو سندس احمقاڻي نظريي کي هاڻي ٻـُـڌو. جيڪڏهن حيات جاوداني نه آهي ته پوءِ ڪا به حسـِـنِ سيرت ۽ نيڪي ڪانه آهي. پوءِ هر شيءِ جي جائز ۽ ناجائز جو ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. توکي ياد آهي، ته تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا ڇا چيو هو؟ ”مان اُن کي سيني سان سانڍيندس” بدمعاش لاءِ ڪهڙو نه دلڪش نظريو! مان بد شد ٿو ڳالهايان، جا ناداني آهي. نه فقط بدمعاشن جي لاءِ پر ڀليل ۽ ڀٽڪيل لاءِ به دلڪش نظريو! اِهو آهي خيالن جو ڀوت ۽ منجهيل شڪ ۽ شبها! اِهو فقط هن جو کيل آهي، اُن جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هڪ طرف مڃڻ کان سواءِ، ٻيو چارو ڪونه رهندو. ٻئي طرف گناهه جو اعتراف ڪرڻو ئي پوندو. هن جو پورو نظريو دوکو آهي. انسانيت خود بخود نيڪيءَ جي قوت کي ڳولي لهندي، پوءِ اُها اَبدي حياتي ۾ يقين نه به ڪري. اِها آزاديءَ جي حب، يڪسانيت ۽ پنهنجائپ ۾ کيس ملي ويندي.“
ريڪٽن جوش مان پاڻ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر يڪايڪ خاموش ٿي ويو. ڄڻ ته ڪجهه ياد آيو هجيس.
”بس اِهو ڪافي آهي،“ هـُـن اَڃا تائين زهر ٻڏل لهجي ۾ ٿي ڳالهايو. ”پر تون کلين ڇو ٿو؟ تون مون کي شايد بيهودو ۽ احمق ٿو سمجهين؟“
”مان ته توکي ڪڏهن به بيهودو ۽ احمق ڪونه ٿو سمجهان. اِهو ته مان خواب ۾ به نه سنڀران. پر تون چالاڪ آهين ..... خيال نه ڪر. اِها منهنجي ناداني هئي، جو مون مشڪيو ٿي. مشيا! مان سمجهان ٿو ته تون هن تي ڏاڍو گرم ٿو ٿئين. مان تنهنجي گرميءَ مان اَندازو لڳايان ٿو، ته تون به ڪيٽرينيا ايونونا کان بي پرواهه نه آهين. ڀائڙا! مون کي هن جو گمان ته گهڻي وقت کان هو ته آخر ڪهڙو سبب آهي، جو تون منهنجي ڀاءُ ايون کي پسند نه ٿو ڪرين. توکي ساڻس رقابت آهي.“
”سندس دولت لاءِ بدگماني پڻ؟ اِهو به ڇو ڪين ٿو چوين؟“
”پيسي بابت ته مان ڪجهه به نه چوندس. مان تنهنجي توهين ڪرڻ ڪونه نڪتو آهيان.“
”ته پوءِ مون کي اعتبار آهي، جي تون اِيئن چوين ٿو پر توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي ڀاءُ ايون کي به مونجهاري ۾ وڌو اٿم. تون اِهو ڪونه ٿو سمجهين ڇا ته ڪيٽرينيا ايونونا کان سواءِ به ڪو کيس ناپسند نه ٿو ڪري؟ پوءِ اهڙو مان بدنصيب ڪٿي آهيان، جو کيس ناپسند ڪريان؟ هـُـو مون کي گارين ڏيڻ تي مائل آهي، جنهن جي توکي خبر آهي ته پوءِ مون کي اهو حق حاصل نه آهي ته مان به کيس گهٽ وڌ ڳالهايان؟“
”مون ته ڪڏهن به هن کي تنهنجي لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي ڪونه ٻـُـڌو آهي. هن ته تنهنجو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو آهي.“
”ڇو؟ اِها اَڃا اڳئين ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هن ڪيٽرينيا ايونونا وٽ دل کولي مون کي گاريون ٿي ڏنيون - ڏسين ٿو، ته تنهنجي خادمه ۾ هـُـو ڪيتري نه دلچسپي ٿو وٺي. هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن کي رقابت آهي. منهنجا ڀاءُ! مان هي چئي نه ٿو سگهان. هن پنهنجو ڏاڍو خيال ظاهر ڪيو، ته مان رياضيدان جو پيشو مستقبل جي لاءِ اختيار نه ڪريان ۽ نه وري راهب بڻجان. اِنڪري مان پـَـڪ پيٽسبرگ هليو ويندس، جتي ڪنهن نامياري رسالي ۾ تبصري نگار بڻجان ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين لکندو رهان. پڇاڙيءَ ۾ مئگزين جو مالڪ ٿيان ۽ اُن ۾ آزاديءَ سان لکندو رهان. اُن ۾ اشتراڪي خيالن جي هلڪي جهلڪ هجي، هلڪي حاشيه آرائي هجي. هميشه ۽ سمورو وقت تيز نظر هجي، جا ٻنهي طرفن ڏي پوندي رهي. فقط بيوقوفن کي فريب ڏيڻو پوندو. تنهنجي ڀاءُ جي بيان موجب اشتراڪي خيالن جي جهلڪ منهنجي آمدنيءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪندي، پنهنجي معاش جي آخري ڏينهن ۾، مان پيٽسبرگ ۾ هڪ عاليشان جڳهه جوڙائيندس، پنهنجو ڇاپخانو قائم ڪندس. مٿيون طبقو مسواڙ تي ڏيندس. هـُـن ته اُن لاءِ جاءِ به ڳولي ڇڏي آهي، نئين پٿر واري پـُـل جي ڀرسان نيوا جي هن پار، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته اِها پيٽسبرگ ۾ ئي ٺهندي.“
”سچ مشيا، اِهو ايئن ئي ٿيندو ۽ سندس حرف حرف سچو نڪرندو“. اليوشا خوش مذاقيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، مشڪي چيو. ”اليڪسي فيودور پاولووچ! توکي شايد طنز ۽ مذاق مان لطف ٿو اَچي.“
”نه نه مون کي معاف ڪجان“. مون مذاق نه ٿي ڪيو. منهنجي دل ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ڳالهه آهي، پر معاف ڪجان“. اِهو توکي سڀ ڪجهه ڪير ٿو ٻڌائي؟ تون پاڻ ته ڪيٽرينيا ايونونا ڏانهن ڪونه ويو هئين، جتي هــُـو تو بابت ڳالهائي رهيو هو.“
”مان اُتي برابر ڪونه هيس پر دمتري فيودور پاولووچ اُتي هيو. مون پنهنجي ڪنن سان هن کي ڳالهائيندي ٻـُـڌو. ڪنهن به اِرادي کان سواءِ مون کيس اتفاقاً ٻـُـڌي ورتو. اُن وقت مان گروشيناڪ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ هوس. مان اُتان نڪري به نه ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته دمتري فيودور پاولووچ ٻئي ڪمري ۾ ويٺو هو.“
”هائو، برابر سچ ٿو چوين، مون کان اِهو وسري ويو هو، ته هوءَ تنهنجي رشتيدار آهي.“
”رشتيدار، اِها گروشيناڪ ۾ منهنجي رشتيدار“، ريڪٽن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. ”تون چريو ته نه آهين، تون پنهنجي خيالن ۾ ئي گم آهين؟“
”ڇو هوءَ تنهنجي رشتيدار نه آهي؟ مون ته گهٽ ۾ گهٽ ايئن ٻڌو آهي.“
”تون اِهي ڳالهيون ڪٿان ٿو ٻڌين؟ توهان ڪرامازوف، پراڻي زماني جي هئڻ جون ٻٽاڪون ٿا هڻو. پاڻ کي اوچي خاندان جا ٿا سمجهو. حالانڪ تنهنجو پيءُ، ٻين جي ميز تي مسخري جو پارٽ ادا ڪندو آهي ۽ بورچيخاني ۾ خاص مهربانيءَ سان اجازت وٺندو آهي. مان کڻي هڪ پادريءَ جو پٽ آهيان ۽ اوهان جهڙن معزز ماڻهن جي نگاهن ۾ ڌوڙ کان وڌيڪ نه هجان، پر مون کي ايتري بي پرواهي ۽ شوخيءَ سان بي عزت نه ڪريو. مون کي پاڻ پنهنجي مان ۽ مرتبي جو احساس آهي. اليڪسي فيودورپاولووچ، مان ڪڏهن به گروشيناڪ جهڙي عام رواجي فاحشه جو رشتيدار ٿي نه ٿو سگهان. مهرباني ڪري هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
ريڪٽن بلڪل خفا ٿي لڳو.
”مون کي بخشجان“. منهنجو ڪڏهن به اِهو ارادو نه هو، پر تون هن کي فاحشه ڪيئن ٿو سڏين؟ هوءَ اِهڙي قسم جي عورت به آهي ڇا؟“ اليوشا ۾ فورََا لرزو پيدا ٿي ويو. ”مان توکي وري به ايئن ٻڌايان ٿو، ته مون ايئن ئي ٻڌو آهي، ته هـُـوءَ تنهنجي رشتيدار آهي. تنهنجو اَڪثر وٽس اَچڻ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ تو مون کي خود ٻڌايو آهي، ته تون سندس عاشق نه آهين. مان ته ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو آهي، ته توهان ماڻهن کي ساڻس ڪا ايڏي نفرت آهي. سچ پچ هوءَ اُن جي مستحق به آهي ڇا؟“
”هن ڏانهن وڃڻ لاءِ مون کي ڪي ذاتي سبب هوندا، اُن سان تنهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. پر جيستائين مـِـٽي مائٽيءَ جو تعلق آهي ۽ تنهنجي ڀاءُ يا تنهنجي پيءُ جو قياس اِهوئي آهي، ته اوهان سان ئي اِهو تعلق ٿيندس ۽ نه مون سان. ٺهيو، اِها ڳالهه اِتي ئي ختم ٿا ڪريون. تون هاڻي ماني کائڻ وڃ ته بهتر آهي. اَڙي هوءَ وري ڪهڙي خرابي پيدا ٿي آهي. اِهو ڇا آهي ڀلا؟ اسان کي دير ٿي وئي آهي ڇا؟ هنن ايترو جلدي ته کاڌو ختم ڪونه ڪيو هوندو! ڪرامازوف وري ڪو هنگامو پيدا ڪيو ٿو ڏسجي. هــُـو ڪير ٿا اَچن؟ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجو ڀاءُ ايون! سندن پٺيان هـُـو ڏس، فادر سپيرئر، ڏاڪڻ تان رڙيون ٿو ڪري. جواب ۾ تنهنجو پيءُ به رڙيون ٿو ڪري ۽ ٻانهون ٿو لوڏي. اَڙي اَڙي موسيوف به پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڀڳو ٿو وڃي. ڏسين ٿو، هـُـو وڃي رهيو آهي - ضرور ڪو مار موچڙو ۽ شور غل ٿيو آهي. کاڌو ته ٿي ئي ڪونه سگهيو هوندو. پـَـڪ ئي پـَـڪ فادر سپيرئر تي حملو ٿيو هوندو! يا شايد هنن هڪ ٻئي کي ڌڪ هنيا هجن! اِهو هنن لاءِ چڱو ٿيو.“
ريڪٽن جي حيرت ۽ تعجب لاءِ ڪي سبب هئا. اُتي سچ پچ شرمناڪ ۽ اَنوکو تماشو ٿي گذريو هو. اِهو ڪن گهڙين جي مونجهاري، جوش ۽ خروش جو نتيجو هو ۽ بس!