باب ٽيون: اسڪول جي ڇوڪرن سان ملاقات
پر اليوشا، گهڻو وقت هنن خيالن ۾ مشغول رَهي نه سگهيو. اُن وقت رستي تي هڪ عجيب واقعو ٿي گذريو. جيتوڻيڪ اُن کي ڪا ايڏي وڏي اهميت ڪانه هئي، پر اُن سندس دل تي وڏو اَثر ڇڏيو. جيئن ئي هـُـو چؤسول کان گذري ميمووسڪيءَ جي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي آيو، جا هڪ کڏجي سبب مکيه گهٽيءَ کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي (اسان جو شهر ڪيترين ئي کڏن جي باعث بدنام آهي.) هن ڏٺو ته اسڪول جي ٻارن جو هڪ ٽولو، جنهن ۾ نـَـوَن کان وٺي ٻارهن ورهن جا ٻار هئا، پل جي مٿان موجود هئا. هـُـو اسڪول کان موٽي گهر وڃي رهيا هئا. اُنهن مان ڪن کي ٿيلها ڪلهن تي هئا، ته ڪن کي چمڙي جون ڦوٽڙيون، ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. ڪن کي جئڪيٽ پاتل هيون، ته ڪن کي ننڍڙا اوورڪوٽ. ڪن کي قيمتي بوٽ هئا، جن جا پٽا مـُـرن جي چوڌاري ڦريا پئي، جن کي اَڪثر پيار مان شاهوڪار ماڻهو، خريد ڪري، پنهنجي ننڍن ٻارن کي ڏيندا آهن. سڀئي ٻار ڪنهن ڳالهه تي نهايت شوق مان ڳالهائيندا ٿي آيا. ڄڻ ته ڪا صلاح يا مشورو ٿي رهيو هو. ماسڪو کان پوءِ اليوشا، ڪڏهن به اسڪول جي ٻارن وٽان نه گذريو هو، نه وري کيس اُنهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. جيتوڻيڪ کيس ٻارن سان پيار هو، خاص ڪري ٽن سالن يا اُن کان ٿوري وڏي عمر وارن لاءِ، پر هـُـو اسڪول جي ڏهن ۽ ٻارهن سالن وارن ٻارن کي به پسند ڪندو هو. اڄ ايڏو ته هـُـو جذبات جي رَوءَ ۾ هو، جو هـُـن چاهيو ٿي، ته هڪدم وٽن وڃي ڪجهه ڳالهائي. هن سندس جوش ڀريل گلابي چهرن ڏي نهاريو ۽ ڏٺائين، ته سڀني ڇوڪرن کي هٿن ۾ پٿر آهن. کڏ جي هيٺان ٽيهن قدمن جي پنڌ تي، لوڙهي جي ڀرسان هڪ ٻيو ڇوڪرو بيٺو هو، کيس پڻ چمڙي جي ڳوٿري واڳن سان ڳچيءَ ۾ پيل هئي. هـُـو ڏهن ورهين جو ٿـَـي ڏٺو. ڏسڻ جهڙو، سندس اکيون ڪاريون ۽ چمڪندڙ هيون. هـُـو وڏي خيال ۽ انتظار سان اُنهن ڇهن اسڪول جي هم جماعت ڇوڪرن کي نهاري رهيو هو، جن سان گڏ، هو اسڪول کان ٻاهر نڪتو هو، پر اُنهن سان سندس ڪو نزاع هو.
اليوشا، اُنهن ڇوڪرن ڏي ويو ۽ اُنهن مان هڪ سان ڳالهائڻ گهريائين، جو موچارو ٿي ڏٺو. سندس چهرو گلابي، وار گهنڊيدار هئا ۽ کيس هڪ ڪاري جئڪيٽ پهريل هئي.
”جڏهن مان اوهان وانگر چمڙي جي ڳوٿري، واڳن سان کڻندو هوس، ته اُن کي پنهنجي کٻي پاسي کان پائيندو هوس. جيئن منهنجو سڄو هٿ آزاد هجي، پر اوهان کي سڄي پاسي کان آهن، جي، چڱا نه ٿا لڳن ۽ اوهان جا هٿ به بند ٿي ويا آهن.“
اليوشا وٽ، هن عملي راءِ ڏيڻ لاءِ، شروع ۾ ئي ڪو فن يا اڳ جي سوچ ڪانه هئي. هيءُ فن فقط وڏيءَ عمر وارن وٽ ٿئي ٿو، جي هڪدم ٻار کي پنهنجي راز داراڻي لاڳاپي ۾ وٺي سگهن ٿا. ڇوڪرن جي هڪ جماعت کي پنهنجي رازداريءَ ۾ وٺڻ لاءِ، اَڃا به وڌيڪ فن جي ضرورت پوي ٿي. اِهڙي ماڻهوءَ کي ڌنڌي واري وانگر اِهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن هـُـو اُنهن سان برابريءَ ۾ هڪجهڙو بيهي سگهي. اليوشا هن حقيقت کي فطري قابليت سان سمجهي ورتو هو.
”پر هيءُ کاٻڙو آهي!“ هڪ خوبرو ۽ تندرست يارهن ورهين جي ڇوڪري ڳنڀيرائيءَ سان چيو. ٻيا اليوشا کي عجب مان نهارڻ لڳا.
ايتري ۾ هڪ پٿر زور سان اَچي لڳو، جنهن کي فقط انهيءَ کاٻڙ ٻارئي ڏٺو. اهو پٿر، کڏ تي بيٺل ڇوڪري، اُڇليو هو.
سڀني ڇوڪرن گڏجي، رڙيون ڪري چيو ته، ”سميوروف، تون به اهو پٿر زور سان موٽائي هڻينس.“ پر کاٻڙي ڇوڪري سميوروف کي چوڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. هن پاڻ ئي هڪدم بدلو وٺڻ گهريو. کڏ وٽ بيٺل ٻي طرف واري ڇوڪري، جو کيس صاف ٿي نظر آيو، سندس چوڌاري پٿرن جو ڍير رکيل هو. هن ٻيو پٿر به اُتان کڻي اُن ٽولي ڏي اُڇلايو. هن ڀيري اِهو پٿر سنئون سڌو اليوشا کي ڪلهي ۾ اچي لڳو ۽ کيس سور ٿيڻ لڳو.
”هن ته تنهنجي صحيح شست ورتي آهي، هن توکي ڌڪ هڻڻ گهريو ٿي. تون ڪرامازوف آهين ڪرامازوف!“ ڇوڪرا کلندا به رهيا ۽ واڪا به ڪندا رهيا. ”اَچو ته سڀئي گڏجي، کيس پٿر هڻون.“ ڇهه پٿر اُن ڇوڪري ڏي تيزيءَ سان وڌيا، هڪڙو وڃي اُن ڇوڪري جي مٿي ۾ لڳو ۽ هـُـو ڪري پيو. هن هڪدم ٽپو ڏنو ۽ نهايت جوش مان، تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. هاڻي ٻنهي ڌرين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پٿر هڪ ٻئي تي وسائڻ شروع ڪري ڏنا. هن ٽولي مان به ڪيترن جا کيسا پٿرن سان ڀريل هئا.
”توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، اوهان کي ڪوبه شرم نه ٿو اَچي. هوڏانهن هڪ آهي ۽ اوهان ڇههَ. ڇا اوهان، هـُـن جو خون ڪندا؟“ اليوشا زوردار آواز ۾ چيو.
هـُـو اڳتي ڊوڙي پيو ۽ اُڏرندڙ پٿرن ۾ وڃي پيو، جيئن اُن اَڪيلي ڇوڪري جو بچاءُ ڪري سگهي. ٽن چئين ڇوڪرن ٿوري وقت لاءِ پٿر اُڇلائڻ بند ڪيا. هڪ ڇوڪري، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي قميص پهريل هئي، ٻاراڻي ڪاوڙ ڀريل آواز ۾ چيو ته، ”هن ئي ته اڳرائي ڪئي آهي. هو وحشي آهي. هن ئي ته ڪراسوٽڪن کي ڪالهه ڪلاس ۾ قلم گهڙڻ وارو چاقو هنيو هو. هـُـن جو رتَ وهي نڪتو هئو. ڪراسوٽڪن ته چپ ڪري ويو پر هن کي ضرور سزا ملڻ کپي.“
”پر آخر هن جهيڙي جو سبب ڇا آهي، اوهان هن کي چيڙائيندا هوندا.“
”اِجهو، هـُـن وري تنهنجي پٺ تي پٿر اُڇلايو آهي. هـُـو توکي سڃاڻي ٿو.“ ٻارن واڪو ڪري چيو، ”هـُـو هاڻي توڏي پٿر اُڇلائي رَهيو آهي، نه اسان ڏي. اچو ته سڀئي وري هن کي پٿر هڻڻ شروع ڪريون. سميوروف متان گسين!“ هڪ ڀيرو وري پٿر بازي شروع ٿي وئي. اڳي کان به خطرناڪ. کڏ وٽ بيٺل ڇوڪري کي، هڪ پٿر وڃي سيني تي لڳو. هن کان دانهن نڪري وئي ۽ هـُـو رئندو ۽ ڊوڙندو، ميخائيلووسڪايا جي گهٽي ڏي ويو. هنن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
”هو، ڀڳو، هـُـو ڀڳو، بزدل جو پٽ!“
هڪ ڇوڪرو، جو سڀني ۾ وڏو ٿي نظر آيو، ۽ جنهن جون اکيون تيز هيون ۽ جئڪيٽ پيل هوس، چوڻ لڳو ته، ”توکي خبر نه آهي ڪرامازوف، هيءُ وحشي آهي. هن کي مارڻ ئي چڱو آهي.“
”پر هـُـن ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟“ اليوشا پڇيو. ”ڇا هـُـو گـِـلا خور آهي؟“
ڇوڪرن، هـِـن ڏانهن اِهڙيءَ ريت نهاريو، ڄڻ ته هو ساڻس چرچا ڪري رهيا آهن.
”توهان ميخائيلووسڪايا ڏانهن ٿا وڃو؟“ ساڳي ڇوڪري کيس چيو، ”هن کي وڃي جهليو .... ڏسو، هـُـو وري بيهي رهيو آهي. هـُـو ترسي. اوهان ڏي نهاري رهيو آهي.“
ٻار پاڻ ۾ اِهو دهرائيندا رَهيا، ”هـُـو توهان ڏي ٿو نهاري، توهان ڏي!“
”توهان، هن کان پڇجو، ته هـُـو ڇـُـڙيل وارن جي جهنڊ کي ڇڪڻ پسند ڪري ٿو، ٻـُـڌو ٿا، اِهو هن کان ضرور پڇجو.“
هـُـو سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. اليوشا کين ڏسڻ لڳو ۽ هـُـو اليوشا کي.
هن جي ڀرسان نه وڃجو. هـُـو اوهان کي ايذاءُ پهچائيندو. سميوروف کيس تاڪيد ڪندي چيو.
”مان کانئس وارن جي ڇڪڻ بابت ڪجهه نه پڇندس. مان سمجهان ٿو، ته اوهان کيس اِيئن چئي چيڙائيندا آهيو، پر مان هيءُ کانئس ضرور پڇندس، ته اوهان هن کي نفرت سان ڇو ٿا ڏسو؟“
”هان ضرور پڇجو.“ سڀئي ڇوڪرا کلڻ لڳا.
اليوشا، پـُـل کي پار ڪيو، لوڙهي جو پاسو ڏئي، ٽڪريءَ کان مٿي چڙهي، سڌو اُن ڇوڪري ڏي هلڻ لڳو.
”چڱو آهي، ته تون پاڻ کي سنڀال.“ ڇوڪرن کيس پوئتان سڏ ڪري چيو. ”هو توکان ڪونه ڊڄندو. هو نهايت چالاڪيءَ سان، ڪراسوٽڪن وانگر بي خبريءَ ۾ توکي به چاقو هڻي ڪڍندو.“
ڇوڪرو بنا ڪنهن چـُـرڻ پرڻ جي، سندس انتظار ۾ هو. اليوشا جڏهن سندس ويجهو ويو، ته ڏٺائين، ته هـُـو نون سالن جو ئي نظر آيو. قد جو بندرو ۽ جسم جو لاغر ٿي ڏٺو. سندس چهرو ڊگهو هو ۽ اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هئس، جن سان هـُـن، کيس غور سان ٿي ڏٺو. کيس هڪ پراڻو ۽ ڦاٽل ڪوٽ پهريل هو، جو سندس قد کان لـُـنڊو هو. ڪوٽ جون ٻانهون ويڙهيل هئس، جنهن ڪري سندس ٻانهون، نمايان طور اُگهاڙيون ٿي نظر آيون. سندس پتلون تي گوڏي وٽ، هڪ وڏي چتي لڳل هئي. سندس سـَـڄي بوٽ ۾ هڪ وڏو سوراخ ٿي نظر آيو، جنهن جي مٿان خبرداريءَ سان مس هاريل ٿي نظر آئي. سندس ڪوٽ جا ٻئي کيسا پٿرن سان ڀريل ٿي نظر آيا. اليوشا ٻه قدم، اُن کان پري وڃي بيٺو، کيس چتائي ڏسڻ لڳو. ڇوڪري اليوشا جي نگاهن مان سمجهي ورتو، ته هن کي مٿس حملي ڪرڻ جو ڪو به اِرادو ڪونه آهي، اُنڪري کيس تسلي ٿي وئي ۽ پاڻ ڳالهائڻ جي ابتدا ڪيائين:
”مان اَڪيلو آهيان ۽ هـُـو ڇهه.مان اَڪيلو، هنن سڀني کي ماريندس.“ اوچتو سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
”مان خيال ڪريان ٿو، ته هڪ پٿر توکي ڏاڍو زوردار لڳو هو.“
پر ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته، ”مان به سميوروف کي مٿي وارو ڌڪ هنيو هو.“
”هنن چيو پئي، ته تون مون کي سڃاڻين ٿو. ڇاڪاڻ ته تو ڪنهن مقصد سان مون ڏي پٿر ٿي اُڇلايا.“
اليوشا کيس چيو.
ڇوڪري کيس نااُميدي مان ڏٺو.
پر اليوشا ڳالهائيندو رهيو ”مان ته توکي ڪونه ٿو سڄاڻان، ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“
ڇوڪري اوچتو ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو ته، ”مون وٽان هليا وڃو.“ هـُـن جيتوڻيڪ سمجهيو ٿي، ته هن جو نتيجو ڪو چڱو نه نڪرندو پر هـُـو پنهنجي جاءِ کان چريو پريو ڪونه. سندس اکين ۾ شرارت ٿي چمڪي.
”چڱو مان وڃان ٿو،“ اليوشا کيس چيو. ”مان توکي ڪونه سڃاڻان، اُنڪري توکي نه چيڙائيندس. هنن مون کي ٻڌايو هو، ته هـُـو توکي ڪيئن چيڙائيندا آهن پر مان توکي چيڙائڻ نه ٿو گهران. خدا حافظ.“
ڇوڪري. اليوشا کي غصي مان ٿي ڏٺو ۽ سندس نگاهون اُن جو پيڇو ڪرڻ لڳيون. واڪو ڪري چيائين، ”ريشمي پتلون وارا راهب،“ اِيئن چئي هـُـو بچاءَ جي لاءِ سنبري بيٺو. هن کي پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا مٿس ضرور حملو ڪندو. پر اليوشا ڦـِـريو، هن ڏي نهاريائين ۽ هلڻ لڳو. هـُـو اَڃا ٽي قدم مس ويو هو، ته ڇوڪري پنهنجي کيسي مان وڏي ۾ وڏو پٿر ڪڍيو ۽ سندس پٺي ۾ زور سان هنيو.
”ٺهيو، تون ماڻهن تي پٺ کان حملوڪندو آهين.هنن سچ ٿي چيو، ته تون مڪاريءَ سان ڌڪ هڻندو آهي.“ اِيئن چئي اليوشا ڦريو ۽ اڳتي وڌيو. هن ڀيري ڇوڪري نهايت وحشياڻي انداز ۾، سنئون سڌو، اليوشا جي منهن ۾ پٿر اُڇلايو. اليوشا هن ڀيري خبردار هو، اُن ڪري پٿر سندس منهن ۾ ته نه لڳو، پر سندس ٺونٺ ۾ وڃي لڳو.
”توکي شرم نه ٿو اَچي، مان توکي ڪهڙو نقصان پهچايو آهي؟“
ڇوڪرو بچاءَ جي لاءِ خاموش بيٺو رهيو. کيس پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا ضرور حملو ڪندو، پر جڏهن هن ڏٺو، ته هاڻي به ڪجهه نه ٿيو، تڏهن ننڍڙي وحشي جانور وانگر جوش ۾ ڀرجي ويو. هن پاڻ اليوشا تي حملو ڪري ڏنو. اِنهيءَ کان اڳي جو اليوشا چـُـري، نفرت سان ڀريل ڇوڪري پنهنجي ٻنهي هٿن ۾، هن جي کٻي هٿ کان ورتو ۽ سندس وچين آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو. سندس ڏند اُن ۾ گهڙي ويا ۽ ڏهه سيڪنڊ، اُن کي جهلي بيٺو. سور کان اليوشا جي دانهن نڪري وئي ۽ هن زور سان پنهنجي آڱر ڇڏائي، ڇوڪري کيس ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلوڪي جاءِ ڏي هٽي آيو. اليوشا جي آڱر ۾ چـَـڪُ سندس هڏي تائين وڃي پهتو هو ۽ ذري گهٽ ننهن بچي ويو هو. اُن مان رت ٽمي رَهيو هئو. اليوشا پنهنجي رومال کي ڪڍيو ۽ اُن کي آڱر جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. هـُـو برابر هڪ منٽ اُن کي ٻـُـڌندو رهيو. ڇوڪرو سڄو وقت ترسيو بيٺو هو. اليوشا پنهنجي پيار ڀريل اکين کي مٿي کنيو ۽ کيس ڏٺائين.
”چڱو ڪئي، پٽ!“ هن چيس، ”ڏسين ٿو، تو مون کي ڪيڏو نه بي رحمي سان چـَـڪُ پاتو آهي. هيءُ بس آهي، ڪيئن؟ هاڻي مون کي ٻـُـڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟“
ڇوڪري عجب مان کيس، ڇرڪ ڀري ڏٺو.
اليوشا کيس ساڳي دلسوزيءَ سان چيو ته، ”مان سمجهان ٿو، ته مان توکي ڪو نقصان پهچايو آهي. ڪجهه نه هئڻ جي حالت ۾ تون مون کي، جيڪر هيئن ڇو ايذاءِ پهچائين ها!؟ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟ ضرور مان ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. ٻـُـڌاءِ، ٻـُـڌاءِ.“
جواب ڏيڻ جي بجاءِ، ڇوڪرو روئڻ لڳو ۽ سـُـڏڪن ۾ پئجي، ڀڄي ويو. اليوشا، هن جي پويان آهستي آهستي ميخائيلووسڪايا جي گهٽيءَ تائين ويو. هو گهٽيءَ ۾ پري تائين ڇوڪري کي ڏسندو رهيو، جو چڱي پنڌ تي زور سان ڊوڙندو ٿي ويو. هـُـو اَڃا به روئندو ٿي ويو. هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته جيئن کيس وقت مليو، هـُـو هن راز تائين پهچندو. هاڻي، ته کيس ڪو وقت ئي نه هو.