ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ڇهون : سميرڊياڪوف

هن پنهنجي پيءُ کي سچ پچ ته ٽيبل تي ئي ويٺل ڏٺو. گهر ۾ ڊائننگ روم به هئو. ڊائننگ روم، سڀ کان وڏو ڪمرو هو ۽ کاڌي جي ميز بنهه وچ ۾ پيل هئي. اُن ڪمري کي، قديم طرز تي، نمائشي انداز ۾ سينگاريو هو. سڄو پراڻو فرنيچر هو ۽ اُن جا گاديلا ۽ ڪمانون به پراڻيون هيون، جن تي ڳاڙهو ريشمي ڪپڙو چڙهيل هو. ٻن درين جي وچ ۾، محنت سان مڪمل ڪيل خوبصورت فريمن ۾ آئينا لڳل هئا، اُنهن فريمن تي پراڻي زماني جي نقاشي ٿي نظر آئي. ڀتين تي سفيد ڪاغذ لڳل هو، جو ڪيترن جاين تان ڦاٽي پيو هو. جن تي ٻه وڏيون تصويرون لڳل هيون. اُنهن مان هڪ ڪنهن شهزادي جي هئي، جو ڪنهن وقت اُن پرڳڻي جو گورنر هو، ٻي تصوير ڪنهن پادريءَ جي هئي، جنهن کي مـُـئي ڪافي وقت گذريو هو. سامهون واري دروازي جي ڪـُـنڊ ۾، حضرت مريم (بي بي) جا ڪيئي مجسما رکيل هئا، جن جي سامهون رات جو شمعون ٻاريون وينديون هيون. اُهي عبادت جي خاطر نه بلڪ ڪمري ۾ روشني ڪرڻ جي خاطر ٻاريون وينديون هيون. فيودورپاولوچ رات جو دير سان ننڊ ڪندو هو ۽ ٽين يا چئين وڳي مس بستري ۾ ويندو هو. هـُـو اِهو پورو وقت، ڪمري ۾ پيو گهمندو هو يا آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو پـُـور پچائيندو هو. اِها سندس عادت ٿي چـُـڪي هئي. هـُـو اَڪثر گهر ۾ اَڪيلو سمهندو هو ۽ نوڪرن کي سندن ڪمرن ۾ موڪلي ڇڏيندو هو، پر رواجي طرح سميرڊياڪوف، هال ۾ هڪ بينچ تي ئي سمهي پوندو هو.
اليوشا جڏهن اندر آيو، ته ماني ختم ٿي چـُـڪي هئي. ڪافي ۽ مربي جو دور ٿي هليو. فيودورپاولووچ کي ماني کانپوءِ شراب سان گڏ مٺيون شيون کائڻ پسند هونديون هيون. ايون پڻ ميز تي موجود هو ۽ ڪافي پيئڻ ۾ مشغول هو. ٻئي نوڪر گريگري ۽ سميرڊياڪوف هڪ جهڙي خوشيءَ ۾ ٿي ڏٺا. فيودورپاولووچ وڏي آواز سان ٿي کليو. اليوشا سندس تيز ٽهڪن کي ڪمري کان ٻاهر ٻـُـڌو. هـُـن سمجهيو ته هـُـو خوش آهي. هي آواز کيس چڱيءَ ريت ٻـُـڌائي سگهيو ٿي، ته سندس پيءُ خوش مزاجيءَ جي رنگ ۾ آهي ۽ اَڃا پيئڻ کان پـَـري آهي.
”هيءُ هتي اَچي ويو، فيودورپاولووچ خوشيءَ مان آواز ڏنو ۽ اليوشا کي ڏسي بيحد خوش ٿيو.“ ويهه ۽ اَسان سان گڏجي وڃ. ڪافي بي ضرر هئڻ کان سواءِ، گرم ۽ چڱي شيءِ آهي. مان توکي برانڊيءَ جي آڇ نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته تون روزي دار آهين پر ٿوري پسند ڪندين؟ نه، مان توکي پراڻو، مشهور، مٺو ۽ تيز خوشبودار شراب ٿو پياريان.
سميرڊياڪوف، ڪٻٽ جي ٻي تختي جي ساڄي پاسي کان پيو اَٿئي. هان هيءُ چاٻيون وٺ. خيال سان ڏسجانءِ.
اليوشا، اُن شراب کان به انڪار ڪرڻ لڳو.
”ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن تو نه پيتو ته اسان پيئنداسين.“ فيودورپاولووچ، مشڪندڙ چهري سان چيو، ”پر ترس تو ماني کاڌي آهي؟“
”هائو،“ اليوشا، جواب ڏنو. سچ پچ هن فادر سپيرئر جي بورچيخاني ۾ ماني ٽڪر کاڌو هو ۽ شوروي جو گلاس به پيتو هو. ”البت مون کي ڪافي پيئندي خوشي ٿيندي.“
”شاباس منهنجا پيارا! هن کي ڪافي گهرجي. اِها گرم آهي اَلائي نه. پر هيءَ ته ٽهڪي ٿي. هيءَ بهترين شيءِ آهي، جنهن کي سميرڊياڪوف ٺاهيو آهي. سميرڊياڪوف، ڪافي، مڇي جي ٽڪرن ۽ مڇي جي شوروي ٺاهڻ جو وڏو ماهر آهي. تون ڪنهن ڏينهن اَچ ۽ مڇي جي شوروي کي پي ڏس، پر مون کي اُن جو اطلاع اڳ ۾ ڏجانءِ.“ پر ترس .... مون توکي اڄ صبح چيو هو ته پنهنجي تونئري، وهاڻو ۽ ٻيو جو ڪجهه به هجي، کڻي پنهنجي گهر هليو اَچ. ها! ها! ها!“
اليوشا مشڪندي کيس چيو: ”نه، ڪجهه به نه آندو اٿم.“
”هان، تون ڊنل هئين، اڄ صبح ڊنل هئين. هئين نه؟ مان اُتي ته توکي مٺڙا پريشان ڪونه ڪيو هو. ايون تون ڄاڻين ٿو ته جنهن اَنداز سان، هـُـو منهن ۾ نهاري ۽ کلي ٿو، اُهو مون کي بيحد متاثر ٿو ڪري. مون کي هن تي کل به ٿي اَچي. مون کي هن سان بيحد محبت آهي. اليوشا ويجهو اَچ ته مان توکي دعا ڪريان. پيءُ جي دعا.“
اليوشا پنهنجي جاءِ کان اُٿيو، پر ايتري دير ۾ فيودورپاولووچ پنهنجو اِرادو ڦيرائي ڇڏيو هن کيس چيو ته ”نه، نه، في الحال مان تنهنجي مٿان، صليب جو نشان ٿو ڪريان. تون ويهه. هاڻي تو سان اسان کي اِيئن هلڻو پوندو، جيئن تنهنجي پسنديدگي هوندي. تون اُن تي گهڻو کلندين. بلعام جي گڏهه، اسان سان هاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. ڏس ته هـُـو ڪيئن ٿو ڳالهائي، ڪيئن ٿو ڳالهائي!“
بلعام جو گڏهه ٻيو نه هو پر سميرڊياڪوف. هـُـو چوويهن سالن جو نوجوان هو، پر غير معمولي طرح خلوت پسند ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هو. اِيئن نه هو ته هـُـو ڪو شرميلو هو، يا محجوب هو. اُن جي برعڪس خود پسند ۽ سڀ کي حقارت سان ڏسندڙ هو. مان مٿي سندس سڄي ساري وضاحت ڏئي چـُـڪو آهيان.
هـُـو مشڪل سان ڳالهائيندو هو. ڪنهن کي جيڪڏهن هيءُ خيال اَچي، ته هيءُ نوجوان ڪهڙي ڳالهه ۾ دلچسپي ٿو وٺي ۽ سندس دل ۾ ڇا آهي، ته هـُـن ڏي نهارڻ کان پوءِ به هـُـو ڪجهه ٻڌائي نه سگهندو. اُن هوندي به هـُـو ڪڏهن ڪڏهن، اوچتو ئي اوچتو گهر ۾ يا اڱڻ يا گهٽيءَ ۾ بيهي رهندو هو ۽ ڪنهن فڪر ۾ ڏهن منٽن تائين گم ٿي ويندو هو. هڪ چهرا شناس سندس شڪل ۾ نهاري ها، ته چئي سگهي ها ته وٽس ڪوبه فڪر ۽ سوچ ۽ ويچار ڪونه آهي، پر فقط ڪو تصور ۽ ڌيان آهي. مصور ڪرامسڪوف جي هڪ مشهور تصوير ’تصــور‘ نالي آهي، اُن ۾ سياري ۾ هڪ ٻيلي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. ٻيلي مان جو رستو وڃي ٿو، اُن تي بلڪل ماٺ ڇانيل آهي، اُتي هڪ هاري ڦاٽل ڪپڙن ۽ ڇنل بوٽ سان بيٺو آهي، ڄڻ ته ڪنهن گهري سوچ ۽ ويچار ۾ آهي. پر هـُـو ڪوبه غور ۽ فڪر نه ٿو ڪري، فقط ”سوچي ٿو.“ اِهڙي حالت ۾، جيڪڏهن ڪو کيس ڇـُـهي ته هـُـو ڇرڪ ڀريندو ۽ سندس نگاهه مان اِيئن معلوم ٿيندو، ته هـُـو ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو آهي ۽ منجهيل آهي. هي به سچ آهي، ته هـُـو يڪدم هوش ۾ اَچي ويندو، پر جيڪڏهن، کانئس پڇيو ويندو ته هـُـو ڪهڙي ڳالهه تي سوچي رهيو هو، ته کيس ڪجهه به ياد نه هوندو. اُن هوندي به غالباََ منجهس اُهو اَثر ضرور لڪل آهي جنهن جو مٿس سوچڻ واري وقت ۾ غلبو حاصل هو. اِهي اثر کيس پيارا آهن ۽ اِنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هـُـو اِهي غير محسوس ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ گڏ ڪري ٿو. پر اِهي اَثر هـُـو ڪيئن ۽ ڇو گڏ ڪري ٿو، اُن بابت ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. اِهڙي حالت ۾ هـُـو، ڪيترن سالن تائين هي اَثر جمع ڪرڻ کانپوءِ، اوچتو ئي اوچتو سڀ ڪجهه ڇڏي، پنهنجي روح جي آزادي لاءِ، بيت المقدس جي زيارت تي هليو وڃي يا پنهنجي اَباڻي وطن کي جلائي ڇڏي، يا شايد ٻئي ڳالهيون ڪري. هاري ماڻهن ۾ اِهڙيءَ ريت حيران ٿيڻ، تمام گهڻو آهي. سميرڊياڪوف به غالباً اِهڙن ماڻهن مان هو هٻڇ سان اِهڙا اَثر پاڻ وٽ گڏ ڪندو ٿي رهيو، جن بابت کيس ڪابه خبر نه هئي، ته ڇو؟