ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ٻيو: ليزاويتا

اِها هڪ اهڙي حقيقت هئي، جنهن گريگريءَ کي خاص طرح متاثر ڪيو، جا اَڻ وڻندڙ به هئي ۽ باغياڻا شڪ پيدا ڪندڙ به. اِها ليزاويتا ڪي قدر قد جي بندري هئي. پنجن فوٽن جي اندر قد هوس. جيئن ڪي شريف عورتون ڏک وچان ٻـُـڌائينديون هيون، سندس ويڪري، خوشگوار ۽ گلابي منهن مان چريائپ صاف بکندي هئي. هوءَ جڏهن اکيون هڪ هنڌ جهلي ٽڪٽڪيءَ سان ڏسندي هئي، جي جيتوڻيڪ بي زبان ۽ نماڻيون هيون، تڏهن به ناگوار نه لڳنديون هيون. گرمي توڙي سرديءَ ۾ هوءَ سدائين پيرين اُگهاڙي گهمندي هئي ۽ سواءِ هڪ پراڻي ۽ معمولي سڻيءَ جي ڪـُـڙتي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پائيندي هئي. سندس کـُـهرا ۽ منجهيل ڪارا وار، جي گهٽيءَ جي پشم وانگر نظر ايندا هئا، اُهي ايئن لڳندا هئا، ڄڻ ته ڪا وڏي ٽوپي پهريل اَٿس. اُهي هميشه مٽيءَ سان ڀريل هوندا هئا، جن ۾ ڪک پن ڄميل هوندا هئا، ڇو ته هوءَ سدائين مٽيءَ ۾ ئي سمهندي هئي. سندس پيءُ اِليا، جو ٻئي گهر هئڻ کان سواءِ، سخت شرابي به هو، تنهن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو هو. هـُـن ڪيترن سالن کان، ڪن شاهوڪار واپارين وٽ هڪ پورهيت ٿي گذاريو هو. ليزاويتا جي ماءُ کي فوت ٿئي ڳچ وقت گذري ويو هو. اِليا، جو ساڙيلو ۽ مريض هو، هـُـو ليزاويتا کي جڏهن به گهر ۾ ايندي هئي، ته وحشين وانگر سخت ماريندو هو، پر ليزاويتا کي اُن جو ڪوبه خيال نه ٿيندو هو. شهر جو هر ڪو ماڻهو کيس هڪ مستاني ۽ خدا جي پياري ڪري سمجهندو هو ۽ سندس نظرداري ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. اليا جو مالڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري واپاري، ڪوشش ڪري، کيس سٺو لباس، بوٽ ۽ سرديءَ ۾ کـَـلَ جو ڪوٽ ڍڪائيندا هئا. هوءَ کين ڪپڙن پارائڻ کان ڪين روڪيندي هئي. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ، هوءَ اُتان، اَڪثر هلي ويندي هئي ۽ گهڻو ڪري ڪليسا جي اڱڻ ۾ وڃي، جو ڪجهه به هن کي پارائيندا هئا - مٿي جو رومال، چمڙي جو ڪوٽ، فراڪ يا بوٽ - اُهي اُتي لاهي ڦٽا ڪندي هئي، ۽ پوءِ اڳي وانگر پيرين اُگهاڙي ۽ پراڻي ڪُـڙتي ۾ گهمندي وتندي هئي. سندس پيءُ آخر مري ويو، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس يتيم سمجهي، پنهنجين اکين ۾ وڌيڪ جاءِ ڏيڻ لڳا. اِها حقيقت آهي ته هرڪو ئي کيس ڀائيندو هو. نه فقط ايترو پر ٻار به کيس نه ڇيڙيندا هئا. هوڏانهن اسان جي اسڪول جا ٻار نهايت شرير آهن. هوءَ ڪنهن به ڌارئي گهر ۾ لنگهي ويندي هئي، ته ڪوبه کيس هڪالي نه ڪڍندو هو. سڀڪو مٿس رحم کائيندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه کيس ڏيندو ئي هو. کيس جيڪڏهن ڪو ٽامي جو سڪو ملندو هو، ته اُهو هڪدم وڃي ڪليسا جي پيٽيءَ ۾ وجهندي هئي، پر بازار ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ يا ڊبل روٽي ملندي هيس ته اُن ٻار کي ڏئي ڇڏيندي هئي، جو پهريائين کيس ملي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شهر جي ڪنهن متمول عورت کي بيهاري، اُن کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ اُها به خوشيءَ مان کانئس وٺندي هئي. هـُـن سواءِ سڪل ماني ڳڀي ۽ پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چکيو هو. هوءَ جيڪڏهن ڪنهن عمدي دُڪان تي چڙهي ويندي هئي، ۽ اُتي جيڪڏهن قيمتي شيون يا پيسا پيا هوندا هئا، ته ڪوبه مٿس چوڪسي نه رکندو هو، ڇو ته کين خبر هوندي هئي ته جي هزارن جا روبل به پيا هوندا، ته هوءَ اُنهن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي. هوءَ ڪليسا جي اندر به ٿورو ويندي هئي. ڪليسا جي اڱڻ ۾ سمهندي هئي، يا گهرن جي دِڪين تي يا ڪنهن باغيچي جي بورچيخاني ۾. هوءَ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ۾ ضرور ويندي هئي، جو سندس پيءُ جي اڳئين مالڪ جو گهر هو. سرديءَ ۾ هوءَ اُتي هر رات ويندي هئي، پوءِ يا ته ڪنهن گذرگاهه يا ڳئن جي واڙي ۾ سمهندي هئي.
واقعو ايئن ٿيو، جو گهڻا سال اڳ، سيپٽمبر جي هڪ گرم چانڊوڪيءَ رات ۾، پنج ڇهه لا اُبالي ماڻهو، جي شراب ۾ بدمست هئا، گهڻو گهڻو دير سان ڪلب کان ٿي موٽيا. اُهي اُونداهن رستي کان، جو باغن جي پٺيان ۽ جاين جي وچان ٿي ويو، ۽ جن جي ٻنهي پاسن کان دِڪا نڪتل هئا، لنگهي رهيا هئا. هي رستو هڪ بدبودار تلاءَ تائين ٿي ويو، جنهن کي عام طرح اَسان درياءَ سڏيندا هئاسون. خاردار پنن ۽ ننڍڙن ٻوٽن جي اندر ڍڪيل هڪ دِڪيءَ تي ليـِـزاويتا کين سمهيل نظر آئي. هـُـو سڀئي مٿس بيهي، ڏسڻ ۽ کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جن مان سندن بي لغام شهوت پرستي صاف ٿي ڏٺي. اُن وقت هڪ نوجوان کي اَلائجي ڇو اِهو خيال آيو جو هڪ عجيب ۽ غريب سوال ڪيائين ته، ”توهان مان، ڇا اِهو ممڪن آهي جو ڪو هن جانور کي عورت سمجهي؟“ سڀني پـُـروقار طور پنهنجي ڪرامت کي ظاهر ڪندي چيو ته ”اِهو ناممڪن آهي.“ پر فيودور پاولووچ جو اُن ٽولي ۾ سـَـٽ ڏئي اڳيان آيو ۽ چيائين ته ”اِهو بلڪل ناممڪن آهي، نه فقط ايترو پر اُن ۾ لذت ۽ سلوڻائي به آهي.“ اُن وقت اِهو سچ آهي ته هـُـو پنهنجي احمقاڻي پارٽ کي وڌيڪ نمايان طور تي اَدا ڪري رهيو هو. هن چاهيو ٿي ته پاڻ کي اڳيان ڪري دوستن کي وندرائي. اِهو سڀ هڪ جهڙائيءَ جي خيال کان هو، پر درحقيقت ٻين جي مقابلي ۾ هڪ غلام پست ۽ بي آبرو کان وڌيڪ نه هو. اِهو اُن وقت ٿي رهيو هو، جڏهن هن کي پيٽسبرگ مان پهرئينءَ زال جي موت جي خبر پهتي هئي. سندس ٽوپلي تي ماتمي ڪارو پٽو ٻڌل هو. پر تڏهن به هن شراب پيتو ٿي ۽ ايتري بي حيائي ٿي ڏيکاري، جو اَسان مان ڪي البيلا به اِهو نظارو ڏسي جيڪر گهٻرائجي وڃن. شرابي هن اوچتي عجيب راءِ تي کلڻ لڳا ۽ اُنهن مان هڪڙي ته کيس اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ به چئلينج ڪيو. پر ٻين اُن مڪروهه خيال جي شدت سان مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ هـُـو اُن مان، اَڃا به مزو ۽ خوشي حاصل ڪري رهيا هئا. هـُـو آخرڪار پنهنجو رستو وٺي هليا ويا. ٿوري وقت کان پوءِ فيودور پاولووچ به قسم کڻي ويو ته هـُـو به هنن سان گڏ هليو ويو هو. اِهو شايد سچ به هجي، ڇو ته ڪنهن کي اُن جي پـَـڪ سان سـُـڌ به ڪانه آهي ۽ نه وري اُن جي ڪڏهن ڪا خبر ئي پئجي سگهي آهي. مگر پنجن ڇهن مهينن جي گذرڻ کان پوءِ سموري شهر ليزاويتا جي حالت تي نه فقط تبصرا ٿي ڪيا بلڪ اُن تي سخت غصي ۽ ناراضپي جو اظهار به ٿي ڪيو. هنن اِها ڪوشش ٿي ڪئي ته اُن بدمعاش جو پتو ڳولهي لهن، جنهن هـُـن سان هيءُ گناهه ڪيو آهي. سڄي شهر ۾ اوچتو ئي اوچتو اِهو سخت افواهه پکڙيو، ته اِهو بدمعاش ٻيو ڪوبه نه آهي پر فيودور پاولووچ آهي. پر اِهو افواهه اُٿاريو ڪنهن؟ اُن شرابي ٽولي مان پنج ڄڻا ته شهر ئي ڇڏي ويا هئا، ۽ جو باقي اسان وٽ هو، سو هڪ معمر ۽ ڪافي عزت وارو هو ۽ سول ڪائونسلر به هو. هـُـو بالغ ڌيئن جو پيءُ هو. اِن ڳالهه ۾ جيڪڏهن ڪا سچائي به هجي ها ته به هـُـو مشڪل سان اُن ڳالهه کي چوري ها. پر اُفواهه جو سنئون سنواٽو اشارو فيودور پاولووچ ڏانهن هو ۽ اُن ۾ بيحد مضبوطي به هئي.
گريگري پنهنجي مالڪ لاءِ اُن وقت پوري طاقت سان اُٿي بيٺو. هـُـن ڪيترن سان جهڙپون کاڌيون ۽ مالڪ جي بچاءَ ۾ ڪيترائي خطرناڪ جهڳڙا به ڪيا. اِنهن حالتن ۾ سمورين ڳالهين هوندي به، ماڻهن جي همدردي جا کين اُن ويچاري مستانيءَ لاءِ هئي، تنهن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. اڳي کان به وڌيڪ سندس پرگهور ٿيڻ لڳي. هڪ شاهوڪار واپاريءَ جي بيواهه، جنهن جو نالو ڪنڊراتووف هو، اپريل جي پڇاڙيءَ تائين بندوبست ڪري، پنهنجي گهر کڻائي وئي، هن خيال کان، ته ويم وارن ڏينهن گذرڻ کان اڳ کيس نه ڇڏيو وڃي. هنن مٿس هر دم چوڪسي ٿي رکي، مگر ايتري خبرداري ۽ نگهبانيءَ هوندي به هوءَ پوين ڏينهن ۾ اُتان کـِـسڪي وئي ۽ فيودور پاولووچ جي باغ ۾ گهڙي وئي. پنهنجي اُن حالت ۾، هوءَ ڪيئن ايڏين وڏين تارن کان ٽپي اندر ٿي، سو هڪ راز ٿي رهجي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪن کيس اندر ٽپڻ ۾ واهر ڪئي آهي. ڪن وري ڪنهن پـُـر اسرار ڀيانڪ شيءِ ڏانهن ٿي اشارو ڪيو. هن جي مناسب سمجهاڻي اِهائي آهي ته اِهو سڀ ڪجهه فطري طرح ئي ٿيو هو. ليزاويتا کي ڏاڪڻين ۽ ڀتن ٽپڻ جي عادت هئي. جيئن ته هوءَ اُهي ٽپي وڃي باغن ۾ سمهندي هئي، پنهنجي نازڪ حالت هوندي به هوءَ ڪنهن طريقي سان اِنهن تارُن تان ٽپي اندر وئي هجي ۽ پاڻ کي زخمي به ڪيو هـُـجائين.
گريگري ڊوڙندو مارفا وٽ آيو ۽ کيس ليزاويتا ڏانهن موڪلي پاڻ ڀر ۾ رهندڙ هڪ دائيءَ ڏانهن هليو ويو. هنن ٻار کي ته بچائي ورتو، مگر ليزاويتا پرهه ڦٽيءَ کان اڳ گذاري وئي. گريگري ٻار کي کڻي آيو ۽ پنهنجيءَ زال کي ويهاري، ٻار کڻي سندس گود ۾ وڌو. ”هيءُ خدائي ٻار آهي، يتيم ۽ سڀني جو پيارو ۽ اسان سڀني کان مٿانهون. اسان جو ننڍڙو وڃايو آهي، تنهن ڪري، هيءُ اسان کي موڪليو ويو آهي. هيءُ جيڪڏهن شيطان جو پـُـٽ آهي، پر پاڻ هن جي پرورش ڪريون.“
مارفا ٻار کي نپائي وڏو ڪيو. سندس پاويل نالو رکيو ويو. ماڻهن وري هن کي فيودور جو پٽ سڏيندي ۽ ڪرامازوف خاندان ۾ گڏيندي دير ئي نه ڪئي. فيودور پاولووچ ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض نه ڪيو، جيتوڻيڪ هيءُ سڀ ڪجهه تفريح خاطر هو. هو اُن جي ذميوارين جو پوريءَ ريت انڪار ڪندو رهيو. شهر جا ماڻهو، هن تي خوش هئا جو هـُـن لڌل ٻار کي گود ۾ ورتو هو. فيودور پاولووچ ٿورو وقت پوءِ، ٻار جو نالو ڳولي ورتو ۽ کيس ماءُ جي نالي پوئتان ’سميرڊياڪوف‘ سڏڻ لڳو.
سميرڊياڪوف پوءِ فيودور پاولووچ جو ٻيو نوڪر بڻيو ۽ اسان جي هن ڪهاڻيءَ وقت گريگري ۽ مارفا سان گڏ سندن ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هو. هـُـو راڌي جو ڪم ڪندو هو. مون کي هن سميرڊياڪوف بابت ڪجهه چوڻو آهي، جو احسانمنديءَ جي جذبي کان پري ٿي وڏو ٿيو. جيئن گريگري ظاهر ڪندو هو، هـُـو ناشڪر هو ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هـُـو دنيا کان بدظن آهي. ننڍپڻ ۾ ٻليون ڦاسائي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. ٻليون جڏهن مري وينديون هيون، ته پوءِ اُنهن کي وڏي شان شوڪت سان دفن ڪندو هو. اُن وقت هـُـو سفيد چادر ڍڪيندو هو، جا ڪنهن پادريءَ جي اَڇي جـُـبي وانگر لڳندي هئي. ڪجهه ڳائيندو هو ۽ ڪجهه اُن ٻليءَ جي مٿان هار ٻڌندو هو، ڄڻ ته اُن کي واس ڏئي رهيو آهي. گريگري هڪ ڀيري اُن کي اُن تفريح ۾ پڪڙي ورتو ۽ کيس چڱي مار ڏنائين. هـُـو رسي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي هفتا تيسو ڪري ويهي رهيو.
”هن دئيت کي نه تنهنجي ۽ نه منهنجي ئي پرواهه آهي،“ گريگري اڪثر مارفا کي چوندو هو.
”هن کي ته ڪنهن جي به پرواهه ڪانه آهي. اَڙي تون انسان به آهين؟“ هن ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي چيو. ”تون آدمي نه آهين پر تون سينور آهين، جو غسلخاني ۾ پليو آهين. تون رڳو اِهو ئي آهين ۽ بس“. سميرڊياڪوف ايئن ٿو معلوم ٿئي، ته اِنهن لفظن کي حياتيءَ ڀـَـر پنهنجي ذهن ۾ رکي ڇڏيو. گريگري کيس لکڻ پڙهڻ به سيکاريو. جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو، ته کيس مقدس ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيائين، پر اُن مان کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ٻئي يا ٽئين سبق وٺڻ وقت ڇوڪرو اوچتو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
”اِهو ڇو؟“ گريگري غصي مان پنهنجي عينڪ جي مٿان نهاريندي چيو.
”ڪجهه به نه، خدا پهرئين ڏينهن روشني پيدا ڪئي. سج، چنڊ ۽ ستارا چوٿين ڏينهن اها روشني ڀلا پهرئين ڏينهن ڪٿان آئي؟“
گريگري اِهو ٻـُـڌي وسو ٿي ويو ۽ ڇوڪري پنهنجي استاد ڏانهن طنزيه طور نهاريو. هن جي خيال جي اظهار ۾ يقيناََ پنهنجي مربيءَ کي، اُن جي مرتبي کان هيٺ ڪيرائڻ وارا لفظ هئا. گريگري پاڻ کي قبضي ۾ رکي نه سگهيو- ”چڱو، مان ٿو توکي ٻڌايان ته ڪيئن؟“ هن ڀـَـرُ ڪري ڇوڪري جي ڳل تي ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ڇوڪري چماٽ کائڻ کان پوءِ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ پاڻ کي وري به ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪـُـنڊ ۾ وڃي پوريائين. هڪ هفتي کان پوءِ جو بيماريءَ جو مٿس حملو ٿيو، سو ساريءَ ڄمار ساڻس گڏ رهيو ۽ اِها مرگهي هئي.
فيودور پاولووچ جڏهن اِهو ٻـُـڌو ته سندس رخ ڇوڪري ڏانهن هڪدم بدلجي ويو. هن کان اڳ هـُـو اُن ڏانهن نهاريندو به نه هو. جيتوڻيڪ کيس ڌمڪي به ڪانه ڏني هئائين. جڏهن کيس ملندو هو ته هميشه ٽامي جو سڪو ڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن جي موج ۾ هوندو هو، ته کاڌي جي ميز تان مٺايون به اُن ڏانهن موڪلي ڏيندو هو. پر جيئن ئي کيس سندس بيماريءَ جي خبر پئي، ته هـُـو اُن ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. هن ڊاڪٽر گهرائي علاج ڪرايو، پر ڇوڪرو لاعلاج مريض ثابت ٿيو. ڇوڪري کي هر مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو دورو پوندو هو، پر جدا جدا وقفن کان پوءِ. ڪڏهن ته دورا خطرناڪ به پوندا هئس، ۽ ڪڏهن هلڪا ۽ معمولي. فيودورپاولووچ، گريگريءَ کي سختيءَ سان منع ڪئي ته کيس ڪابه جسماني سزا نه ڏئي ۽ کيس مٿي ڏاڪڻ چڙهي اَچڻ جي به اجازت ڏنائين. هـُـن اِها به منع ڪئي ته في الحال کيس ڪجهه به نه سيکاريو وڃي.
ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ مارفا ۽ گريگري، فيودور پاولووچ کي ٻڌايو ته سميرڊياڪوف ۾ آهستي آهستي عجيب ۽ غير معمولي نازڪ مزاجي پيدا ٿي رهي آهي. هـُـو شـُـروو اڳيان ٿو رکي، شرووي ۾ ٿو نهاري ۽ پوءِ چمچو ڀري، روشني ۾ جهلي ٿو بيهي.
”اِهو ڇا آهي! ڪو جيت آهي؟“ گريگري کانئس پڇندو هو.
”شايد مک آهي؟“ مارفا وري پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
نازڪ طبع جوان ڪوبه جواب نه ڏيندو هو، پر هـُـو پنهنجي ماني، گوشت، مطلب ته هر اُها شي“، جا کائيندو هو، تنهن سان اِهائي ڪار ڪندو هو. اُن کي باريڪ بينيءَ سان جاچيندو هو ۽ گهڻي غور ڪرڻ کان پوءِ کائڻ جو فيصلو ڪندو هو.
”هش، جوان جي ڪهڙي نه عمدي اَدا آهي.“ گريگري، اُن وقت ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندي، سندس منهن ۾ نهاريندو هو.
فيودور پاولووچ ، جڏهن سميرڊياڪوف جي اِن عادت کي وڌندي ٻڌو ته کيس پنهنجي بورچي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. کيس اُن مطلب لاءِ ماسڪو به ڏياري موڪليائين. هـُـو ڪجهه سال اُتي رهي، جڏهن وڌيل به نظر ٿي آيو. پنهنجي عادتن ۾ جيئن وڃڻ کان اڳ ۾، تئن ئي هو، کيس ڪنهن جي دوستي ۽ سنگت ڏانهن ٿوري به خواهش ڪانه هئي. هن جي شڪل ۾ ڪجهه گهنج پئجي ويا هئا. جسم ۾ پـِـيلو ۽ ڪمزور ٿي لڳو.
ماسڪو ۾ به، جيئن اسان پوءِ ٻـُـڌو، ته هميشه خاموش ئي رهندو هو. ماسڪو خود هن لاءِ ڪابه وندر پيدا ڪري نه سگهيو. هـُـو مشڪل سان اُتان جي دلچسپين ڏانهن نهاريندو هو. هـُـو فقط هڪڙو دفعو ٿيئٽر ڏسڻ ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، ته نه فقط خاموش هو پر ناراض به پئي لڳو. هـُـو جڏهن ماسڪو کان موٽي آيو تڏهن عمدو لباس پهريل هو. صاف سـُـٿرو ڪوٽ ۽ صاف سـُـٿري قميص پهريل هئس. هـُـو پنهنجي ڪپڙن کي اَڪثر ٻه دفعا ڏينهن ۾ ڏاڍي خبرداريءَ سان برش هڻي صاف ڪندو هو. چمڙي جي بوٽ کي خاص انگلش پالش سان اهڙو ته چمڪائيندو هو، جو آئيني وانگر ٿي پوندو هو. هـُـو هڪ بهترين بورچي ٿي پيو هو. فيودور پاولووچ ، کيس جيڪو به پگهار ڏيندو هو اهو سمورو ڪپڙن، خوشبودار تيل، عطر ۽ ٻين شين تي خرچي ڇڏيندو هو. هن کي جيتري عورتن کان ڌڪار هئي، اوتري مردن کان به. هو نهايت فهميدو هو ۽ هنن لاءِ، هـُـو بلڪل پهچ کان ٻاهر هو. فيودور پاولووچ هن کي مڙيوئي بي خيالي سان ڏسندو هو. هـُـن کي هاڻي جلد جلد دورا پوڻ لڳا ۽ جنهن ڏينهن بيمار ٿي پوندو هو، ته مارفا کي ماني تيار ڪرڻي پوندي هئي، جا فيودور پاولووچ کي بنهه ڪين وڻندي هئي.
”تنهنجا دورا هاڻي ايترا خراب ڇو ٿا ٿين؟“ فيودور پاولووچ پنهنجي بورچيءَ کان اکيون ٽيڏيون ڪري پڇندو هو: ”توکي شادي ڪرڻ جي ڀلا خواهش آهي؟ مان توکي زال ڳولي ڏيان؟“
هيءُ ٻـُـڌي سميرڊياڪوف غصي کان ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو هو. اُن وقت فيودور پاولووچ کيس عجيب بي تابيءَ واري احساس ۾ ڇڏي ويندو هو. هن لاءِ سڀ کان وڏي اها ڳالهه هئي ته کيس پنهنجي ايمانداريءَ ۾ وڏو يقين هو. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته فيودور پاولووچ، شراب ۾ بيحد بدمست هو ۽ اُن مستيءَ ۾، هن کي جي تازو ٽن سون روبل جا نوٽ مليا هئا، اُهي گهر جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن جلدي جلدي، جيئن پنهنجا کيسا ڳولي رهيو هو، ته اُهي، هن کي ٽيبل تي نظر آيا. اِهي اِتي ڪٿان آيا؟ سميرڊياڪوف ٻي ڏينهن لـَـڌا هئا ۽ آڻي اُتي رکيا هئا.
”منهنجا پيارا! مون تو جهڙو ڪوبه نه ڏٺو آهي.“ فيودور پاولووچ، اِيئن چوندي کيس ڏهه روبل ڏئي ڇڏيا. ايترو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته هـُـو ايمانداريءَ ۾ نه رڳو ڀروسو رکندو هو پر کيس اُن سان چاهه به هو. ان هوندي به هن جوان کي سڀڪو رُکو روح ئي سمجهندو هو، ڇو ته هـُـو هردم خاموش ۽ ماٺ ۾ ئي رهندو هو.