ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ستون: عقلمند سان گفتگو چڱو آهي

اُن اعصابي دوري جي حالت ۾ هـُـو ڳالهائيندو ويو. ملاقات جي ڪمري ۾ کيس فيودورپاولووچ مليو پر هو سڌو اڳتي وڌي ويو. هٿن کي لوڏيندي کيس چوندو ويو ته، ”مان توڏي نه ٿو اَچان، سڌو مٿي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ٿو وڃان. خدا حافظ“ هـُـو گذري ويو. هـُـن پيءُ ڏي نهاريو به نه. ٿي سگهي ٿو ته اُن وقت پوڙهو کيس حقارت جهڙو نظر آيو هجي. هي نفرت جهڙي دشمني ڏسي، خود فيودورپاولووچ حيرت ۾ پئجي ويو. پوڙهي چاهيو ٿي ته فوري طور تي کيس ڪجهه ٻـُـڌائي، اُن ڪري هـُـو ساڻس ملڻ لاءِ، ملاقات جي ڪمري ۾ هلي آيو هو، پر هن غير مناسب گڏجاڻيءَ جي حالت ۾ هـُـو خاموش بيهجي ويو ۽ کيس گهري نظر سان ڪوٺيءَ تي چڙهندو ڏٺائين، تان جو هـُـو گذري ويو.
”هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ” هـُـن سميرڊياڪوف کان رعب مان پڇيو، جو ايون جي پويان اَچي رهيو هو.“
”ڪنهن ڳالهه تي غصي ۾ آهي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ ” نوڪر جهيڻي آواز ۾ چيو.
”کڏ ۾ وجهينس، ڀلي ڪاوڙ ۾ هجي. تون سماور کي اندر کڻي اَچ. هيڏي نهار، ڪا به خبر ڪانه آهي؟“
اُن کان پوءِ هن اُنهن سوالن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، جن بابت سميرڊياڪوف، ايون کي دانهن ڏني هئي. هي سڀئي سوال اُن اُميد ڀري ملاقاتي لاءِ هئا. اُنهن سوالن کي هتي نه ٿو ڏنو وڃي. اَڌ ڪلاڪ کان پوءِ سڄي گهر کي بند ڪيو ويو ۽ جذباتي پوڙهو، اَڪيلو ڪوٺين ۾ ڦرندو ٿي رهيو، اِنهيءَ سوداءَ واري اُميد ۾ ڄاڻ پنج کڙڪا ٿيا. هر هر اونداهيءَ ۾ هـُـو جهاتيون پائيندو رَهيو، پر کيس ڪجهه به نظر نه ٿي آيو.
تمام گهڻي دير ٿي وئي هئي پر ايون اَڃا جاڳيو ٿي ۽ خيالن ۾ مبتلا هو. هـُـو اُن رات اُٿي ويهي رهيو ۽ ٻي بجي تائين اِنهيءَ حالت ۾ هو، پر اسان هتي سندس خيالن جي تشريح کي ڏيڻ نه ٿا گهرون ۽ هيءَ مناسب جاءِ به نه آهي ته سندس روح ۾ نهاريون. اُن جو موقعو ايندو. جيڪڏهن سندس خيالن جي ڏيڻ جي ڪو، ڪوشش به ڪري ته اِيئن چوڻو پوندو، ته وٽس ڪو به خيال ڪو نه هو پر اَجايون ڳالهيون، جن مان کڙ نه ڪو تيل. فقط منجهس جوش ٿي ڏٺو. هـُـن پاڻ محسوس ٿي ڪيو، ته وٽانئس سهڻ جي طاقت موڪلائي وئي آهي. حيرت ۾ وجهندڙ طرحين طرحين خواهشن جي قطار وٽس موجود هئي. مثلاً: اڌ رات جي وقت اوچتو کيس غصي ڏياريندڙ خواهش پيدا ٿي ته هيٺ وڃي دروازو کولي ۽ رهائشي ڪمري ۾ وڃي سميرڊياڪوف کي ڌڪ هڻي، پر جيڪڏهن کانئس اِيئن ڪرڻ لاءِ سبب پڇيو وڃي ها ته هـُـو ٻڌائي نه سگهي ها. فقط اِهو ئي سبب وسهڻ ۾ اَچي ها ته هـُـو اُن نوڪر جي خلاف اِن ڪري هو، جو هـُـن سندس بي عزتي اِهڙي ته ڪئي هئي، جو دنيا ۾ اڳ ڪنهن به سندس نه ڪئي هئي. اُن کان سواءِ، اُن رات ڪيئي ڀيرا کيس اسرار جهڙي خوف جو احساس ٿيندو رَهيو، جنهن کان کيس شرمندي پئي ٿي. اِنهن حالتن هيٺ، هـُـن اِيئن پئي سمجهيو ته سندس قوت جسماني زائل ٿي چـُـڪي آهي. سندس مٿي ۾ سور پيدا ٿي ويو هو ۽ هـُـن پاڻ کي پريشان ٿي سمجهيو. نفرت جو جذبو سندس دل ۾ پيدا ٿي چـُـڪو هو ۽ هـُـن ڪنهن کان اُن جو انتقام وٺڻ ٿي چاهيو. هـُـن اليوشا کي به نفرت سان ٿي ڏٺو. کيس سندس گفتگو ياد ٿي آيو، جو ساڻس ڪري آيو هو. اُن وقت هـُـو پاڻ کي به نفرت سان ڏسي رهيو هو. ڪيٽرينا ايونونا بابت ته سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائون. خاص ڪري هي کيس پوري ريت ياد هو، ته جڏهن هن ڪيٽرينا وٽ دليريءَ سان اعتراض وٺندي ظاهر ڪيو هو ته هـُـو ٻي ڏينهن ماسڪو هليو ويندو، اُن وقت سندس دل ڪجهه ڀـُـڻڪي رَهي هئي. يعني ”تون بيوقوف آهين، سڀاڻي تون نه ويندين، اِيئن ڪونه ٿيندو، جيئن تون هتي لاف هڻي رهيو آهين.“
گهڻو پوءِ هن رات کي ياد ڪندي، هن کي ناخوشيءَ ۾ ياد آيو ته هـُـو ڪيئن نه اوچتو صوفي کان اُٿي، چوري چوري، اِنهيءَ خوف کان ته ڄڻ ڪو کيس ڏسي رهيو آهي، دروازي کي کوليو هئائين ۽ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو هو، جتي فيودورپاولوچ ڦـِـري رهيو هو. هـُـو ڪيترو وقت سندس قدمن جي آواز کي ٻـُـڌندو رهيو. پنج منٽ - هـُـو عجيب پريشانيءَ سان دم بخود هو ۽ سندس دل ٽپا ڏيئي رَهي هئي. هـُـن هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو هو ۽ ڪن ڇو ٿي ڏنائين. هـِـن ڳالهه کي هـُـن پاڻ به نه ٿي ڄاتو. اُن کان پوءِ هـُـن پنهنجي سڄي عمر ۾ جڏهن به هـِـن قدم بابت پئي ٿي سوچيو ته اُن کي پنهنجي عمر جو هڪ ناپسند ۽ بدترين عمل ٿي سمجهيو. خير اُن وقت کيس فيودورپاولوچ جي لاءِ نفرت جو ڪو به احساس نه هو، پر کيس فقط حيرت هئي ته هـُـو ڄاڻي سگهي ته هـُـو هيٺ ڪيئن نه اَچي وڃي ٿو ۽ هاڻي هـُـو ڇا ڪري رهيو هوندو. کيس هن تصور تي عجب ٿي لڳو ته هـُـو ڪيئن نه اونداهين درين مان جهاتيون پائي رَهيو آهي ۽ ڪوٺي جي وچ ۾ بيهي، ڪنهن آواز کي ڌيان ڏيئي ٻـُـڌي رهيو آهي ته ڪو اَچي کڙڪائي. ايون اِهڙي ريت ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لاءِ، ٻه ڀيرا ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو هو.
اٽڪل ٻه بجي جڏهن چوڌاري چپ چپات هئي، ۽ فيودورپاولوچ به بستري ۾ هو، ايون به بستري ۾ داخل ٿيو ۽ فيصلو ڪيائين ته هڪدم ننڊ ڪندو. ڇاڪاڻ ته هـُـن پاڻ کي غير معمولي ٿڪيل ٿي سمجهيو. هـُـو گهري ننڊ ۾ پئجي ويو، کيس سوير ستين بجي جاڳ ٿي، جڏهن ڪافي ڏينهن جي روشني ٿي چـُـڪي هئي. اکيون کوليندي ئي، هن پاڻ کي، طاقتور ڏٺو. ٽپو ڏيئي پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو لباس پهريائين ۽ پنهنجي پيٽيءَ کي ڇڪي ورتائين ۽ پنهنجي سامان کي بند ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته اڳئين ڏينهن تي سندس ڪپڙا ڌوٻيءَ کان آيا هئا. ايون هن حقيقت تي کليو ته هر ڪا شيءِ سندس اوچتي الوداع ۾ مدد ڪري رَهي آهي ۽ سندس هي الوداع به يقيناًاوچتو هو. جيتوڻيڪ ايون هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڪيٽرينا، اليوشا ۽ سميرڊياڪوف کي ٻڌايو هو ته هـُـو سڀاڻي وڃي رهيو آهي، پر جيئن کيس ياد ٿي آيو ته بستري ۾ وڃڻ تائين کيس ٻاهر وڃڻ جو ڪو به اِرادو نه هو. گهٽ ۾ گهٽ کيس خواب ۾ به خيال نه هو ته صبح سان سندس پهريون ڪم اِهو هوندو ته هـُـو پنهنجي پيٽي ۽ بئگ کي سفر لاءِ تيار ڪندو. نائين بجي جو وقت هو، جو دستور موجب مارفا ايگنٽيوينيا، کانئس پڇڻ آئي ته، ”هـُـو چانهه پنهنجي ڪمري ۾ پيئندو يا هيٺ؟ ” هـُـو ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو پر سندس لفظن ۾ ۽ اُنهن جي اَدا ڪرڻ ۾ ڪجهه تيزي ۽ انفراديت ٿي نظر آئي. پيءُ کي کـِـلي کيڪاريائين ۽ خاص طرح سندس صحت لاءِ پڇيائين، جيتوڻيڪ سندس جواب جو ڪو به انتظار نه ڪيائين. هن کان پوءِ هن ظاهر ڪيو ته هـُـو ڪنهن بهتريءَ جي لاءِ، ماسڪو وڃي رهيو آهي، اُن ڪري گهوڙن کي گهرايو وڃي. سندس پيءُ هن پڌرائيءَ کي ڪنهن به عجب کان سواءِ ٻـُـڌو ۽ کانئس انسانيت جي طور تي همدرديءَ جو اظهار وسري ويو ۽ اِيئن به چئي نه سگهيو ته سندس جدائي ڏک ڏيندڙ آهي. اُن جي بجاءِ هـُـو پنهنجي ضروري ڪمن ڪارين کي ياد ڪرڻ لڳو.
”تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين، اِها حقيقت تو، مون کي ڪالهه به نه ٻـُـڌائي آهي. خيال نه ڪر، سڀ ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مهرباني ڪري، منهنجو هڪڙو ڪم ضرور ڪر. واٽ تي شرماشينا ڏي وڃج. ولوويا جي اسٽيشن کان فقط ٿورو کٻي طرف ڦيرو آهي. فقط ٻارنهن فرلانگ کان پوءِ شرماشينا اَچي ويندو.“
”مون کي افسوس آهي، جو مان اِيئن نه ڪري سگهندس. اِها جاءِ اسٽيشن کان اَسي فرلانگ پري آهي ۽ ماسڪو ڏانهن ويندڙ گاڏي، رات جو ستين بجي تيار ٿئي ٿي، مون کي اُها هٿ ڪرڻي آهي.“
”تون اِها گاڏي سڀاڻي يا ٻي ڏينهن وٺج. پر اڄ تون شرماشينا وڃ. پيءُ کي آرام ڏيڻ لاءِ هن زحمت کي برداشت ڪر. جيڪڏهن مون کي هتي ڪو ضروري ڪم سوگهو نه ڪري ها ته مان پاڻ ڪڏهن جو اُتي پهچي وڃان ها. ڇاڪاڻ ته مون کي اُتي بيحد ضروري ڪم آهي. پر مان هتي.... هيءُ وقت منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو نه آهي.... مون کي اُتي ڪاٺين جي جهنگ جا ٻه ٽڪرا آهن. مئلوفس هڪ جهونو واپاري ۽ سندس پـُـٽ ديال جي ڪاٺين لاءِ اَٺ هزار روبل ڏيئي رهيا هئا. پر گذريل سال مون کان ٻيو واپاري گـُـسي ويو. جو ٻارنهن هزار روبل ڏيئي رهيو هو. هتي ڪو به ڪونه آهي، جو اُن جو خريدار بڻجي. مئلوفس کي پنهنجي لالـچ آهي. جو ڪجهه هـُـو ڏيئي رهيو آهي، اُن کي وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هتي ڪو به سندن خلاف واڪ ڏيڻ جي همٿ نه ڪندو. اليانسڪو جي راهب گذريل خميس جي ڏينهن مون کي لکي موڪليو هو ته هڪ واپاري، جنهن کي گورسٽڪن سڏين ٿا، جنهن کي مان سڃاڻان ٿو، اُنهن جي خريداري لاءِ تيار آهي. هـُـو جيئن ته هتان جو نه آهي، اُن ڪري کيس مئلوفس جو ڪو به خوف نه آهي. هو چوي ٿو ته مون کي جهنگ جي اِنهن ٻن ٽڪرن لاءِ يارنهن هزار روبل ڏيندو. تون ٻڌين ٿو نه؟ راهب مون کي لکي موڪليو آهي ته هـُـو اُتي فقط هڪ هفتو رهندو. سر تون هڪدم اوڏانهن وڃ ۽ اُن سان سودو ڪري ڇڏ.“
”توهان راهب کي لکي ڇڏيو، هـُـو اُتي سودو ڪري ڇڏيندو.“
”هو نه ڪري سگهندو. وٽس ڌنڌي واريون اکيون ئي ڪو نه آهن. هـُـو فقط خزانچي آهي. مان کيس ويهه هزار روبل بنا ڪنهن رسيد جي ڏئي ڇڏيا آهن ته هـُـو منهنجي ڪمن ڪارين جي خبر گيري ڪري. پر هـُـو ڌنڌي کان ناواقف آهي. هـُـو محض ٻار آهي ۽ کيس ڪانءُ به ٺڳي سگهي ٿو. اُن هوندي به جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين ته هـُـو عالم ۽ فاضل آهي. هي گورسٽڪن ڏسڻ ۾ ڪـُـڙمي آهي ۽ هيٺ نيري قبا پهريندو آهي. پر هو عوامي بدمعاش آهي. اُن جي لاءِ هيءَ عام دانهن آهي. اُن کانسواءِ هـُـو ڪوڙو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن اِهڙو ته ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، جو ٻڌندڙ کي عجب لڳندو ته اِهڙو ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائي. هڪ سال اڳ ۾ هـُـن مون کي ٻڌايو هو ته ”سندس زال مري وئي آهي ۽ هـُـن نئين شادي ڪئي آهي. حقيقت ۾ سندس هڪ به لفظ صحيح نه هو. سندس زال اڄ ڏينهن تائين جيئري آهي ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا کيس موچڙا هڻندي آهي. اُن ڪري توکي ڏسڻو آهي ته هـُـو جو ڪجهه چئي رهيو آهي، اُهو سچ آهي يا ڪوڙ. ڇا هـُـو سچ پچ چوي ٿو ته اُنهن کي خريد ڪندو ۽ يارنهن هزار روبل ڏيندو.“
”مان هن معاملي ۾ ڪمائتو ٿي نه سگهندس. مون وٽ به ڌنڌي واري اک ڪا نه آهي.“
”ٿورو وقت ترس. تون ڪمائتو ٿي سگهندين. مان توکي ڪي نشانيون ٻڌائيندس، جنهن سان تون گورسٽڪن کي سمجهي ويندين. مان ساڻس گهڻو وقت ڌنڌو ڪيو آهي. تون سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. سندس ڏاڙهي ننڍي، منجهيل ۽ مهيندي جي رنگ جهڙي آهي. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي ڳالهائڻ وقت ڏڪي ۽ جذباتي بڻجي وڃي ته ٺيڪ آهي. توکي سمجهڻ گهرجي ته هـُـو جو ڪجهه چوي ٿو، اُهو صحيح آهي ۽ ڌنڌو ڪرڻ گهري ٿو. پر جيڪڏهن هـُـو کٻي هٿ سان ڏاڙهيءَ کي ڌڪ هڻي ۽ ڪجهه شوخي ڏيکاري ته سمجهڻ گهرجي ته هـُـو ٺڳي ڪري رهيو آهي. سندس اکين کي نه ڏسجانءِ. سندس اکين مان توکي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هـُـو ڏاڍو گهرو ۽ بدمعاش آهي. سندس ڏاڙهي کي ڏسج. مان توکي ڪجهه لکي ڏيندس، اُهو اُن کي ڏيکارج. کيس گورسٽڪن سڏيندا آهن، جيتوڻيڪ سندس نالو لياگوي آهي. پر کيس اِنهيءَ نالي سان نه سڏج. کيس ڏک ٿيندو. جڏهن تون ساڻس ڪنهن ٺاهه تي پهچي وڃين ۽ ڏسين ته ٺيڪ آهي ته مون کي هڪدم لکي موڪل. توکي فقط لکڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي ته هـُـو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي. يارنهن هزارن جو خيال ڪر. هڪ هزار تون کڻ، مٿي جو خيال نه ڪجانءِ. ڪجهه خيال ڪر، اَٺن هزارن ۽ يارهن هزارن جي تفاوت کي ڏس. ٽن هزارن جو فائدو ڪو ٿورو نه آهي. ٻيو خريدار ملڻ به مشڪل آهي ۽ مون کي پيسي جي سخت ضرورت آهي. فقط مون کي اها خبر ڏي ته هن ۾ صداقت آهي ۽ مان اُن ڏي ڊوڙي پوندس. مان ڪنهن ريت وقت ڪڍي وٺندس. پر جيڪڏهن راهب جو هي خيال آهي ته اوڏانهن وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڪيئن تون ويندين نه؟“
”مان ڪنهن به ريت وقت بچائي نه ٿو سگهان. مون کي معاف ڪريو.“
”توکي پنهنجي پيءُ تي ٿورو ڪرڻ گهرجي. مان هن کي وساري نه سگهندس. ڇا وٽس دل نه آهي، جو تون هن لاءِ سوچي سگهين. هڪ يا ٻن ڏينهن جي ڪهڙي ڳالهه آهي! تون هاڻي ڪاڏي وڃي رهيو آهين -وينس؟ وينس ۾ تون کڻي ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ رهي پئجان. مان جيڪر اليوشا کي اوڏانهن موڪليان ها، پر اِهڙي معاملي ۾ اليوشا ڇا ڪري سگهندو؟ مان توکي اِنهيءَ ڪري ئي موڪلي رهيو آهيان، جو تون سياڻو آهين. تون سمجهين ٿو ته مان اِها ڳالهه چڱي ريت سمجهان ٿو. توکي ديال جي ڪاٺين جي ڪا به خبر نه آهي، پر تو وٽ اکيون آهن. فقط هيءَ ڳالهه ڏسڻي آهي ته اُن ماڻهو وٽ انتظاري آهي. مان توکي جيئن چوان ٿو، تون فقط سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي ڏڪي ته ڄاڻج ته کيس انتظار آهي.“
تون مون کي پاڻ اُن واهيات جاءِ شرماشينا ڏي زور ڪري موڪلي رهيو آهين؟“
ايون ڪيني جي نموني مشڪندي چيو.
فيودورپاولووچ ڪيني واري نموني کي ته نظر اَنداز ڪري ڇڏيو، پر سندس مشڪڻ کي خيال ۾ ورتائين.
”ها تڏهن تون ويندين ۽ ضرور ويندين، مان تنهنجي لاءِ نوٽ هاڻي ئي لکي وٺان ٿو.“
”مون کي خبر نه ٿي پوي ته اوڏانهن ويندس يا نه؟ مان اِهو رستي ۾ فيصلو ڪندس.“
”بيوقوف! اِهو يڪدم فيصلو ڪر. منهنجا پيارا، اِهو هڪدم فيصلو ڪر. جيڪڏهن تون اِهو فيصلو ڪرين ته مان هڪ سـِـٽَ لکي وٺان. تون لکي راهب کي ڏج، هـُـو پاڻيهي مون ڏي موڪلي ڏيندو. مان توکي گهڻو وقت نه ٿو ترسايان، تون پوءِ وينس هليو وڃ. راهب توکي وولويا اسٽيشن تائين گهوڙو ڏيندو.“
پوڙهو نهايت خوش هو. هـُـن خط لکي ورتو ۽ گهوڙن لاءِ ماڻهو موڪليائين. هلڪي ناشتي کي برانڊي سان پيش ڪيو ويو. جڏهن جڏهن فيودورپاولووچ خوشيءَ ۾ اَچي ويندو هو ته خرچائو بڻجي ويندو هو. هـُـن هڪ لفظ به نه ڪڇيو. هن جدائي جو مٿس ڪو به اَثر نه هو، پر اُٽلو کانئس ڪجهه چوڻ وسريو ٿي ويو. دمتريءَ لاءِ هن هڪ حرف به نه چيو. ايون کيس خاص طرح ڏسندو ۽ سمجهندو رهيو. هن خيال ڪيو ته ”هو مون کان ڪڪ ٿي پيو هو. ”جڏهن پنهنجي پٽ سان گڏجي، ڏاڪن کان هيٺ لهي آيو ته پوڙهي تي ڪجهه اَثر پيو. هـُـو جيڪر کيس چمي ڏئي ها پر ايون تڪڙ مان سندس هٿ کي جهلي ورتو. ظاهر ظهور سندس چمي کان پاسو ڪري ورتائين. سندس پيءُ هيءُ ڏٺو ۽ پاڻ کي پوئتي ڇڪي ورتائين.
”خوش قسمتي تنهنجو ساٿ ڏئي، خوش قسمتي تنهنجو ساٿ ڏئي. ” هـُـو ڏاڪن تان چوندو رهيو. ”تون وري اڳي پوءِ موٽي ايندين ۽ ضرور اَچج. مان هميشھ توکي ڏسي خوش ٿيندس. خير، عيسيٰ مسيح تنهنجو حافظ هجي.“
ايون گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺو.
”خدا حافظ ايون. اُميد ته تون مون کان ناراض نه هوندين. ” پڻس کيس آخري ڀيرو واڪو ڪري چيو.
سڄو گهر جو گهر کانئس موڪلائڻ آيو. سميرڊياڪوف، مارفا ۽ گريگري. ايون هر هڪ کي ڏهه روبل ڏنا. جڏهن هـُـو گاڏي ۾ ويٺو ته سميرڊياڪوف اندر آيو ۽ سندس پيرن ۾ پيل غاليچي کي درست ڪيو.
”توکي خبر آهي، مان شرماشينا وڃي رهيو آهيان. ” ايون چوڻ شروع ڪيو. لفظ سندس زبان مان ڪـِـرڻ لڳا، جيئن اڳئين ڏينهن پنهنجو پاڻ ڪري رهيا هئا ۽ هـُـو خاص اعصابي ۽ خاص کـِـل کلڻ لڳو. هن کي هـُـو پوءِ به گهڻو وقت ياد ڪندو رهيو.
”تڏهن اِهو سچ چئي ويا آهن ته ” ڪنهن عقلمند سان گفتگو ڪرڻ چڱو آهي.“ سميرڊياڪوف، ايون کي وضاحت سان ڏسندي، پختگيءَ سان چيو.
گاڏي هلي پئي. ايون جي روح ۾ ڪا به ڳالهه صاف نه هئي، پر هـُـو نهايت شوق مان چوڌاري، زمينن، ٽڪرين، وڻن ۽ آڙين جي ولرن کي، جي سندس مٿان چمڪندڙ آسمانن ۾ اڏامي رهيون هيون، نهاري رهيو هو. اوچتو هـُـو خوشيءَ سان ڀرجي ويو. هن ڪوچبان سان ڳالهائڻ گهريو ۽ اُن هاري جي جواب کان بيحد خوش ٿيو. مگر هڪ منٽ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته اُن هاري جي جواب مان ڪا به عقلمندي ڪانه ٿي ڏٺي، اُن ڪري چپ ٿي ويو. چڱو به اِيئن هو. هوا تازي ۽ ٿڌيري هئي ۽ آسمان چمڪندڙ. اليوشا ۽ ڪيٽرينا ايونونا جو تصور سندس دل تي تـَـري آيو. هـُـو فقط مشڪيو، هن آهستگي سان دوستاڻي ڳالهين تي غور ڪيو ۽ اِهي خيالَ کانئس موڪلائي ويا. هن خيال ڪيو ته اِنهن جي سوچڻ لاءِ گهڻو ئي وقت پيو آهي. هـُـو اسٽيشن وٽ جلدي پهچي ويا. گهوڙا بدلايائون ۽ وولوينا ڏانهن هليا. ”ڇو ڪنهن عقلمند سان ڳالهائڻ چڱو آهي.“ هن کان سندس مطلب ڪهڙو هو؟ اوچتو هيءُ خيال ڄڻ ته سندس ساهه کڻڻ تي به قابض ٿي ويو. ”مان کيس هي ڇو ٻڌايو ته مان شرما شينا ڏي وڃي رهيو آهيان.“ هيءُ وولوينا جي اسٽيشن تي پهچي ويا. ايون گاڏي کان ٻاهر نڪتو ۽ ڪوچبان، سندس چوڌاري ڦري آيا ۽ شرما شينا جي لاءِ، ڀاڙي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هن کين گهوڙن ٻڌڻ لاءِ چيو. هـُـو اسٽيشن جي جاءِ ڏانهن ويو ۽ چوڌاري ڏٺائين ۽ هڪ اوور سيئر جي زال تي سندس نظر پئي. اوچتو هـُـو پوئتي موٽي ويو.
”مان شرماشينا ڪو نه ويندس. ڀائرو مان ستين بجي ريل تي پهچي نه سگهندس.“
”اسان پهچائي سگهنداسون. ڇا گاڏي ٻاهر ڪڍون؟“
”اوهان مان ڪوئي سڀاڻي شهر ويندو؟“
”هائو دمـِـتري ويندو“
”دمتري تون منهنجو هڪڙو ڪم ڪندين. تون منهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف وٽ وڃج. کيس چئج ته مان شرماشينا نه وڃي سگهيس. ڇا تون اِيئن ڪندين؟“
”بيشڪ مان اِيئن ڪندس. مان گهڻي وقت کان فيودورپاولووچ کي سڃاڻان.“
”ها هيءُ ڪجهه پيسا تنهنجي لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته هـُـو توکي ڪجهه به نه ڏيندو. ” ايون خوشيءَ مان کلندي چيو.
دمـِـتري به ساڳي ريت کلندي چيو ته ”اُن تي آسرو ڪرڻ غلط آهي، هـُـو ڪونه ڏيندو.“
”اوهان جي مهرباني، مان کيس پـَـڪ سان چوندس.“
ستين بجي ايون ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ گاڏي ماسڪو رواني ٿي. گذري کي ياد نه ڪر، مان پراڻي دنيا کان هميشھ لاءِ موڪلائي ڇڏيو. هاڻي نه اُن جي خبر هوندي نه پڙاڏو. هاڻي نئين زندگي ۽ نئون مقام هوندو. پوئتي نهارڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي! ” مگر اُن هوندي به سندس روح کي ڪا به خوشي نه هئي پر اُداسائي هئي. سندس دل ڪنهن اندروني جـَـذبي کان ڏُکي رَهي هئي. جنهن کان اڳي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ دوچار نه ٿيو هو. هـُـو سڄي رات سوچيندو رَهيو. ريل گاڏي اُڏامندي ٿي وئي. پرهه ڦٽيءَ جو جڏهن هـُـو ماسڪو کي ويجهو ٿي رهيو هو. هـُـو انهن کي ڇڏي اٿي بيٺو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”مان ته بدمعاش آهيان.“
فيودورپاولووچ پنهنجي پٽ کي ويندو ڏسي، ڏاڍو خوش هو. ڇاڪاڻ ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ، هن پاڻ کي ڏاڍو خوش محسوس ڪيو ۽ برانڊي کولي پيئڻ لڳو. پر اوچتو هڪ اهڙو ناخوشگوار واقعو ظهور ۾ آيو، جنهن گهر جي سڀني ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فيودورپاولووچ جو سڪون قلب درهم برهم ٿي ويو. سميرڊيا ڪوف جيئن تهخاني ۾ ڪنهن شيءِ جي کڻڻ لاءِ ويو ته ڏاڪن تان ڪري پيو. خوش قسمتي سان مارفا اڱڻ ۾ هئي ۽ وقت تي سندس ڪـِـرڻ جو آواز ٻڌائين. هـُـن کيس ڪرندو ته نه ڏٺو پر سندس چيخ ٻڌي هئائين. جا هڪ عجيب ۽ خاص چيخ هئي. هو چئي نه ٿي سگهيا ته اِهو دورو کيس ڪو ڏاڪن تان لهندي ٿيو هو يا هـُـو اڳ ۾ بيهوش ٿي ڏاڪن تان ڪريو، پوءِ کيس ڌڪ کان مرگهيءَ جو دورو ٿيو هو. ڪيئن به هجي کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڏٺائون. هـُـو تهخاني جي ڏاڪن ۾ تـَـري ۾ پيو هو. هـُـو ڦٿڪيو ٿي ۽ سندس وات مان گـِـفَ ٿي نڪتي. پهريائين اِيئن خيال ڪيو ويو ته سندس ڪو عضوو ڀڄي پيو آهي. ٻانهن يا ٽنگ - يا ڪو ٻيو ڌڪ اَٿس. پر مارفا جيئن اظهار ڪيو ته، ”خدا کيس بچائي ورتو آهي“ کيس ڪو به ڌڪ لڳل نه هو. پر هيءُ ڏکيو هو ته کيس تهخاني مان کڻي ٻاهر آڻجي. هنن پاڙيسرين کي مدد لاءِ چيو ۽ ڪنهن به ريت کيس کڻي ورتائون. فيودورپاولووچ هن سڄي ڪم ۾ پاڻ موجود رَهيو. هن پاڻ ٻين کي مدد ٿي ڪئي ۽ پريشان ٿي نظر آيو. بيمار کي وري هوش نه آيو. ٿوري وقت لاءِ اُن ۾ ڇڪتاڻ بند ٿي وئي هئي پر وري شروع ٿي ۽ سڀني خيال ڪيو ته هاڻي به اُهائي ساڳي حالت ٿيندي جا گذريل سال ظهور ۾ آئي هئي، جڏهن هـُـو ڪوٺي واري ڪمري کان ڪـِـري پيو هو. کين ياد آيو ته اُن وقت سندس مٿي تي برف رکي وئي هئي. برف اَڃا به تهخاني ۾ موجود هئي ۽ مارفا اُن مان ڪجهه کڻي آئي. شام جو فيودورپاولووچ ڊاڪٽر هرزينسٽيوب کي گهرائي ورتو، جو هڪدم پهچي ويو. هـُـو وڏي عزت وارو پوڙهو هو ۽ اُن علائقي ۾ نهايت خبردار ۽ ڄاڻ وارو ڊاڪٽر هو. مريضن کي چڱيءَ ريت چڪاس ڪرڻ کان پوءِ، هن راءِ ڏني ته هن تي شديد حملو ٿيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اُن جا نتيجا اُگرا نڪرن. اُن وقت ته هرزينسٽيوب ته حالتون چڱي ريت سمجهي نه سگهيو، پر چيائين ته جيڪڏهن هي علاج مفيد ثابت نه ٿيو ته سڀاڻي صبح سان وري ٻي ڪا ڪوشش ڪندو. بيمار کي سندس رهائش جي جاءِ ڏانهن نيو ويو، جا ڪوٺي، مارفا ۽ گريگري جي رهائش سان گڏ هئي.
پر فيودورپاولووچ کي هڪ بدقسمتيءَ جي پويان ٻي به آئي. مارفا سندس رات جي ماني ڪئي هئي. هـُـن جا يخني تيار ڪئي هئي، سا سميرڊياڪوف جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ کان وڌيڪ نه هئي ۽ ڪـُـڪڙ کي ايڏو ته سڪايو ويو هو ۽ ايترو ته ڪچو هو، جو اُن کي چٻاڙڻ ئي ناممڪن هو. آقا جي سخت پر واجبي اعتراض تي، مارفا کيس جواب ڏنو ته ڪڪڙ نهايت وڏي عمر جو هو ۽ اُن کانسواءِ، هن اڳ ۾ ڪڏهن به بورچي جو ڪم نه ڪيو آهي. رات جو کيس وري ٻي مصيبت پيش آئي. کيس معلوم ٿيو ته گريگري جو ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو، هاڻي بستري ۾ داخل آهي. فيودورپاولوچ کان جيتري قدر جلي ٿي سگهيو، هـُـن چانهه کي پيتو ۽ اَڪيلو جاءِ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيائين. هـُـو سخت روحاني پريشاني ۽ تڪليف ۾ مبتلا هو. اُن شام جو هـُـو گروشينڪا جي لاءِ بيحد منتظر هو، ڇو ته کيس اُن جي اَچڻ جي پـَـڪ هئي. صبح سان سميرڊياڪوف کيس پـَـڪَ ڏني هئي ته ”هـُـن واعدو ڪيو آهي ته هـُـوءَ ضرور ايندي. ” پوڙهي جو قلب، اُن پريشانيءَ کان بـُـريءَ طرح دَڪ دَڪ ڪري رهيو هو ۽ اُن خالي جاءِ آواز جي ٻڌڻ لاءِ پئي ٿي آيو ۽ ويو. هـُـو بلڪل خبردار هو ته متان دمتري ڪنهن جاءِ تي هجي ۽ دريءَ تي سندس کڙڪي جي آواز کي ٻـُـڌي. ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف ٻه ڏينهن اڳ ۾ کيس ٻڌايو هو ته هوءَ ڪٿان ۽ ڪهڙي ريت کڙڪا ڪندي. اِنهن کڙڪن کي ٻـُـڌي دروازي کي هڪدم کوليو ويندو. پر اِيئن نه ٿئي ته ساڻس هـُـو به هليو اَچي ۽ خدا نه ڪري هوءَ خوف کان ڀڄي وڃي. فيودورپاولووچ هنن ڳالهين تي غور ڪري رهيو هو ۽ خوف ۾ به کيس اُميدن جو ميٺاج ٿي نظر آيو. هن ڀيري هـُـو چئي رهيو هو ته هوءَ يقينا ًايندي!