ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب اٺون: شرمناڪ نظارو

هڪ عالي خاندان ۽ نفاست پسند هئڻ جي باعث موسيوف ڪجهه اندروني بي ڪيفي ۽ بي آرامي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. هو جڏهن ايون سان گڏ، فادر سپيرئر وٽ پهتو تڏهن پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري وڃڻ تي کيس شرمندگيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. هـُـن محسوس ڪيو ته زوسيما جي چهري ۾ فيودور پاولووچ جي ذليل ۽ حقارت آميز حرڪت کان، جا کيس پريشاني ٿي هئي ۽ جنهنڪري هـُـو پنهنجو پاڻ وساري ويٺو هو، تنهن کان بهرحال کيس پري رهڻ گهربو هو.
”راهبن تي ڪنهن به حال ۾ ڪو به الزام رکي نه ٿو سگهجي،“ هـُـو ڏاڪڻ تي چڙهندي سوچڻ لڳو: ”جيڪڏهن هت هيءُ معقول ۽ مناسب ماڻهو آهن (جئن فادر سپيرئر هڪ عالي مرتبي جو آهي)، ته پوءِ ڇو نه اُنهن سان دوستاڻي ۽ مانائتي طريقي سان پيش اَچجي، مان ڪوبه بحث ڪونه ڪندس. هرچيز ۾ اُنهن سان متفق ٿيندس. مان خوش خلقيءَ سان کين پنهنجو ڪندس ۽ اُنهن کي ڏيکاريندس، ته منهنجو اُن ايسپ، اُن مسخري ۽ تماشائيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي. اِنهن ڳالهين ۾ انهيءَ ڪري ئي وڪوڙجي ويو هوس، ڇو ته اُهي ايئن ئي پئي ٿيون، جن ۾ ڪنهن چڱي مقصد کي سامهون نه ٿي رکيو ويو.
هن پڪو ارادو ڪيو ته خانقاه سان جو سندس مقدمو هلي رهيو آهي، تنهن کي ختم ڪندو ۽ سندس جيڪو ڪاٺين ۽ مڇي مارڻ جو حق آهي، تنهن تان به دستبردار ٿي ويندو. هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ انڪري به تيار ٿيو هو، ڇو ته سندس حق، پنهنجي اصلي قدر ۽ قيمت وڃائي چـُـڪا هئا. کيس اُن جهنگ ۽ نديءَ لاءِ پورو اَندازو پڻ ڪونه هو ته اُهي ڪـَـٿي آهن؟
سندس اندر ۾ اهي بهترين خيال مضبوط ٿيندا ٿي ويا. جيئن ئي هن فادر سپيرئر جي کاڌي جي ڪمري ۾ پير رکيو، خانقاه جي رهندڙن مان فادر ايوسف، فادر پيسي ۽ هڪ ٻيو راهب موجود هئا، جن کي کاڌي جي دعوت مليل هئي. موسيوف سان ايون ۽ ڪلگنوف به گڏ هئا. فادر سپيرئر ٻه قدم اڳتي وڌي ڪمري جي وچ ۾ آيو، جيئن پنهنجن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري سگهي. هـُـو ڊگهو ۽ سنهو، مگر طاقتور پوڙهو ٿي لڳو. هن جا وار ڪارا هئا، جن ۾ سفيد وارن جون ٿوريون چـَـڳون به هيون. سندس چهرو ڊگهو، ڳنڀير ۽ بلڪل ڪنهن ويراڳيءَ وانگر ٿي لڳو. هـُـو خاموشيءَ سان پنهنجن مهمانن جي اڳيان نوڙيو. هن ڀيري هـُـو سندس دعا حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڌي ويا. موسيوف ته هٿن چمڻ تائين به ڪوشش ڪئي پر سپيرئر اُن وقت پنهنجين هٿن کي پري ڪري ورتو. ايون ۽ ڪلگنوف سموري رسم کي مڪمل ادب سان ۽ نهايت سادگيءَ سان اَدا ڪيو. بلڪل ڳوٺاڻن جيان هٿ کي به چمي ڏني.
”اسان کي نيازمنديءَ سان اوهان کان معافي وٺڻ گهرجي،“ موسيوف ڪشادي پيشانيءَ سان، ڏند ڪڍي کلندي، نهايت شاندار ۽ مؤدب لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”معاف ڪجو، جو اَسان اُن صاحب يعني فيودور پاولووچ، جنهن کي اوهان دعوت ڏني هئي، اُن کان سواءِ آيا آهيون. هن اوهان جي مهمان نوازيءَ کي احسانمنديءَ سان ڏٺو پر مجبوريءَ کان انڪار ڪيو آهي. ڪنهن سبب جي ڪري، عزت ڀري فادر زوسيما جي ڪوٺڙيءَ ۾ هـُـو پـُـٽ سان نامناسب اَڻ بڻت جي ڪري، آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ ڪي اِهڙا لفظ ڳالهائي ويٺو هو، جي اَڻ سونهائيندڙ هئا ..... سچ پچ نازيبا هئا، جن کان (راهبن ڏانهن نهاريندي) اوهان جي قابل احترام هستي، بنا ڪنهن شبهي جي، اڳ ۾ ئي واقف آهي، تنهنڪري، هـُـن اهو محسوس ڪندي، ته مٿس اِهو الزام آهي، ايمانداريءَ سان مون کي ۽ پنهنجي پٽ ايون فيودور پاولووچ کي عرض ڪيو آهي، ته اوهان تائين سندس معذرت کي پهچايون. مختصر طرح کيس پـَـڪ آهي ۽ سندس اِها خواهش آهي، ته اُن جي پوءِ تلافي ڪندو. هـُـن اوهان جي نيڪ دعائن لاءِ عرض ڪيو آهي ۽ پڻ اِها به گذارش ڪئي اَٿائين، ته جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، اُن کي وساري ڇڏجي.“
موسيوف جيئن ئي اُن طنز ۽ هجو جا پويان لفظ چيا، ته ايئن لڳو ته ڄڻڪ هن مڪمل طور تي دلجمعي ۽ اطمينان حاصل ڪري ورتو آهي ۽ مونجهاري جا سمورا نشان گم ٿي ويا آهن. هـُـو هڪ ڀيرو وري خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان انسانيت کي پيار ڪرڻ لڳو آهي.
فادر سپيرئر کيس وقار سان ٻـُـڌو ۽ مٿي کي ٿورو نوڙائي چيائين ته، ”مون کي هن جي غيرحاضريءَ تي سچ پچ ته گهڻو ارمان آهي. اسان جي ميز تي هـُـو شايد اسان کي پيار ڪرڻ سکي ها ۽ اسان کيس به پيار ڪريون ها. ڀلائي ڪري اوهان پنهنجين جاين تي ويهي رهو.“
هـُـو پاڪ تصوير جي سامهون ٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان دعا جا لفظ چيائين. سڀني عزت ۽ احترام سان جهڪي ڪنڌ کي نوڙايو.
اِها ئي گهڙي هئي، جڏهن فيودور پاولووچ پنهنجي پوئين شرارت ٿي کيڏڻ گهري. اِها حقيقت آهي، ته هن سچ پچ گهر وڃڻ جو اِرادو ڪيو هو ۽ هـُـن فادر سپيرئر وٽ ماني کائڻ کي نامناسب ٿي سمجهيو. جيتوڻيڪ مربيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ سندس شرمناڪ روش کان پوءِ ڪجهه به نه ٿيو هو. اِيئن به نه هو، ته هـُـو ڪو پنهنجي روش کان شرمندو ٿيو هو، پر هـُـو اڳي کان به اڳرو هو، اُن هوندي به هـُـن مانيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ نامناسب ٿي سمجهيو. سندس چيڪاٽ ڪندڙ گاڏي، مشڪل سان هوٽل جي ڏاڪڻ وٽ پهتي هئي ۽ هـُـو اَڃا گاڏيءَ مان لٿوئي نه هو، جو هـُـو يڪدم اُتي رڪجي ويو. مربيءَ وٽ جي هـُـن لفظ چيا هئا، سي کيس ياد آيا: ”مون هميشه ايئن ئي محسوس ڪيو آهي، ته جڏهن به مان ماڻهن سان ملندو آهيان ته ايئن لڳندو آهي، ته مان اُنهن کان گهٽ آهيان ۽ هـُـو سڀئي مون کي مسخرو سمجهندا آهن، تنهنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه مسخري جو پارٽ اَدا ڪريان. جيتوڻيڪ اِها پـَـڪ اٿم ته اوهان مان هر هڪ مون کان وڌيڪ بيوقوف ۽ ڪمتر آهي.“ اُن ڪري سندس هميشه اِهائي پئي خواهش رهي، ته هو پنهنجي بيهودي حرڪت جو ٻين کان بدلو وٺندو رهي. کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري کانئس ڪنهن پڇيو هو، ته ”تون فلاڻي يا فلاڻي کي ايترو ڇو ٿو ڌڪارين؟“ اُن وقت به بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان اِهوئي جواب ڏنو هئائين، ته ”مان توکي ٻڌايان، ته هـُـن مون کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچايو آهي، پر ڇاڪاڻ ته مان هن سان هڪ خراب حرڪت ڪئي هئي، اُن ڪري مان کانئس نفرت ڪريان ٿو.“
اِهو سڀ ڪجهه هاڻي ياد ڪندي، هـُـو خبيثاڻي طور تي مشڪيو ۽ ٿوري وقت لاءِ شش و پنج ۾ پئجي ويو. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي، سندس چـَـپَ ڦڙڪڻ لڳا. ”چڱو، مون جيئن ابتدا ڪئي آهي، هن کي ايئن ئي جاري رکڻ گهرجي.“ هن فيصلو ڪيو. اُن وقت سندس اُن مونجهاري جي بلنديءَ جو هنن لفظن مان اَندازو لڳائي سگهجي ٿو، جي هن چيا: ”هينئر پاڻ کي ٺاهڻو ته نه آهي، اُنڪري مان ڇا آهيان، اُن تي سڀني کي شرمندو ڪريان ته بهتر آهي. مان بلڪل سهي نه سگهندس ۽ ڪڏهن به نه!“
سندس مغز گرم ٿي ويو. هـُـو يقيناََ هٻڪي رهيو هو ۽ پنهنجي ڳالهائڻ جي لهجي کان بلڪل بي نياز هو. هـُـن سـَـٽَ ڏيئي پنهنجو ٽوپلو کنيو.
”ڇا هـُـو برداشت نه ٿو ڪري سگهي“. فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو. ”بلڪل نه، ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهي؟ سائين! مان اندر اَچان يا نه؟ هڪ مهمان جي حيثيت ۾ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندا يا نه؟“
”خلوص دل سان اوهان جي آجيان ڪريان ٿو“، فادر سپيرئر جواب ڏنو. ”صاحبوءِ هن وڌيڪ چيو: ”مان جرئت ڪري توهان کي نهايت ئي دل جي صفائيءَ سان گذارش ڪريان ٿو، ته پنهنجي اَڻ بڻت کي پاسيرو رکي پيار ۽ سڪ ۾ ڳنڍجي وڃو. هڪ آڪهه جهڙو ميل ميلاپ ڪريو - مالڪ جي مهربانيءَ سان اسان جي ميز تي ويهو.“
”نه نه، اِهو ناممڪن آهي.“ موسيوف وري به رڙ ڪئي.
”چڱو، جيڪڏهن اِهو پيٽر اليگزينڊرووچ لاءِ ناممڪن آهي ته مون لاءِ به ناممڪن آهي. مان به ڪونه روڪبس. مان هاڻي هر جاءِ تي پيٽر اليگزينڊرووچ سان ئي رهندس. اِهوئي سبب آهي، جو مان آيو آهيان. پيٽر! جيڪڏهن تون هليو ويندين ته مان به هليو ويندس، پر جي تون ترسندين ته مان به ترسندس. توهان جڏهن آڪهه جو نالو کنيو، ته ڄڻ کيس هڪ ڏور ۾ ٻـَـڌي ڇڏيو. فادر سپيرئر هي منهنجي مائٽيءَ کان به انڪار ٿو ڪري.“

”اِهو ڇا ٿي رهيو آهي، اِهو ڇا ٿي رهيو آهي؟“ راهبن جي گروهه مان آواز ٻـُـڌڻ ۾ آيو.
”هلو ته هلون،“ موسيوف، ڪلگنوف کي چيو.
”نه، معاف ڪجو،“ فيودور پاولووچ وڏي واڪي سان چيو ۽ هڪ قدم ٻيو به اڳتي وڌي رکيائين. ”مون کي اجازت ڏيو ته مان پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪريان. پيٽر اليگزينڊرووچ مون کي هـُـن حجري ۾ انهيءَ ڪري رسوا ڪيو ويو، ڇو ته مون گولي کائڻ جو ذڪر ڪيو هو ۽ اها منهنجي ٻي جاهليت سمجهي وئي. منهنجو مائٽ موسيوف پنهنجن لفظن ۾ شرافت کي صداقت تي ترجيح ڏئي ٿو، پر مان ذاتي طرح سچائيءَ کي شرافت کان وڌيڪ سمجهان ٿو ۽ - لعنت آهي اِهڙي شرافت تي! مون کي اجازت ڏيو، مان دل جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. فادر سپيرئر، جيتوڻيڪ مان مسخرو آهيان ۽ مسخريءَ جو ئي پارٽ اَدا ڪريان ٿو، تنهن هوندي به منهنجو روح پاڪ ۽ عزت ڀريو آهي. پيٽر اليگزينڊرووچ وٽ فقط زخميل غرور ۽ خودپسندي آهي ۽ بس. مان هـِـت رڳو انڪري آيو آهيان ته دل جي ڳالهه ڪريان ۽ ڏسان وائسان. منهنجو پٽ اليڪسي هت آهي ۽ محفوظ آهي. مان سندس پيءُ آهيان. هـُـن جو خيال رکڻ لازمي ۽ اُن جو فڪر ڪرڻ منهنجو فرض آهي. مون جيتوڻيڪ احمقاڻي حرڪت ٿي ڪئي، مگر هڪ تيز اک سان ڏٺم ٿي ۽ هڪ سـَـرلي ڪـَـن سان ٻـُـڌم ٿي. هاڻي مان پنهنجي کيل جو آخري حصو کيڏڻ گهران ٿو. توهان کي خبر آهي ته مون تي ڇا ٿو وهي ۽ واپري؟ هيءُ اوهان وٽ ڇا آهي؟ جو زمين تي ڪـِـري پوي، سو هميشه لاءِ اتي ئي پيو رهي. پر اِهو ايئن ٿيڻ نه گهرجي. مان چاهيان ٿو ته زمين کان بلند ٿيان. اي مقدس بزرگو! مون وٽ اوهان سان صحبت ڪرڻ لاءِ ڪابه صلاحيت ڪانه آهي. پنهنجن گناهن جو اعتراف ڪرڻ پاڪائي رکي ٿو ۽ مان اُن جي اڳيان نهايت ئي احترام سان نوڙڻ لاءِ تيار آهيان، پر هتي حـُـجري ۾ سڀني گوڏن ڀـَـر ڪري، بلند آواز سان اقرار ڪيو هو. ڇا وڏي آواز سان اقرار ڪرڻ صحيح ٿئي ٿو؟ مذهبي طرح ته ايئن آهي ته مقدس پيءُ ڳجهه ۾ اقرار ڪيو وڃي ٿو. فقط اوهان وٽ ئي اقرار راز ۾ رهي ٿو ۽ اِها پراڻي رسم به آهي، پر ڏسو، ته مان اِهو سڀ ڪجهه، سڀ ڪنهن جي اڳيان، ڪيئن ٿو سمجهائي سگهان ته مون هيئن ڪيو ۽ هـُـونءَ ڪيو .... توهان اِهو به سمجهو ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اُن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي. اُنڪري اِهو سچ پچ ته شرمناڪ آهي نه راهبو! مان اِهو به ڄاڻان ٿو ته ممڪن آهي ته اوهان خانقاه ۾ چهبڪ هڻڻ به شروع ڪري ڏيو. مان پهرئين فرصت ۾ مقدس سائينيڊ کي لکندس ۽ پنهنجي پٽ اليڪسي کي گهر وٺي ويندس.“
اسان کي هتي هن نقطي کي ياد رکڻ گهرجي، ته فيودور پاولووچ جو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، اُن جو هڪ اکر به نه ٿي سمجهيائين ۽ نه وري اُن جو چڱيءَ ريت اظهار ٿي ڪيائين. اُن وقت ڪنهن به گوڏن ڀـَـر ڪري، مربيءَ جي حجري ۾ وڏي آواز سان اقرار ڪونه ڪيو هو ۽ نه وري هـُـن اِهو ڏٺو هو. هو فقط پنهنجي پريشان يادگيريءَ مان ۽ پراڻي عادت موجب اِهو سڀ ڪجهه بدنامي خاطر ٿي ڳالهايو.
پيٽر اليگزينڊرووچ رڙ ڪري چيو: ”بيحد اَڻ سهائيندڙ.“
”مون کي معاف ڪجو“، راهب سپيرئر چيو. ”مقدس ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي منهنجي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي بـَـد شد لفظ زبان مان ڪڍيا. اُنهن کي ٻـُـڌي، مان پاڻ کي ايئن پئي چيو آهي، ته اِها تنبيهه خدا جي طرف کان آهي ۽ هـُـن ئي هيءُ منهنجي روح جي پاڪائيءَ لاءِ موڪليو آهي. اُنڪري مان اوهان جو عاجزيءَ سان شڪر گذار آهيان. منهنجا معزز مهمان!“ هـُـو فيودور پاولووچ جي اڳيان نوڙيو.
”تون، تون - ڪيترا نه عياراڻا ۽ فرسوده جملا! پائمال جملا، ۽ لتاڙيل اِشارا! پراڻو ڪوڙ ۽ دستوري جبين فرسائي. اوهان اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻو به ٿا. وات ۾ ماکي ۽ اندر ۾ ڪاتي. جيئن شلر جا ڊاڪو! مون کي اجائي پٽاڙ ڪانه وڻي. راهبو! مون کي فقط سچ ئي وڻي ٿو. پر اِها سچائي گوبي کائڻ ۾ ڪانه ٿي لڀي ۽ مان اُن جو بلند آواز سان اظهار ٿو ڪريان. مقدس راهبو، اوهان ڀلا فاقا ڇو ٿا ڪڍو؟ اُن جي بدلي ۾ جنت جي تمنا ڇو ٿا رکو؟ اِهڙي انعام جي خاطر، مان پڻ اَچي بـُـکون ڪڍي سگهان ٿو! درويش راهبو! اوهان کي هن دنيا ۾ نيڪ سيرت ٿيڻ کپي. پنهنجي سماج جي ڀلائي ڪريو، نه ٻين جي ذلت تي پاڻ کي خانقاه ۾ ڪنهن مٿاهين جاءِ حاصل ڪرڻ جي خاطر لڪائي ويهو. اوهان کي ايترو چوڻ به ضرور ڏکيو لڳندو، پر مان بي مقصد ڪونه ٿو ڳالهايان. فادر سپيرئر! اِن مان ڀلا هـِـنن کي هٿ ڇا ٿو اَچي؟ ايئن چوندي، هـُـو ميز ڏي وڌيو. اُهائي شراب جي بوتل، اُهوئي ايلميف ڀائرن جو ماکيءَ مان تيار ڪيل شراب. ”هان، هان، راهبو! اِهو سڀ ڪجهه ماکيءَ کان مٿاهون ئي آهي.“ هن بوتلن ڏانهن نهاريو. ”اِهي راهبن ئي ته آڻي رکيون آهن. هي...! هي...! هي...! سڀ ڪنهن ڏٺيون آهن. رشيا جا هاري ۽ مزدور پنهنجي پگهر جي ميڙي سيڙي اِتي ٿا کڻي اَچن ۽ اُنهن جي ڪٽنبن کي وري محصول اُڳاڙيندڙ نپوڙيندڙا رهن ٿا. توهان کي اِها خبر آهي مقدس راهبو، ته ڪيئن اُنهن جو خون ٿو چوسجي؟“
”هيءَ ته بيحد شرمناڪ روش آهي!“ فادر ايوسف چيو.
فادر پيسي ضديت جي حد تائين خاموش هو. موسيوف ڊوڙندو ڪمري کان نڪري ويو ۽ ڪلگنوف اُن جي پٺيان پٺيان ڀڄندو ويو.
”ٺهيو، فادر مان پيٽراليگزينڊرووچ جي پوئتان وڃان ٿو. مان وري توهان کي ڏسڻ لاءِ ڪونه ايندس. مان اوهان ڏانهن هڪ هزار روبل موڪليندس، جيئن اوهان وٽ اَڃا گهڻي دولت ٿئي. مان هيءُ پنهنجي جوانيءَ جو بدلو ٿو وٺان ۽ اُنهن سڀني ذلتن جو عيوض، جي مون برداشت ڪيون آهن.“ هن مصنوعي غصي کي ظاهر ڪندي ٽيبل تي مڪ هڻي ڪڍي. ”هن خانقاه منهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو آهي. هن مون کان ڪيترائي ڳوڙها وهارايا آهن. توهان منهنجي سودائڻ زال کي منهنجي خلاف ڪيو هو. اوهان مون کي گهنڊ ۽ ڪتابن سان گهڻو ئي ستايو آهي ۽ منهنجي متعلق ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڪهاڻيون پکيڙيون آهن. گهڻو ٿيو راهبو! هيءُ آزادي جو زمانو آهي. جهازن ۽ ريلن جو دور آهي. توهان مون کان هزار ۽ سـَـو روبل ته ڇا، سـَـو ڪوڙيون ڪوڏيون به حاصل ڪري نه سگهندا.“
اِهو ظاهر آهي ته اسان جي خانقاه هن جي زندگيءَ ۾ ڪوبه حصو ڪونه ورتو هو ۽ نه وري هن جي ڪري هـُـن ڪو ڳوڙهو ئي ڳاڙيو هو. پر هـُـو پنهنجي اُن بناوتي جذبات کان ايترو ته مغلوب ٿي ويو هو، جو هـُـو اِهو سڀ ڪجهه سچ سمجهي رهيو هو. هن جي مٿان جذبات جي ايتري ته شدت ڇانئجي وئي هئي، جو هـُـو بنهه روئي رهيو هو، پر ساڳئي وقت هـُـن اِهو به محسوس ڪيو ته اِهوئي وقت آهي، جو اِتان نڪري وڃڻ کپي.
فادر سپيرئر سندس ڪوڙ تي ڪنڌ کي نوڙايو ۽ مؤثر اَنداز ۾ ڳالهايو ته، ”اڳتي ايئن لکيل آهي، محتاط ٿي برداشت ڪريو ۽ خوشيءَ سان ذلت کي سهي وڃو. اُها جا اوهان تي ناحق اَچي ٿي، اُن کان گهٻرائجي نه وڃو ۽ نه وري اُن کان نفرت ئي ڪيو، جنهن اوهان کي خوار ڪيو آهي. اَسان ايئن ئي ڪنداسون.“
”تت! تت! تت! فقط پنهنجي لاءِ ئي سوچيندا رهو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه بڪواس آهي. پنهنجي متعلق ئي غور ڪندا رهو، راهبو! مان وڃان ٿو، پر مان پيءُ جي حيثيت ۾ پنهنجي پٽ اليڪسيءَ کي هتان وٺي وڃان. ايون فيودور پاولووچ ، منهنجا فرمانبردار پٽ، مون کي اجازت ڏي ته مان توکي پنهنجي پٺيان اَچڻ لاءِ حڪم ڏيان، پاولووچ رڙيون ڪندو ۽ هٿن سان اشارا ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.
اِهائي گهڙي هئي، جڏهن ريڪٽن اُنهن کي ڏٺو هو ۽ اليوشا جو اُن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.
”اليڪسي،“ پڻس کيس پري کان ڏسندي ئي رڙ ڪئي. ”تون مون سان هميشه لاءِ گهر هليو هل. پنهنجو وهاڻو ۽ گاديلو کنيو اَچ. پٺيان ڪجهه به نه ڇڏ.“
اليوشا اِهو نظارو ڏسي بلڪل بت بڻيو بيٺو رهيو. فيودور پاولووچ هاڻي گاڏي ۾ چڙهي ويٺو.
ايون، جو هاڻي پنهنجيءَ جاءِ تي ٺهي ويٺو هو، ڪوچوان کي گاڏي هلائڻ لاءِ چيو.
”تون ئي ته اُهو آهين،“ فيودور پاولووچ چيو.
ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ پـُـٽ ڏانهن اُبتين اکين سان ڏسندي چيائين ”تو ڇو هيءُ خانقاه جو بکيڙو ڪرڻ گهريو؟ ۽ تو اُن لاءِ اصرار ڇو ڪيو ۽ توئي اُن کي ڇو پسند ڪيو. هاڻي ڀلا ڇو ٿو ناراض ٿئين؟“
فيودور پاولووچ وري ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.
”برانڊي جو هڪ ڍڪ هاڻي ڏاڍو وڻندو.“ هـُـن پر معنيٰ لفظن ۾ چيو. مگر ايون ڪوبه جواب نه ڏنو.
”جڏهن اسان گهر پهچنداسون، تڏهن تون به ڪجهه پيئندين؟“
ايون وري به خاموش رهيو.
فيودور پاولووچ وري به ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.
”پر مان اليوشا کي هتان خانقاه مان ڪڍي وٺندس، جيتوڻيڪ تون اُن کي ناپسند ٿو ڪرين، معزز ڪارل وون مور.“
ايون حقارت سان پنهنجن ڪلهن کي جنبش ڏني ۽ مـُـڙي رستي ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ هنن گهر تائين پاڻ ۾ هڪ اکر به نه ڳالهايو.