ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب اٺون: برانڊيءَ تي

بحث ختم ٿي چـُـڪو. مگر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، جو فيودورپاولووچ جو ايترو خوش ۽ مسرور هو، اوچتو سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي ڇانئجي وئي. هـُـو رنجيده ٿي ويو. برانڊيءَ جو گلاس جو هن لاءِ گهڻو هو، هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري ڇڏيائين.
”هليا وڃو يسوعي.“ هن پنهنجي نوڪرن کي رڙ ڪري چيو. ”هليو وڃ سميرڊياڪوف. مان جنهن سون جي ٽڪري جو، تو سان انجام ڪيو، اَڄ ئي توڏي موڪلي ڏيندس. تون به هليو وڃ گريگري، روءُ نه، مارفا ڏي وڃ، هوءَ توکي لولي ڏئي، هنڌ ۾ سمهاري ڇڏيندي. رات جي مانيءَ جي وقت به هي بيوقوف آرام سان ويهڻ نه ٿا ڏين.“ سندس ڪاوڙ ظاهر ٿي ڏٺي، سندس ڳالهائڻ تي، نوڪر ڪمري کان ٻاهر نڪري ويا.
”سميرڊياڪوف ته هاڻي مانيءَ کان پوءِ، ٽنگ اَڙائي ٿو بيهي. سندس، تو ۾ ئي دلچسپي آهي. آخر تو، هن کي ڇا ڪيو آهي، جو هـُـو توتي، ايڏو ڇـَـڪن آهي؟“ هن ايون کي چيو.
”ڪجهه به نه، هـُـن منهنجي لاءِ چڱي راءِ قائم ڪري ورتي آهي. هي پـَـست ۽ ذهن کان خالي روح آهي. هو انقلاب جي لاءِ اڻ - گهڙيو آهي، پر جڏهن اُن جو وقت اَچي.“
”انقلاب لاءِ؟“
”شايد هن کان بهتر، ڪي ٻيا به هجن، پر ڪي، هن جهڙا به هوندا. هن جهڙا، اول ۾ هوندا ۽ بهتر پوءِ.“
”اِهو وقت ڪڏهن ايندو؟“
”آتشبازي جي هوائي چرخي، ڇـُـٽندي ۽ جهڪو آواز ڏيندي. جيتري قدر مان سمجهان ٿو، ته هاري، اِهڙن شوروي ٺاهيندڙن جي آواز تي ڪن ڪونه ڏيندا.“

”صحيح آهي ڀاءُ. پر هن جهڙو بلعام جو گڏهه، جو فقط سوچي ۽ سوچي ٿو، شيطان ئي بهتر ڄاڻي ٿو، ته سندس سوچڻ جي انتها ڪٿي وڃي بيهندي.“
”هـُـو پنهنجي افڪار کي جمع ڪندو رَهي ٿو.“ ايون مشڪندي چيو.
”توکي خبر آهي ته هـُـو مون کي به برداشت نه ٿو ڪري نه وري ڪنهن ٻي کي، عجب ٿو لڳي ته هن کي تنهنجي لاءِ عمدي راءِ به آهي. اليوشا سان ته وڌيڪ نفرت ٿو رکي. مگر هيءُ چور نه آهي. نه وري هـُـو هڪ جاءِ جي ڳالهه، ٻي هنڌ ٻڌائڻ وارو آهي. کيس زبان تي قبضو آهي. هـُـو اسان جون خرابيون عام ۾ ڪونه ٿو ٻـُـڌائي. هـُـو مڇيءَ جي ٽڪرن کي سليقي سان ٿو ٺاهي، پر کڏ ۾ وجهه اِنهن سڀني ڳالهين کي. ڇا ايتري ڳالهائڻ جو هـُـو سزاوار آهي؟“
”بيشڪ،هن کي ڪوبه حق نه آهي.“
”سندس افڪار؟ ٿي سگهي ٿو ته هـُـو آنا ڦوڙيندو هجي. مان روسي هارين لاءِ، خاص طرح چوان ٿو، کين موچڙي جي ضرورت آهي. مان ته هميشھ اِيئن ئي ڏٺو آهي. روسي هاري نهايت ذليل آهي ۽ رحم جي لائق ئي نه آهي. اِهو چڱو ٿيندو ته وقت بوقت مٿن لـَـڪڻ وسايا وڃن. رشيابرچ جي وڻن کان شاهوڪار آهي. جيڪڏهن، هـِـنن، اِنهن ٻيلن کي تباهه ڪيو، ته رشيا جي تباهي يقيني آهي. مان داناءَ انسانن جي تائيد ڪريان ٿو. اسان جيئن ته هارين کي مارڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته سياڻا ٿي ويا آهيون، پر هاري پاڻ کي موچڙا هڻي رهيا آهن. اِها به چڱي ڳالهه آهي، ڇو ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ڇو ته جنهن ماپي سان اسان ماپيون ٿا، اُن ماپي سان، اسان به ته ماپيا وينداسون. ڪيئن به هجي ماپ ضرور ٿيندي. رشيا سڄوئي ناپاڪ آهي. منهنجا پيارا توکي خبر نه آهي ته مان رشيا کي ڪيڏو نه نفرت سان ڏسان ٿو ..... حقيقت ۾ اِها رشيا سان نفرت نه آهي، پر اُن جي خرابين سان آهي. مون کي ته رشيا ئي چوڻو پوندو. سندس سڄي بازي بيوقوفي آهي. توکي خبر آهي ته مون کي ڪهڙي شيءِ پسند هوندي آهي. مونکي ظرافت ۾ نڪته سنجي وڻندي آهي.“
”اوهان ٻيو گلاس به پيئو، اِهو ڪافي ٿيندو ۽ بس.“
”ٿورو ترس. مون کي هڪ ڳالهه چوڻي آهي ۽ پوءِ ٻي، اُن کانپوءِ مان خاموش ٿي ويندس. نه ترس، تو وچ ۾ ڳالهايو آهي. مان ’موڪرو‘ ۾ هڪ پوڙهي سان ٿي ڳالهايو. هن مون کي ٻـُـڌايو ته، اسان وٽ هيءُ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو، ته اسان پنهنجي نينگرين کي ماريندا رهون ۽ هيءُ ڪم اسان هميشھ پنهنجي نينگرن جي حوالي ڪندا آهيون، پر جنهن ڇوڪريءَ کي اڄ هـُـن ماريو هجي، ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي هـُـو کيس شاديءَ جي آڇ به ڪري. اِهڙيءَ ريت اِهو ڇوڪرين کي به پسند اَچي ٿو. خير، هيءُ عشقبازيءَ جو داستان آهي. ڪيئن به هيءَ سياڻپ جي ڳالهه آهي. ڇا اَسان به هن لذت ڀـَـري تماشي کي ڏسڻ لاءِ هلون. اَڙي اليوشا، تنهنجا ڳل ڳاڙها ڇو ٿي ويا آهن؟ منهنجا ننڍڙا ٻار شرميلو نه بڻج. مون کي افسوس آهي جو مان ’مربين‘ جي رات جي ماني تي ترسي نه سگهيس، نه ته مان هنن راهبن کي ’موڪرو‘ جي ڇوڪرين بابت ڳالهيون ٻڌايان ها. اليوشا غصي نه ٿي، ته مان اڄ صبح تنهنجي مربي جي توهين ڪئي آهي. هيءَ منهنجي بدمزاجي هئي. جيڪڏهن خدا آهي ۽ هـُـو قائم آهي ته پوءِ مان گناهه ڪيو آهي ۽ اُن جو جواب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن خدا نه آهي ته تنهنجي اِنهن مربين جي ڪهڙي قدر ۽ قيمت آهي؟ اِهو چڱو نه آهي ته سندن سسيون لاٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته هـُـو ترقيءَ جي راهه ۾ روڪ آهن. توکي اعتبار ايندو ايون! هي خيالَ مون کي عذاب ڏيئي رهيا آهن. مـَـان تنهنجي اکين مان ڏسان ٿو ته توکي هن ڳالهه تي يقين نه ٿو اَچي. تون اعتبار ڪر، ته ماڻهو مون کي فقط باندر ئي سمجهن ٿا. اليوشا، توکي يقين ايندو ته مان ٻيو ڪجهه به نه آهيان پر باندر.“
”نه، مون کي هن تي اعتبار نه ٿو اَچي.“
”پر مان توتي اعتبار نه ٿو ڪريان. تون سچ به چوين ٿو. تون مخلص نظر اَچين ٿو ۽ مخلصاڻو ڳالهائين ٿو، پر ايون نه ..... هـُـو خود پسند آهي. مان تنهنجي راهبن جو خاتمو ڪندس. مان هنن صوفين جي سڄي جنس کي، روس مان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڏيندس، جيئن سڀئي بيوقوف، ڪنهن سمجهه تي اَچي وڃن ۽ سندن سڄو سون ۽ چاندي، ضربخاني ۾ هليو وڃي.“
”پر اِهو دٻاءُ ڇو؟“ ايون کانئس پڇيو.
”اِهو اِيئن ته جيئن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪري.“
”صحيح آهي. توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪيو، ته پوءِ تون اُهو پهريون ماڻهو هوندين، جنهن کي ڦـُـريو وڃي ۽ دَٻايو وڃي.“
فيودورپاولوچ، پنهنجي پيشانيءَ کي آهستي ڌڪ هڻي چيو ته ”مان چئي سگهان ٿو، ته تون صحيح آهين. افسوس مان ته گڏهه آهيان. ٺيڪ آهي، تنهنجون مڙهيون قائم رهن، اليوشا ۽ اسان جهڙن سياڻن ماڻهن کي، آرام سان ويهي برانڊي پيئڻ کپي. ايون، تون ڄاڻين ٿو ته وڏي طاقت واري خدا، پاڻ اِهڙو نظام رٿيو آهي. ايون! ڳالهاءِ، خدا آهي به يا نه؟ ترس، سچ ڳالهاءِ ۽ خيال سان جواب ڏي، تون وري ڇو ٿو کلين؟“
”مون کي کـِـل اِن ڳالهه تي اَچي ٿي، ته توهان بلڪل هاڻي سميرڊياڪوف جي اعتقاد بابت واضح راءِ ڏئي چڪا آهيو، ته دنيا ۾ اِهڙا به ٻه درويش موجود آهن، جي جبل کي چورَي سگهن ٿا.“
”ڇا، مان هاڻي اُن جهڙو آهيان؟“
”بيشڪ!“
”ڏاڍو چڱو. هيءُ ڏيکاري ٿو، ته مان روسي به آهيان ۽ مون ۾ روسي خصوصيتون به آهن. تون فلاسفر هوندي به شايد هنن خصوصيتن کان خالي نه هجين. ڇا مان توکي پڪڙي وٺندس؟ تون ڪيتري شرط ٿو رکين؟ مان ته توکي سڀاڻي تائين گرفت ۾ رکندس. اُها ئي ڳالهه ٻـُـڌاءِ، خدا آهي يا نه؟ ڳنڀير ٿيءُ. مان هاڻي فقط اِهو چاهيان ٿو ته تون ڳنڀير ٿيءُ.
”نه خدا ڪونه آهي.“
”اليوشا خدا آهي؟“
”بيشڪ خدا آهي.“
”ايون، جنهن شڪل ۾ روح جاودانيءَ جو تون تصور ٿو ڪرين، اُن کي ڪو وجود آهي؟“
”جاوداني شيءِ آهي ئي ڪانه.“
”ڪجهه به نه.“
”ڪجهه به نه.“
”چئبو ته هتي مڪمل ڪين آهي. اُن هوندي به ڪا شيءِ آهي. ڪين کان چڱو آهي ته ڪا شيءِ هجي.“
”مڪمل ڪين.“
”اليوشا جاودانيت آهي؟“
”هائو.“
”خدا ۽ جاودانيت؟“
”هائو خدا ۽ جاودانيت. خدا ۾ ئي بقا آهي.“
”عجب، ممڪن آهي ته ايون حق تي هجي. يا خدا! جنهن وقت مان هيءُ خيال ڪريان ٿو، ته هيءُ ايمان ۽ هيءَ طاقتون، ماڻهو ڪيئن نه ڪين جي خواب ۾ پنهنجا هزارين سال اَجايا وڃائي ڇڏيا آهن. هـُـو انسان تي ڪير کـِـلي رهيو آهي. ايون! مون کي آخري دفعو، قطعي طور تي ٻـُـڌاءِ، ته خدا آهي يا نه؟ مان هيءُ توکان آخري طور تي پڇان ٿو.“
”مان به آخري طور تي چوان ٿو ته هـُـو ڪونه آهي.“
”ايون، تڏهن انسانيت تي ڪير ٿو کـِـلي؟“
ايون مشڪندي چيو، ”اِهو شيطان ئي ٿي سگهي ٿو.“
”شيطان! ڇا اُن جو وجود آهي؟“
”نه شيطان به ڪونه آهي.“
” ۽ پوءِ افسوس آهي. ڇڏ انهن سڀني ڳالهين کي. اُن پهرئين ماڻهوءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن پهريائين خدا کي ڳولهي لـَـڌو هو. کيس ڪنهن ڪنڊن واري وڻ تي لڙڪائڻ چڱو ٿيندو؟“
”جيڪڏهن خدا کي نه ڳولهين ها، ته هيءَ تهذيب ۽ تمدن وجود ۾ ئي نه هجي، ها.“
”خدا کان سواءِ، هـُـو نه هجي ها؟“
”نه. پوءِ ته هيءَ برانڊي به نه هجي ها. پر مان توکان هيءَ برانڊي، ڪنهن به طرح کسڻ گهران ٿو.“
”عزيز ڇوڪرا، خاموش! خاموش! خاموش! هڪ وڌيڪ گلاس. مان اليوشا جي جذبات کي ڏُکويو آهي. اليوشا تون ڪاوڙ ۾ ته نه آهين؟ منهنجا پيارا ننڍڙا اليڪسي!“
”نه، مون کي ڪوبه غصو نه آهي. مون کي تنهنجي خيالن جي خبر آهي، تـُـنهنجي دل، تـُـنهنجي دماغ کان بهتر آهي.“
”منهنجي دل، منهنجي دماغ کان بهتر آهي. ڇا اِئين برابر آهي؟ يا خدا! هيءَ راءِ به هن کان. ايون، تون اليوشا کي پيار ڪرين ٿو؟“
”هائو.“
”توکي، هن کي پيار ڪرڻ گهرجي. (فيودورپاولووچ، هن وقت سخت نشي ۾ هو) ڌيان سان ٻـُـڌ اليوشا، مان اڄ صبح جو تنهنجي مربيءَ سان بي مروتيءَ سان هليو آهيان، پر مان جوش ۾ هوس، پر تنهنجي مربيءَ ۾ ظرافت سان ڀريل نڪته سنجي ضرور آهي. تون نه ٿو سمجهين ايون؟“
”بيشڪ.“
”هـُـن ۾ آهي، هـُـن ۾ آهي. هـُـو هڪ يسوعي آهي ۽ هڪ روسي. جيئن ته هـُـو معزز شخص آهي، اُن ڪري منجهس لڪيل بيزاري آهي، جا پئي ٿي ٽهڪي. اُن جو لازمي نتيجو آهي ته هو ڌوڪو ڏئي ۽ پاڻ کي پاڪيزه سمجهي.“
”پر اُن هوندي به هـُـو خدا کي مڃي ٿو.“
”ڪجهه به نه، توکي خبر نه آهي؟ ڇو، هـُـو ته سڀني کي پاڻ ٻـُـڌائيندو رهندو آهي. فقط سڀ ڪنهن کي نه، پر سڀني دانشمندن کي، جي وٽس ايندا آهن. هن گورنر شولٽرز کي سنئون سڌو چيو هو، ’مان مقدس آهيان‘، پر اِها خبر نه اٿم ته ڇا ۾؟.“
”سچ پچ؟“
”سچ پچ. اُن هوندي به مون کي هن لاءِ عزت آهي. منجهس شيطانيت آهي يا وري هـُـو پنهنجي وقت جو سورمو آهي. سندس نالو اَرينن آهي يا ڪو ٻيو؟ ... تون ڏسين ٿو ته هـُـو عياش آهي. ايتري قدر، جو مان جيڪر پنهنجي ڌيءُ يا ماءُ اُن وٽ نه ڇڏيان. توکي خبر آهي ته هـُـو ڪيئن ڳالهيون ٻـُـڌائڻ شروع ڪندو آهي ... ٻه سال گذريا، هن اسان کي چانهن تي مدعو ڪيو هو. چانهن، شراب سان گڏ. (بيگمن هن ڏانهن شراب موڪليو هو.) هـُـن اُتي پراڻي وقت جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. ايتري قدر جو ويٺي اسان جا پاسا سـُـڄي ويا. خاص طرح هـُـن ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت، هـُـن هڪ معذور عورت کي خوش ڪيو هو. هـُـن چيو ٿي ته جيڪڏهن منهنجون ٽنگون خراب نه هجن ها ته مون کي رقص ڪرڻ ايندو آهي ۽ مان اوهان کي رقص ڪري ڏيکاريان ها. اوهان هن لاءِ ڇا ٿا چئو؟ مون وٽ گهڻيون ئي چالون آهن. هـُـن ڊميڊوف واپاريءَ جا سـَـٺ هزار روبل کڻي ورتا.“
”ڇا هـُـن اِها چوري ڪئي هئي؟“
”هن اعتبار ڏئي، اُنهن پيسن تي قبضو ڪيو هو. هـُـن کيس چيو هو ته ”دوست هن رقم کي، منهنجي بجاءِ تون پاڻ وٽ سنڀالي رک، ڇو ته منهنجي گهر جي، سڀاڻي پوليس تلاشي وٺندي. هـُـن پاڻ وٽ اِهي پيسا رکيا. هـُـن بعد ۾ اعلان ڪيو، ته اِهي پيسا ديول کي ڏنا ويا آهن. مان کيس چيو ته تون گهٽيا آهين. هـُـن جواب ڏنو ته مان گهٽيا نه آهيان پر بلند نظر آهيان. اُن وقت ڄڻ ته هـُـو نه هيو، پر ٻيو ڪو هيو. بنا ڪنهن ڏسڻ وائسڻ جي مان هـُـن کي ڪنهن ٻي سان ملائي ڇڏيو آهي .... مان ٻيو گلاس ۽ اِهو ڪافي آهي. ايون هن شيشي کي کڻي وڃ. مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوس. اوهان مون کي روڪيو ڇو نه ٿي؟ ايون، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪوڙ ڳالهائيندو ٿي رهيس؟“
”مون سمجهيو ٿي ته پاڻ ئي چـُـپ ٿي ويندين.“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تو اِهو سڀ بغض کان ٿي ڪيو. توکي منهنجي خلاف بغض آهي. توکي مون کان نفرت آهي. منهنجي گهر ۾ ويهي، مون کان نفرت ٿو ڪرين.“
”ٺيڪ آهي، مان وڃان ٿو، تون گهڻو شراب پي ويو آهين.“
”مان توکي منٿ ڪندو رهيو آهيان ته (حضرت) عيسيٰ جي نانءُ تي، هڪ ٻن ڏينهن لاءِ شرما شينا ڏي هليو وڃ پر تون نه ٿو وڃين.“
”جيڪڏهن تون هن ڳالهه تي اصرار ٿو ڪرين، ته مان سڀاڻي اوڏانهن هليو ويندس.“
”تون ڪونه ويندين. تون چاهين ٿو، ته مون تي ڪـَـرڙي نگاهه رکين. اِهو ئي توکي کپي ٿو ڪيني سان ڀريل انسان! اِهوئي سبب آهي، جو تون نه ٿو وڃين.“
پوڙهي کي آرام نه ٿي آيو. هـُـو نشي جي اُن حد کي پهچي چـُـڪو هو، جتي نشي ۽ ڪاوڙ ۾ اَچي، ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هـُـن ايون کي چيو ته:
”تون، مون ڏي ڇو ٿو نهارين؟ مون ڏي اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ تنهنجون اکيون مون ڏي نهاري ٻـُـڌائين ٿيون، ته تون مون کي بدمعاش شرابي ٿو سمجهين. تنهنجي اکين ۾ بي اعتباري آهي. اِهي حقارت سان ڀريل آهن. تون هتي ڪنهن رِٿ سان آيو آهين. اليوشا پڻ مون ڏانهن نهاري رهيو آهي. سندس اکيون چمڪي رهيون آهن. اليوشا مون کي نفرت سان نه ڏس. اليڪسي توکي ايون سان محبت نه ڪرڻ کپي.“
”منهنجي ڀاءُ سان بدفطرت نه ٿي. هـِـن تي حملا ڪرڻ ڇڏي ڏي.“ اليوشا پر زور لهجي ۾ چيو.
”او، چڱو. اَڙي منهنجي مٿي ۾ سور آهي. برانڊي کڻي وڃ ايون. هيءُ ٽيون ڀيرو آهي، جو مون توکي چيو آهي.“ هـُـو گهڙيءَ کـِـن ڳڻتي ۾ پئجي ويو. پوءِ سندس چهري تي کـِـلَ سان گڏ مڪاري پکڙجي وئي ۽ چوڻ لڳو ته:
”هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور ماڻهوءَ تي ڪاوڙ نه ڪر ايون! مان ڄاڻان ٿو، ته تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين پر گهٽ ۾ گهٽ ڪاوڙ ته نه ڪر. مون وٽ آهي ئي ڇا، جو مون سان محبت ڪرين. تون شرما شينا ڏي وڃ. مان توڏي پاڻ ايندس ۽ تولاءِ تحفو کنيون ايندس. مان توکي، اُتي هڪ حسين ڇوڪري ڏيکاريندس. منهنجي اک مٿس گهڻي عرصي کان آهي. هـُـوءَ اَڃا تائين اُگهاڙي پيرين آهي. اُگهاڙن پيرن وارين حسين ڇوڪرين کان خوف نه کاءُ. اُنهن کي نفرت سان نه ڏس، هـُـو موتي آهن!“
”هـُـن ڏاڍي مزي مان، سندس هٿ کي چمي ڏني.“
”منهنجي خيال ۾“ هـُـو هڪدم پاڻ ڏي موٽي آيو. اِيئن ٿي نظر آيو ته کانئس سڄي مستي اُڏامي وئي آهي ۽ پنهنجي مضمون لاءِ سنجيده ٿي ويو آهي. ”منهنجي خيال ۾، منهنجا ننڍڙا ڇوڪرؤ! ننڍڙا ٻارؤ! منهنجي خيال ۾، مان ڪڏهن به ڪنهن به عورت کي بـُـرو نه سمجهيو آهي. اِهوئي منهنجو دستور رهيو آهي! توهان اِنهيءَ کي سمجهي سگهو ٿا؟ توهان اِنهيءَ کي ڪيئن سمجهي سگهندا؟ توهان جي رُڳن ۾ رت ڪٿي اَڃا کير آهي. توهان ته اَڃا ڍَڪ کان ئي ٻاهر نه نڪتا آهيو. منهنجو دستور هميشھ اِهو رهيو آهي ته هر هڪ عورت ۾ شيطانيت ڀـَـري دلچسپي ڏسان، جا اوهان کي ٻي هنڌ ڪٿي به نظر نه ايندي. فقط ڳالهه هيءَ آهي، ته ڪو اُن کي ڳولي ڄاڻي. اِهوئي ته نقطو آهي! اِهائي ته صلاحيت آهي. منهنجي کاتي ۾ ڪابه بڇڙي عورت ڪانه آهي. مون لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته هوءَ لڙائيءَ ۾ اَڌ عورت ئي آهي ... پر توهان هيءُ ڪيئن سمجهي سگهندا؟ ايستائين جو پيرسن ڇوڪرين ۾ به ڳولهيندي اوهان کي ڪجهه ملي ويندو. پوءِ اوهان کي عجب لڳندو، ته ماڻهو ڪهڙا نه بيوقوف هئا، جو اُنهن کي ڏسڻ کانسواءِ پيرسنيءَ لاءِ ڇڏي ڏنو اَٿائون. اُگهاڙن پيرن واريون ڇوڪريون جاذب نظر نه اينديون آهن، پر توهان اُنهن کي ضرور اوچتو ڏسو. توهان هن کي نه ٿا ڄاڻو ڇا؟ توهان سندن ارد گرد رهو، جيستائين ساڻن اوهان جو پيوند پختو ٿي وڃي ۽ هـُـو ڄاڻي سگهن، حيران ٿين ۽ شرمنديون ٿين، ته ههڙو سـَـکر ماڻهو، ڦوهڙ عورتن جي محبت ۾ گرفتار آهي. هيءَ پرلطف ۽ عمدي شيءِ آهي، ته هن جهان ۾ آقا به آهن ۽ غلام به. اُن ڪري هميشھ ناچيز خدمت واريون به هونديون ۽ مالڪ به. توکي اِها خبر هجي، ته هي سڀ، عيش ۽ نشاط لاءِ گهربل شيون آهن. اليوشا ترس ۽ غور سان ٻـُـڌ، مان تنهنجي ماءُ سان اِرادي کانسواءِ ملندو هوس پر ڪنهن ٻي طريقي سان. مان اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هوس. مگر وقت تي، اُن کي پيار ڏيکارڻو پوندو هو ۽ خودداري قائم رَهي نه سگهندي هئي. هوءَ هڪدم کلڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. مون کي اُهو نظارو ياد ٿو اَچي ته اِيئن ٿو معلوم ٿئي ته هوءَ ڄڻ منهنجي سامهون ويٺي آهي. هيءُ سندس کلڻ خاص نوعيت جو هو. مان ڄاڻندو هوس ته اڄ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو عارضي آهي. سڀاڻي وري ساڳي فرياد هوندي ۽ ساڳيو روڄ ۽ پٽڪو. ڄڻ ته ڪا غيبات زده ورتل آهي. سندس هر مختصر کلڻ، خوشي ۽ اطمينان جو اظهار نه آهي پر سڄي بناوٽ آهي. هي آهن، خاص خصوصيتون زالن جون!
هڪ ڀيري بيلنسڪي، جو حسين ۽ دولتمند آهي، پتنگ وانگر هـُـن جي چوڌاري ٿي ڦريو. شروع ۾ اَسان جي گهر ۾ اَچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي گهر ۾، هـُـن جي سامهون مون کي چماٽ هڻي ڪڍيائين. هوءَ جا رَڍ وانگر هئي، خوف ٿيو ته هوءَ مون کي ڌڪ هڻي زمين تي ڪيرائي وجهندي، چوڻ لڳي ته هـُـن توکي ماريو آهي، ماريو آهي. تو مون کي وٽس وڪڻڻ ٿي گهريو. هن کي ڪيئن اِها جرئت ٿي آهي، جو منهنجي سامهون توکي ڌڪ هنيو اَٿائين. وري منهنجي ڀرسان اَچڻ جي جرئت نه ڪجانءِ. ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه. ڊوڙ ۽ دوبدو ويڙهه (Dull) جي هن کي دعوت ڏئي. مان لاچار ٿي پيس ۽ کيس ديول ۾ وٺي ويس، ته جيئن کيس آرام اَچي. راهبن اُن جي لاءِ دعا گهري. اليوشا مان خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ۽ مان ڪڏهن به اُن جـِـن ورتل ڇوڪريءَ جي بي عزتي نه ڪئي. فقط هڪ دفعو، پهرئين سال ۾، کيس عبادت سان ڏاڍو شوق هو. هـُـو بي بي مريم جي عزت ۾ دعوتون ڪندي هئي ۽ مون کي گهر کان ڪڍي ڇڏيندي هئي. مان خيال ڪيو، ته هي تصوف منجهانئس ڪڍي ڇڏڻ کپي. هيءُ بي بي مريم جو پاڪ مجسمو ڏسين ٿي، مان اُن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان. تون هن کي معجزي جهڙو ٿي سمجهين، مگر مان اُن کي تنهنجي سامهون ڦٽو ٿو ڪريان ۽ تون ڏسندين ته مون کي ڪجهه به نه ٿيندو. جڏهن هـُـن هيءُ ٻـُـڌو ته سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ معلوم اِيئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ مون کي ماري وجهندي. مگر هـُـن فقط مٿي ٽپو ڏنو ۽ هٿن کي مهٽيو ۽ اوچتو پنهنجو منهن اُن ۾ لڪائي ڇڏيائين. ڏڪي ڏڪي آخر زمين تي ڪـِـري پئي ..... ڄڻ ته ڪا ڳنڍڙي ڪري پئي. اِليوشا، اليوشا توکي ڇا ٿو ٿئي؟“
پوڙهو پريشانيءَ ۾ ٽپو ڏئي اُٿيو. سندس پيءُ جڏهن سندس ماءُ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، ته سندس چهري ۾ آهستي آهستي تغير ايندو ٿي ويو. سندس منهن جو رنگ گلابي ٿيندو ويو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا. پوڙهو، جو نشي ۾ مست هو ۽ سندس منهن مان گڦ ٿي نڪتي، اليوشا جي حالت ۾ تبديلي کي ڏسي نه سگهيو. جڏهن اُن کي غيبات زده عورت چئي، هـُـن سندس ذڪر شروع ڪيو، تڏهن اوچتو اليوشا تي اُن جو اثر پيو. هـُـو پنهنجي جاءِ تان اِيئن ٽپو ڏئي اُٿيو، جيئن سندس ماءُ بابت ٻڌايو ٿي ويو. پنهنجي هٿن کي مهٽيائين ۽ اُنهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين. ڪرسي تي ڪري پيو. هسٽيريا جي مريض وانگر زاروزار روئڻ لڳو ۽ سندس عضون ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. اِن حال ۾ سندس ماءُ سان مشابهت ڏسي، پوڙهي جي مٿان وڏو اَثر پيو.
”ايون، ايون، جلدي ڪري پاڻي آڻ. بلڪل ماءُ وانگر، جيئن هوءَ ڪندي هئي. سندس منهن ۾ پاڻي هڻ. مان اُن سان به اِيئن ڪندو هوس. هن جي پريشاني به ماءُ وانگر آهي. ماءُ وانگر.“
اوچتو ايون، ڪاوڙ ڀريل نفرت ۾ چيو ”هـِـن جي ماءُ منهنجي به ماءُ هئي. ڇا اِيئن نه آهي.“ سندس ڪاوڙ ۽ نفرت، ضابطي کان ٻاهر هئا. پوڙهو سندس چمڪندڙ اَکين جي اڳيان ڏڪڻ لڳو. اُن وقت هڪ عجيب معاملو ٿي گذريو، جيتوڻيڪ اُهو هڪ سيڪنڊ لاءِ هو. شايد پوڙهي جي دل تان هيءُ خيال لهي ويو هو ته اليوشا جي ماءُ ايون جي به ماءُ هئي.
”تنهنجي ماءُ،“ هـُـن ڀـُـڻڪيو ۽ بي سمجهيءَ مان چيائين، ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ماءُ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ اُها تنهنجي به ماءُ هئي؟ بيشڪ اُها به تنهنجي ماءُ هئي! ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، منهنجي دل ڪڏهن به ايترو اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا نه هنيا آهن. مان خيال ڪريان ٿو ايون، مون کي معاف ڪر. هي، هي، هي ....“ اُن وقت هـُـو خاموش ٿي ويو ۽ سندس چپن تي شيطانيت ڀريل مـُـشڪ ظاهر ٿي.
عين اُن وقت هڪ خطرناڪ شور ۽ جنجال هال ۾ پيدا ٿيو. ڊيڄاريندڙ رڙيون شروع ٿي ويون. دروازو زور سان کليو ۽ دمتري ڪمري ۾ آيو. پوڙهو خوف کان ايون جي طرف ڀڳو.
”هي مون کي خون ڪندو، هيءُ مون کي خون ڪندو! هن کي مون ڏي نه ڇڏ.“ هـُـن خوف کان رڙ ڪئي ۽ ايون جي ڪوٽ کي چنبڙي پيو.