باب ٽيون: ايماندار ڳوٺاڻيون عورتون
ميڊم هوئلڪوف دولتمند عورت هئي، هـُـوءَ اَڃا به جوان ۽ پرُڪشش نظر ٿي لڳي. نهايت ئي سهڻو لباس پهريل هئس. ٿورو پـِـيلـِـي ٿي لڳي، مگر سندس اکيون ڪاريون ۽ غضبناڪ هيون. هوءَ ڪنهن به حالت ۾ ٽيٽيهن سالن کان مٿي نه هئي ۽ کيس بيواهه ٿئي پنج سال ٿيا هئا، سندس ڌيءُ چوڏهن سالن جي هئي ۽ سندس ڌيءُ جا پير مفلوج هئا. قريب قريب ڇهن مهينن کان اها بدقسمت ڇوڪري گهمي ڦـِـري نه ٿي سگهي ۽ ڦيٿن واري ڪرسيءَ جي سهاري تي گهمي ٿي. سندس ڌيءُ جو چهرو به نهايت دلڪش هو، پر بيماريءَ جي اَثر ڪري لاغر ٿي ڏٺي. اُن هوندي به اها ڇوڪري خوش ۽ کلمک ٿي نظر آئي. سندس ڪارين ۽ وڏين اکين مان شرارت سان گڏ پاڪائي ۽ شادابيُ، کنوڻ وانگر تجلي ٿي ڏني. بهار جي موسم ۾ سندس ماءُ پڪو ارادو ڪيو هو ته کيس آب و هوا جي تبديلي لاءِ ٻاهر وٺي وڃي، پر سڄو اونهارو پنهنجي زمين جي ڪمن ڪارين سبب رڪجي وئي هئي. زوسيما سان هـُـو ٽي ڏينهن اڳي ملي چـُـڪيون هيون. کين جيتوڻيڪ اِها خبر هئي ته مربي مشڪل سان ڪنهن سان ملندو آهي، مگر هـُـو اوچتو وري آيون ۽ التجا ڪيائون، ته ”خوشنوديءَ خاطر، هو هڪ ڀيرو وري اُن عظيم معالـج کي ڏسڻ گهرن ٿيون“.
ماءُ، ڌيءُ جي گاڏيءَ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. کانئس ٻه قدم پري هڪ پوڙهو راهب بيٺو هو، جو اسان جي خانقاه مان نه هو، پر ملاقاتي هو، جو اُتر جي ڪنهن ڏورانهين مذهبي گهر کان آيو هو. هـُـو پڻ مربيءَ کان دعائن وٺڻ جي لاءِ آيو هو.
فادر زوسيما، ڇـَـڄي جي هيٺان ايندي، پهريائين سڌو ئي سڌو، اُنهن ڳوٺاڻين عورتن ڏي ويو، جي ڇـَـڄي جي ٽن ڏاڪن جي هيٺان اَچي گڏ ٿيون هيون. فادر زوسيما مٿئين ڏاڪي تي بيهي، عورتن کي دعا ڪرڻ لڳو. هڪ جن ورتل عورت کي وٽس آندو ويو. جيئن ئي اُن عورت جي نگاهه مربي تي پئي، هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سندس بدن ۾ تشنج پيدا ٿي ويو. سڄي ڏڪي ٿي ۽ مٿس ويم جي حالت طاري ٿي وئي. مربيءَ پنهنجي چادر مٿانئس وڌي، ۽ مختصر دعا گهريائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ عورت ويم ڪيو ۽ پوءِ هڪدم آرام ۾ اَچي خاموش ٿي وئي.
مون کي هاڻي جي ته ڪا خبر نه آهي، پر ننڍپڻ جي زماني ۾ ڪيئي اهڙا اتفاق ٿيا، جو مون اِنهن جن ورتل عورتن کي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڏٺو ۽ اُنهن جي آواز کي ٻـُـڌو. اُنهن کي ديول ۾ دعا جي لاءِ آندو ويندو هو. اُهي عورتون وڏيون رڙيون ڪنديون هيون يا ڪـُـتن وانگر ڀونڪنديون هيون. دعا جي وقت کين عبادتگاهه جي ڀرسان آندو ويندو هو ۽ اُتي پهچندي ئي خاموش ٿي وينديون هيون. ٻار هوندي به هي حالت ڏسي، مون کي اُن وقت عجب لڳندو هو. اُن موقعي تي مون کي واقف ڪارن کان پڇندي معلوم ٿيو، ته اهي سڀ اٽڪل بازيون آهن. هي جن ورتل عورتون ڪم چور آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي هيءَ حالت پاڻ تي آڻين ٿيون. جيڪڏهن هنن جي مٿان سختي ڪئي وڃي ته هيءَ حالت، جنهن تي هـُـو هـِـري مـِـري وڃن ٿيون، ڇڏي ڏين ٿيون. هنن، هن حقيقت جي تائيد ۾ ڪيترائي مثال ٿي ٻڌايا. بعد ۾ مون کي تجربيڪار ڊاڪٽرن کان معلوم ٿيو، ته هنن بدبخت انسانن جي حالت ۾ ڪابه اٽڪل بازي يا فريب نه آهي، پر هيءَ هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جا خاص ڪري روسي زالن ۾ ڪثرت سان آهي. هن بيماريءَ جا اسباب گهڻو ڪري، ڏکيو ويم ۽ ناقابل برداشت مفلسيءَ واري زندگي شامل آهن، جي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ اَڪثر ٿين ٿا. هيءُ هڪ مرض آهي، جو ٿڪائيندڙ، سخت ڪم ۽ مار موچڙي کان به پيدا ٿئي ٿو. هيءَ شفا، جا مريض کي عبادتگاهه جي ڀرسان اوچتو وڃڻ سان ملي ٿي، هيءُ اُنهن راهبن جي شـُــعبده بازي آهي، جا فطرتي آهي. هن جي وضاحت هيءَ ٿي سگهي ٿي ته سندس همراهن ۽ خود کي هيءُ يقين آهي، ته بد روح، جو اُن جي جسم ۾ آهي، اُهو عبادتگاهه جي سامهون، جتي مريض گوڏا کوڙي ٿو، رهي نه ٿو سگهي. اُنڪري بي چين ۽ نفسياتي طور تي بي ترتيب عورت جي سڄي جسم ۾ عبادتگاهه جي سامهون جهڪڻ سان ڏڪڻي پيدا ٿئي ٿي ۽ شفا جي پختي يقين جي باعث، جو سندس عقيدت موجب آهي، سڀ ڪجهه معجزي جي طرح گذري وڃي ٿو. هيءَ ساڳي حالت هئي، جا اُن عورت جي مٿان گذري، جنهن تي مربي پنهنجي چادر جو پلا ند وڌو هو.
اَڪثر زالون، جي پري، سندس چوڌاري حلقو ٺاهيو بيٺيون هيون، هن حالت جي اَثر کان، ڏاڍي فراق ۽ دلي واردات کان ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. اُنهن مان ڪيتريون ئي مربيءَ جي لباس کي چمڻ لاءِ بيتاب هيون ۽ ڪن وري دعا ٿي گهـُـري. زوسيما سڀني کي دعا ٿي ڪئي ۽ اُنهن سان ڳالهائيندو ٿي رهيو. هن جن ورتل هڪ عورت کي سڃاتو ٿي، جا هڪ ڳوٺ کان آئي هئي، اهو ڳوٺ خانقاه کان ڇهه فرلانگ کن پري هو. اڳي به ڪيئي دفعا کيس مربيءَ وٽ آندو ويو هو. زوسيما اوچتو هڪ عورت کي، جا اَڃا جوان ٿي ڏٺي، پر لاغر ۽ ضعيف هئي ۽ سندس چهرو سياهي مائل هو، اِشارو ڪري چيو ته، ”هن عورت کي پري کان آندو اَٿـَـوَ، اِيئن آهي نه؟
هوءَ عورت گوڏن ڀـَـر ٿي ۽ مربيءَ کي عجب مان نهاري رهي هئي ۽ سندس اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي وحشياڻي حماقت ٿي ڏٺي.
”نهايت پري کان پيءُ! نهايت پري کان! هتان کان ٻه سـَـو ميل پري. نهايت پري کان پيءُ، نهايت پري کان!“ هن سـُـريلي آواز ۾ چيو. معلوم ايئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ ڪو مرثيو پڙهي رهي آهي، سندس هٿ تي ڳل رکيل هو ۽ پنهنجي مٿي کي هيڏي هوڏي ڦيرائي رهي هئي.
ڳوٺاڻين عورتن ۾ ڪي اهڙيون به هونديون آهن، جي آرام ۽ بردباريءَ سان پنهنجي طويل غم کي برداشت ڪري وينديون آهن. هـُـو پنهنجي غم کي اندر پيئنديون آهن ۽ خاموش هونديون آهن. ٻيون وري اهڙيون ٿين ٿيون جي پنهنجي ڏک ۽ سور کي لڪائي نه سگهنديون آهن. هـُـو رئنديون آهن ۽ پـِـٽڪو ڪنديون آهن. خاص ڪري هيءَ حالت زالن ۾ عام ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هيءُ غم خاموشيءَ کان گهٽ نه ٿيندو آهي. روڄ ۽ پٽڪو دل کي آرام ته ڏئي ٿو، پر اُن کي وڌيڪ چيري ۽ ڦاڙي ڇڏي ٿو. اهڙي غم کي ڪڏهن به تسليءَ جي خواهش نه ٿي ٿئي. هيءُ پاڻ کي نااُميديءَ جي شعور تي نپائي ٿو. روڄ راڙو ثابت قدم آرزو منديءَ مان پيدا ٿي، وري زخم کي کولي ٿو.
فادر زوسيما، غور سان نهاريندي کانئس پڇيو ته ”تون واپاري طبقي مان آهين؟“
”اسان شهري آهيون، پيءُ شهري، اُن هوندي به شهر ۾ رهندي ڪڙمي آهيون. مان توکي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان پيءُ. مان اوهان جي نالي کي ٻـُـڌو هو ۽ گهڻو ڪجهه ٻـُـڌو هو. مان پنهنجي ننڍڙي پـُـٽ کي دفن ڪري زيارت تي نڪتي آهيان. مان ٽن خانقاهن ۾ وئي آهيان، پر اُتان جي رهندڙن مون کي چيو ته ”تون ناستيشا وڃ.“ اِهو توتي ڇڏيل آهي. ”مان هلي آيس. ڪالهه مان ديول ۾ عبادت لاءِ ويس ۽ اڄ اوهان وٽ آئي آهيان.“
”تون روئي ڇو رهي آهين؟“
”پيءُ! مان پنهنجي ننڍڙي پٽ جي لاءِ ڏک ۽ درد ۾ مبتلا آهيان. هـُـو ٽن سالن جو ٿيڻ وارو هو، اُن ۾ فقط کيس ٽي مهينا گهربل هئا. پيءُ! مان اُن ننڍڙي ٻار جي لاءِ غم جي آڳ ۾ پئي ٿي پـَـڄران. هيءُ منهنجو پويون ٻار هو، جو وڃي بچيو هيم. مون کي ۽ نڪيٽا کي چار ٻار هئا، پر هاڻي ڪوبه ٻار نه اَٿئون. سڀئي ٻار موڪلائي ويا. مان پهرين ٽن کي ته گهٽ غم سان دفنايو، پر هاڻي جنهن کي مان پوري آئي آهيان، اُن کي وساري نه ٿي سگهان. هـُـو ڄڻ ته منهنجي سامهون بيٺو ئي آهي. هـُـو مون کي ڪڏهن به نه ٿو ڇڏي. هن منهنجي روح کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. مان سندس ننڍڙن ڪپڙن کي ڏسان ٿي، ننڍڙي قميص ۽ ننڍڙا بوٽ ۽ مان روئڻ ۽ پارَ ڪڍڻ لڳان ٿي. پنهنجي مڙس نڪيٽا کي چيم، ته آقا! مون کي زيارتن تي وڃڻ لاءِ اجازت ڏئي. هـُـو ڪوچان آهي. پيءُ! اسان غريب نه آهيون، غريب نه آهيون. کيس پنهنجو گهوڙو آهي. اسان کي پنهنجو گهوڙو ۽ گاڏي آهي، پر اسان جي لاءِ هاڻي اهي شيون ڪنهن به ڪم جون نه آهن. منهنجي نڪيٽا شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي ۽ مان دربدر آهيان. هـُـن، اُن عادت کي مستقل ڪري ڇڏيو آهي. هـُـو اڳي به پيئندو هو. جيئن ئي مان کانئس پري ٿيندي آهيان، هـُـو اُن ڏانهن مائل ٿي ويندو آهي. هاڻي مان اُن لاءِ خيال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ٽي مهينا ٿيا آهن، جو مون پنهنجي گهر کي ڇڏيو آهي. مون کيس وساري ڇڏيو آهي. سڀني ڳالهين کي وساري ڇڏيو اٿم. مان ڪنهن به ڳالهه کي ياد ڪرڻ نه ٿي گهران. هاڻي اسان جي گڏجي رهڻ واري حياتيءَِ مان ڪهڙو سـُـود ۽ فائدو ٿيندو؟ مان هاڻي اُن سان رهي ڇا ڪنديس؟ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، ختم ٿي ويو. مون کي هاڻي نه گهر جي پرواهه آهي، نه سامان جي ۽ نه مڙس جي، مون کي هاڻ ڪنهن کي به ڏسڻ جي خواهش ڪانه آهي.“
مربيءَ کيس چيو، ”منهنجي ماءُ ٻـُـڌ.“
”آڳاٽي سـَـمي ۾، هڪ پاڪ نفس ولي، هڪ مندر ۾، هڪ ماءُ کي ڏٺو، جا تو وانگر پنهنجي ٻار لاءِ روئي رهي هئي، جو اُن جو سڪيلڌو پٽ هو، جنهن کي خدا کڻي ورتو هو.“
”توکي خبر نه آهي“ اُن وليءَ کيس چيو ”خدا جي تخت جي سامهون، هي ٻار ڪيڏا نه جرئت وارا آهن. بيشڪ اُنهن کان وڌيڪ جرئت وارو آسماني بادشاهت ۾ ٻيو ڪونه آهي.“ هـُـو خدا کي چون ٿا، ”خدايا، توئي اسان کي حياتي ڏني هئي، اسان مس مس اُن کي ڏٺو، ته تو اسان کان موٽائي ورتي.“ هـُـو اِها ڳالهه وَر وَر ڪري کيس چوندا رهن ٿا، جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو خدا کين ملائڪن جو درجو بخشي ٿو. اُن ڪري وليءَ کيس چوي ٿو ته ماءُ توکي هن معاملي ۾ روئڻ جي بدران خوشي ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ٻـَـچو اُن مالڪ وٽ آهي، ۽ ملائڪن جي گروهه ۾ آهي. اِهوئي آهي، جو اُن وليءَ، اُن آڳاٽي زماني جي عورت کي چيو. هـُـو وڏو مقبول ٻانهو هو ۽ اُن ڪڏهن به غلط نه ڳالهايو هوندو. اُنڪري تون به ماءُ، هن ڳالهه جو يقين رک، ته تنهنجو معصوم ٻار به خدا جي تخت جي قريب آهي. هـُـو خوش ۽ بشاش هوندو ۽ خدا کان تنهنجي لاءِ دعا گهرندو هوندو. ڀلي روءُ پر خوشي به ڪر“.
اُن عورت کيس ڌيان سان ٻـُـڌو. سندس ڳلُ سندس هٿ تي سهارو وٺي رهيو هو ۽ هوءَ هيٺ نهاري رهي هئي. هـُـن ٿڌو ساهه کنيو.
”منهنجي نڪيٽا مون کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳين لفظن ۾ جيئن اوهان. ’بيوقوف’، هن چيو. ’ڇو ٿي روئين؟ هن ۾ شڪ نه آهي، ته اسان جو پٽ، خدا جي سامهون، ملائڪن سان گڏ ڳائيندو ٿو وتي’. هـُـن مون کي اِهو چيو. مون کيس چيو، ته پوءِ هـُـو ته پاڻ روئي ٿو ۽ مون وانگر دانهون ٿو ڪري. مون کي خبر آهي نڪيٽا. مان ڄاڻان ٿي ته هـُـو خدا وٽ آهي، نه ته وري ٻيو ڪٿي هوندو؟ پر اِنهن سڀني ڳالهين هوندي به هـُـو هاڻي اسان سان نه آهي. اڳي وانگر، اسان جي سامهون سندس جاءِ ڪانه آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو وري اُن کي ڏسي سگهان. جيڪڏهن ٿي سگهي ته هڪ دفعو ئي، اُن سان ملاقات ڪري سگهان. مان سندس قريب نه وينديس، ڪابه گفتگو نه ڪنديس پر هڪ ڪـُـنڊ ۾ لڪي ويهي رهنديس، تان جو هڪ گهڙي، فقط اُن کي ڏسان ۽ سندس راند روند جي آواز کي ڪنن سان ٻـُـڌان. اُهو ننڍڙو آواز، جنهن سان هـُـو مون کي ڪڏهن سڏ ڪندو هو ته، ’امان ڪٿي آهين؟‘ جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو، سندس ننڍڙن پيرن جي کڙڪي کي پنهنجي گهر ۾ ٻـُـڌان. هڪ ڀيرو، مان فقط هڪ ڀيرو، سندس پيرن جي ٺـَـڪ ٺـَـڪ جو آواز ٻڌان.
اَفسوس، مون کي ياد ٿو اَچي ته ڪهڙيءَ ريت هـُـو واڪا ڪند ي، ڊوڙندو، منهنجي طرف ايندو هو. منهنجي فقط اِها خواهش آهي، ته سندس پيرن جي آواز کي ٻـُـڌان. مان اُن آواز کي چڱيءَ ريت سڃاڻندي آهيان. مگر پيءُ! اُن جو ته هاڻي وجود ئي نه رهيو. مان اُن آواز کي ٻيهر ٻڌي نه سگهنديس.
هي ننڍڙو ڪمربند اُن جو آهي پر اُن ۾ سندس ڪوبه نشان نه آهي. مان اُن کي وري ڏسي نه سگهنديس، ۽ نه وري اُن جو آواز ٻـُـڌي سگهنديس.“
هن پنهنجي سيني کي مٿي ڪيو ۽ اُن مان ٻار جو ڀرت ڀريل ننڍڙو ڪمربند ٻاهر ڪڍيائين. جيئن ئي هـُـن اُن کي ڏٺو، هوءَ ڏڪڻ ۽ روئڻ لڳي. هن پنهنجين اَکين کي آڱرين سان لڪايو، جن مان ڳوڙها، ناليءَ جي صورت ۾ وهي رهيا هئا. ”تون گذريل زماني جي راحيل آهين!“ مربيءَ کيس چيو. ”پنهنجي ٻارن تي رئنديون رهو ۽ ڪڏهن به آرام سان گذاري نه سگهو. ڇو ته هـُـو ڪونه آهن. اوهان مائرن جي ڌرتي تي اِها ئي قسمت بڻائي وئي آهي. اوهان ڪڏهن به سـُـک سان رهي نه ٿيون سگهو. اُها تسلي ئي ڪانه آهي جنهن جي اوهان کي طلب آهي. پر روئڻ، اوهان جنهن وقت روئو، فقط هيءَ ڳالهه ياد رکو، ته اوهان جو ٻار، خدا جي ملائڪن مان هڪ آهي. هـُـو اُتان اوهان ڏي نهاري ٿو ۽ ڏسي ٿو. اوهان جي لـُـڙڪن کي ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ پنهنجي مالڪ خدا کي، اُن کي ڏيکاريندا رهن ٿا. طويل عرصي تائين، عظيم ماءُ جو هيءُ ڏک پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو پر پوءِ هيءُ ڏک خاموش راحت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اوهان جا ڪـُـوڙا لـُـڙڪ نازڪ غم ۾ بدلجي وڃن ٿا، جي قلب کي پاڪ ڪن ٿا ۽ گناهه کان نجات ڏيارين ٿا. مان اوهان جي ٻار جي روح جي سڪون لاءِ دعا ٿو ڪريان. اُن جو نالو ڇا هو؟“
”اليگزي، پيءُ!“
”ڪهڙو نه مـِـٺو آهي. اليگزي کان پوءِ هاڻي بنده خدا.“
”هائو مقدس پيءُ!“
”هو به مقدس شخصيت هو. مان کيس ياد رکندس اي شفيق ماءُ! تنهنجو ڏک منهنجي دعائن ۾ قائم رهندو. مان تنهنجي مڙس جي صحت لاءِ پڻ دعا گهران ٿو. هيءُ گناهه آهي، جو تو پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏنو آهي. تنهنجو ننڍڙو پٽ، آسمان کان ڏسندو هوندو، ته تو سندس پيءُ جي راحت کي کسي ورتو آهي، هـُـو تو تي رئندو هوندو. تون سندس خوشيءَ ۾ ڇو ٿي خلل وجهين؟ هـُـو جيئرو آهي. ڇاڪاڻ ته روح سدا حيات آهي. هـُـو جيتوڻيڪ پنهنجي گهر ۾ نه آهي، پر هـُـو تنهنجي قريب آهي، جنهن کي تون ڏسي نه ٿي سگهين. هـُـو تنهنجي گهر ۾ ڪهڙيءَ ريت اندر گهڙندو، جڏهن تون پاڻ ئي چوين ٿي، ته اِهو گهر تنهنجي لاءِ نفرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي! ٻڌاءِ، هـُـو پوءِ ڪاڏي وڃي جڏهن اوهان ٻنهي کي هـُـو يڪجاءِ نه ڏسندو - ماءُ ۽ پيءُ؟ هـُـو هاڻي توکي خواب ۾ اَچي ٿو ۽ تون ڏک ڪرين ٿي. اُن هوندي به هـُـو توکي تنهنجي مـِـٺن خوابن ۾ نظر ايندو رهندو. ماءُ، تون پنهنجي مڙس ڏي موٽي وڃ ۽ اَڄ ئي موٽي وڃ!”
”مان وينديس، مقدس پيءُ، منهنجو توسان واعدو آهي. تون سنئون سـِـڌو منهنجي دل ۾ پيهي ويو آهين. منهنجا نڪيٽا، منهنجا نڪيٽا، تون منهنجي لاءِ منتطر آهين.“
عورت سـُـريلي آواز ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنو. مربي هاڻي هڪ پوڙهيءَ عورت جي طرف وڌي ويو هو. اُن کي شهري ماڻهن جهڙو لباس پيل هو، نه زيارتين جهڙو. سندس اکين مان معلوم پئي ٿيو، ته هوءَ ڪنهن مطلب سان آئي آهي. جيئن ته کيس ڪجهه چوڻو هو، هـُـن ٻـُـڌايو، ته هوءَ ڪنهن نان ڪميشن آفيسر جي بيواهه آهي ۽ شهر جي لڳ رهندي آهي. سندس واسينڪا، فوج کي رسد پهچائڻ واري کاتي ۾ ملازم هو. هـُـو سائبيريا جي ارڪوٽسڪ شهر ڏانهن ويو هو. هـُـن کيس ٻه خط لکيا هئا، جنهن کي سڄو سال گذري ويو. هـُـن اُن جي لاءِ گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، پر سندس پوري پـَـتي جو ڪوبه ڏس نه ٿي مليس.
”اڳئين ڏينهن استيپانيڊا الينيشنا، جا هڪ دولتمند واپاريءَ جي زال آهي، مون کي چيو ته پروهوورنئاتوف ديول ۾ وڃي، پنهنجي پـُـٽ لاءِ نماز اَدا ڪر. اُن جي روح جي سڪون لاءِ دعا ڪر، ڄڻ ته هـُـو مري ويو آهي. ٻيءَ حالت ۾ سندس روح بي آرام رهندو. هـُـو توڏي خط لکندو. استيپانيڊا الينيشنا مون کي ٻـُـڌايو ته هيءَ آزمايل شيءِ آهي ۽ ڪيترا ڀيرا آزمائي وئي آهي. مون کي فقط هيءُ شڪ آهي ..... اي مقدس پيءُ! مون کي ٻـُـڌاءِ. هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ؟ هيءُ سچ به ٿي سگهي ٿو!؟“
”ڪڏهن به اِن جو خيال نه ڪر، هيءُ بي شرميءَ جهڙو سوال آهي. هيءُ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته جيئري ماڻهوءَ جي روح لاءِ دعا گهري وڃي ۽ اُها به سندس ماءُ گهري! هيءُ وڏو گناهه آهي. هيءُ ته جادوگريءَ جي قريب آهي. جيئن ته توکي دين جي واقفيت نه آهي، اُنڪري ئي هيءُ گناهه توکي معاف ٿي سگهي ٿو. چڱو اِيئن آهي، ته تون آسمان جي راڻي کي عرض ڪر - جا اسان جي لاءِ بچاءُ ۾ مدد آهي - ته تنهنجي پٽ کي صحت ملي ۽ تنهنجو هيءُ گناهه به معاف ٿئي. پروهوروناف، ٻي ڳالهه، جا مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، سا هيءَ آهي، ته يا ته تنهنجو پٽ توڏي جلدي موٽي ايندو يا خط لکندو. وڃ ۽ آرام سان رهه. مان توکي چوان ٿو، ته تنهنجو پـُـٽ جيئرو آهي!
”مقدس پيءُ! خدا توکي اُن جو اَجر ڏيندو. اسان جي لاءِ بهتر سوچيندڙ، توهان اسان جي لاءِ ۽ اسان جي گناهن لاءِ هميشه دعائون گهرندا رهو ٿا.“ مگر مربيءَ کيس ڇڏي اڳتي وڌي ويو هو، جي ٻه روشن اکيون کيس نهاري رهيون هيون. هوءَ هڪ نوجوان ڳوٺاڻي عورت هئي، جنهن جون ٿڪل ۽ آسروند اکيون، خاموشيءَ سان کيس واجهائي رهيون هيون. هـُـوءَ مربيءَ جي قريب ٿيندي ڪيٻائي رهي هئي.
”ڇا ٿي گهرين، منهنجي نياڻي؟“
”منهنجا مقدس پيءُ! منهنجي روح کي نجات بخش.“ هـُـن گوڏن ڀر ٿي، نهايت آهستي ۽ آرام سان چيو، ”مون گناهه ڪيو آهي ۽ ان کان خوف ٿو ٿئيم“. مربي هيٺئين ڏاڪي تي ويهي رهيو. هوءَ عورت جا اَڃا گوڏن ڀـَـر هئي، سـُـري سندس ويجهو آئي. هن لرزندڙ ۽ نيم سرگوشيءَ جي آواز ۾ چيو ته ”مان هڪ بيواهه آهيان ۽ منهنجي مڙس کي مـُـئي ٽي سال ٿيا آهن. مون کي پنهنجي مڙس سان سخت حياتي گذارڻي ٿي پئي. هـُـو مون تي ظلم ڪندو هو ۽ سخت ماريندو هو. هـُـو پوڙهو به هو ۽ بيمار به هو. مان هـُـن ڏانهن نهاري خيال ڪيو، ته جيڪڏهن هي خوش ٿيو ۽ وري اُٿيو ته پوءِ منهنجي لاءِ ڇا ٿيندو؟ اِيئن ئي مون کي اُن وقت خيال آيو .....“
”ترس” مربي پنهنجو ڪـَـن سندس چپن وٽ آڻي چيو.
هوءَ عورت چپن ۾ ڳالهائيندي رهي، ڏاڍو ناممڪن هو، جو ڪو سندس آواز کي جهٽي سگهي ۽ سمجهي، ته ڳالهائي پئي.
مربيءَ کيس چيو ”ٽي سال اڳ.“
”ٽي سال اڳ،پهريائين ته مان اُن تي سوچيو ئي نه ٿي، پر هاڻي مان بيمار ٿي پئي آهيان. اِهو خيال هڪ گهڙي به مون کي نه ٿو ڇڏي.“
”تون پري کان آئي آهين؟“
”ٽن سؤ ميلن کان به مٿي“.
”ڇا تو پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو آهي؟“
”هائو مان اعتراف ڪيو آهي ۽ ٻه ڀيرا ڪيو آهي.“
”تو ڪنهن جي رفاقت ۾ پهچي پڇتاءُ ڪيو آهي؟“
”هائو، مون کي خوف ٿو ٿئي. موت کان خوف ٿو ٿئي.“
”ڪوبه خوف نه ڪر ۽ ڊڄ نه. وحشت نه کاءُ. جيڪڏهن تون توبهه کان گريز نه ٿي ڪرين ته يقيناً خدا تو کي سڀ بخشي ڇڏيندو. دنيا ۾ڪوبه اهڙو گناهه ڪونه آهي، جنهن کي اسان جو مالڪ نه ٿو بخشي، پر اُن لاءِ پڇتاءُ صحيح هجي. انسان جي لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو گناهه نه آهي، ته هـُـو خدا جي بي پايان محبت کي وڃائي ويهي. خدا جي محبت کي ڇڏي ڏيڻ کان وڌيڪ به ڪو ٻيو گناهه ٿي سگهي ٿو! تون فقط توبهن جو خيال ڪر، ۽ توبهن کي جاري رک، خوف کي بلڪل ڪڍي ڇڏ. يقين رک، ته خدا توکي پيار ٿو ڪري، جنهن کي تنهنجو ادراڪ سمجهي نه ٿو سگهي، تنهنجي گناهن جي باوجود هـُـو توکي پيار ٿو ڪري. هيءَ آڳاٽي وقت جي چوڻي آهي، ته گهنگار جي هڪ ڀيرو وارو پڇتاءُ، آسمان ۾ جا مسرت آڻي ٿو، اُها ڏهن نيڪ مردن جي نيڪي کان وڌيڪ آهي. وڃ ۽ خوف نه کاءُ. انسان جي لاءِ شامت نه ٿيءُ. هن ڳالهه تي غصو نه ڪر تو غلط ڪم ڪيو آهي. اُن مـُـئي ماڻهوءَ کي بخش، جنهن توسان ناروا هلت ورتي آهي. صداقت سان پنهنجي دل کي اُن سان ڳنڍ. جيڪڏهن تون پڇتاءُ ڪندڙ آهين، ته پاڻ ۾ محبت پيدا ڪر. جيڪڏهن تو محبت ڪئي، ته تون خدا واري ٿي ويندينءَ. محبت سڀني شين تي غالب ٿي وڃي ٿي ۽ ڇوٽڪارو ٿي ڏئي. مون ڏي ڏس، هڪ گنهگار، جيئن تون آهين، مان توتي مهربان آهيان ۽ تو تي رحم ٿو اَچي، پر خدا ته هن کان به وڌيڪ مهربان آهي. محبت اُها خزانو آهي، جنهن جي قيمت ڪـَـٿي ئي نه ٿي سگهجي. تون اُن سان سڄيءَ دنيا کي خريد ڪري سگهين ٿي. تون اُن سان پنهنجي گناهن کي نه، پر ٻين جي گناهن لاءِ به ڪفارو بڻجي سگهين ٿي.“
هن کيس ٽي ڀيرا صليب سان نشان ڏنو ۽ پنهنجي ڳچيءَ مان هڪ ننڍڙي تصوير ڪڍيائين ۽ سندس ڳچيءَ ۾ وِڌائين. عورت بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي زمين تائين جهـُـڪي وئي.
مربي اُٿيو ۽ کلمکائيءَ سان، هڪ صحتمند ڪڙمي عورت ڏي ڏٺائين، جنهن جي هنج ۾، هڪ ننڍڙو ٻار هو.
”مان وياشيگوري کان آئي آهيان، مقدس پيءُ!”
”تو هن ٻار سان گڏ، پنج ميل پنڌ به ڪيو آهي، توکي ڇا کپي؟“
”مان توهان جي زيارت لاءِ آئي آهيان. مان اڳي به اوهان وٽ آئي آهيان. توهان کان شايد وسري ويو آهي اي مقدس پيءُ! ماڻهن مون کي ٻڌايو، ته اوهان بيمار آهيو. مان خيال ڪيو، ته ڇو نه اوهان جي عيادت ڪري اَچان. هاڻي مان ڏسان ٿي، ته اوهان بيمار نه آهيو. توهان اَڃا به ويهه ورهيه ٻيا به جيئرا رهندا! خدا جون اوهان تي برڪتون هجن!! اوهان کي دعائن ڪرڻ وارا گهڻائي آهن، اوهان ڪيئن بيمار ٿيندا؟“
”مان تنهنجو شڪرگذار آهيان، نياڻي!”
”ايئن مان اوهان کان هڪ ڳالهه پڇڻ گهران ٿي، اُها ڪا وڏي نه آهي. مون کي سٺ ڪٻڪ (سڪا) آهن، اُهي اُن ماڻهو کي ڏيو، جو مون کان وڌيڪ حاجتمند هجي. مان جڏهن هيڏي آيس ٿي، ته خيال ڪيم ته بهتر آهي، ته هيءَ رقم اوهان کي ڏيان، ڇو ته اوهان چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهو ٿا، ته اُن جو مستحق ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
”مهرباني منهنجي پياري ماءُ مهرباني! تون چڱي زال آهين. مان توکي پيار ڪريان ٿو ۽ ڪندو رهندس. اِها ننڍڙي ڇوڪري تنهنجي آهي!؟
”هائو مقدس پيءُ، اِها منهنجي آهي. لـِـزاوٽيا هـِـن جو نالو آهي.“
”اوهان ٻنهي تي خدا جون برڪتون هجن. توتي ۽ تنهنجي ٻار لـِـزاوٽيا تي. تو منهنجيءَ دل کي خوش ڪيو آهي ماءُ. خدا حافظ پيارو ٻارو! خدا حافظ!!
هن سڀني عورتن کي دعائون ڪيون، ۽ هـُـو سڀئي سندس سامهون جهـُـڪي ويون.