باب ستون: مباحثو
گريگري ڏٺو، ته فيودورپاولووچ تي سپاهيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ڪوبه اثر نه ٿيو آهي پر دستور موجب ٺٺولي ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن سندس پيشاني ۾ گهنج پئجي ويا. سميرڊياڪوف جو دروازي وٽ بيٺو هو، هيءُ ڏسي مشڪيو. سميرڊياڪوف اڪثر کاڌي جي آخر تائين ميز وٽ بيهڻ جو عادي هو. خاص طرح اسان جي شهر ۾ ايون جي اَچڻ کانپوءِ، سندس اِها عادت ٿي وئي هئي.
فيودورپاولوچ، اُن وقت سميرڊياڪوف کي مشڪندي ڏسي ورتو ۽ سمجهائين ته اِها طنز گريگري ڏانهن آهي، پڇيائينس ته ”تون اِهي ڏند، ڇا لاءِ ٿو ڪڍين؟“
”منهنجي خيال ۾،“ سميرڊياڪوف، اوچتو وڏي آواز سان چيو ته ”هـُـن سپاهيءَ جي دليري تعريف جي لائق آهي، ته هيءُ گناهه نه هو ته اُن نازڪ ۽ خطرناڪ جاءِ تي، هـُـو مسيحت کان هٿ کڻي، پنهنجي جان بچائي ها ۽ ٿورن سالن گذرڻ کان پوءِ، هـُـو پنهنجي بزدليءَ جي وري چڱيءَ ريت تلافي ڪري سگهي ها.“
”اِهو ڪيئن نه گناهه آهي؟ تون سڄي بيوقوفي ٿو ڳالهائين. جنهن جي لاءِ تون دوزخ ۾ ويندين ۽ تنهنجي گوشت کي جلايو ويندو.“ فيودور پاولووچ کيس دڙڪو ڏيندي چيو.
هي ايترو ڳالهائي چڪا هئا جو اِليوشا اندر آيو ۽ جيئن اسان مٿي ڏسي آيا آهيون، فيودورپاولووچ، کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو هو.
”اسان تنهنجي موضوع تي ڳالهائي رهيا آهيون، تنهنجي موضوع تي.“ هن مسرت ۽ خوشحاليءَ مان اِليوشا کي ويهڻ جي دعوت ڏئي چيو ته ”ڌيان سان ٻڌ.“
”جيستائين گوشت جو تعلق آهي، اِيئن نه ٿيندو. اُتي هـِـن جي لاءِ ڪجهه به نه آهي. نه وري اِيئن ٿي سگهي ٿو. ڇو ته انصاف اِيئن نه ٿو چوي.“ سميرڊياڪوف نهايت دليريءَ سان جواب ڏنو.
”تنهنجو انصاف جي مطابقت کان ڪهڙو مطلب آهي،؟“ فيودور پاولووچ وڌيڪ خوشيءَ مان واڪو ڪري چيو ۽ پنهنجي گوڏي سان اليوشا کي اِشارو ڏنو.
”هيءُ بيوقوف آهي ۽ اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.“ گريگري ڄڻ ته ڦاٽي پيو. هن سميرڊياڪوف جي منهن ۾ ڪاوڙ مان نهاريو.
”مون کي نالائق چوڻ کان اڳ ۾، ترس گريگري ويليويووچ.“ سميرڊياڪوف مڪمل سنجيدگي سان کيس جواب ڏنو. ”چڱو اِيئن آهي ته تون پاڻ کي اِهو سمجهه. جيڪڏهن مون کي عيسائي قوم جا دشمن گرفتار ڪري وٺن، ۽ هـُـو مون کان هيءُ گـُـهر ڪن ته مان خدا جي نالي کي گهٽ وڌ چوان ۽ مسيحت جي تحقير ڪريان ته مون کي حق آهي، ته مان مجبورن پنهنجي اسباب موجب، هن جي دٻاءَ تي عمل ڪريان ۽ دٻاءَ ۾ اچي غلط ڳالهه ڪرڻ ۾ ته گناهه جو ڪوبه انديشو نه آهي.“
”پر تو، اِها ڳالهه ته اڳ ۾ ئي چئي آهي. پنهنجي لفظن کي ضايع نه ڪر ۽ ثبوت ڏي.“ فيودورپاولووچ رڙ ڪري چيو.
”شوروو ٺاهيندڙ“ نفرت مان گريگري ڀـُـڻڪندي چيو.
”جيستائين شوروي ٺاهيندڙ جو سوال آهي، ٿورو وقت ترس ۽ گريگري ويسليويووچ ڪجهه پنهنجي لاءِ سوچ ۽ مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ. مان جيئن ئي اُنهن دشمنن کي چئي ڏيان ته مان عيسائي نه آهيان ۽ خدا کي گهٽ وڌ ڳالهايان ته مان خدا جي برتر فيصلي موجب نفرت جي لائق ۽ ملامتي بڻجي ويندس. مقدس ديول کان ڪٽجي ويندس، بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن مان مشرڪ هوس. اُنهيءَ ئي لحظي ۾ نه، جڏهن مون اِهي لفظ ڏاڍيان چيا، پر اُن وقت جڏهن مان اِنهن لفظن چوڻ جي لاءِ خيال ڪيو، جو سيڪنڊ جي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريو هوندو. مان مردود بڻجي ويس. اِيئن آهي نه گريگري ويسليويووچ؟“
هن گريگري کي مڪمل تسليءَ سان خطاب ڪيو. هـُـو سچ پچ فيودورپاولووچ جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو، جنهن کان هـُـو بلڪل خبردار هو ۽ ڄاڻي واڻي ڏيکاري رهيو هو ته هـُـو گريگري جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهي.
”ايون،“ فيودورپاولووچ اوچتو وڏي آواز سان چيو، ”منهنجي ڀـُـڻڪي کي ڪـَـنَ ڏئي ٻـُـڌ. هيءُ سڀ تنهنجي لاءِ واعظ ڪري رهيو آهي، سندس خيال آهي، ته توکان پنهنجي تعريف ٻـُـڌي.“
ايون مڪمل دلچسپيءَ ۽ غور سان، پيءُ جي جوش واري ڀڻڪي کي ٻـُـڌو.
”سميرڊياڪوف ترس، هڪ منٽ جي لاءِ خاموش ٿي.“ فيودورپاولووچ هڪ دفعو وري به کيس چيو. ”ايون ڪن ڏئي ٻڌ.“
ايون مڪمل ڳنڀير رخ سان وري به جـُـهڪي ويو.
”مان جيترو اليوشا کي پيار ڪريان ٿو، ايترو توکي به ڪريان ٿو. ڇا مان توکي پيار نه ٿو ڪريان؟ ڪجهه برانڊي؟“
”هائو، پر مون کي ته ڪافي نشو ٿيو آهي.“ ايون پيءُ ڏانهن غور سان نهاريندي چيو. هـُـو سميرڊياڪوف ڏي، تعجب سان ڏسندو رهيو.
اوچتو گريگري، سخت ڪاوڙ مان سميرڊياڪوف کي دڙڪو ڏيئي چيو ته، ”تون ملعون ۽ مرتد آهين، جيئن معلوم ٿئي ٿو، پر توکي بحث ڪرڻ جي ڪيئن جرئت ٿي آهي. هن کان پوءِ جيڪڏهن .....
”گريگري، هن کي نه ڇينڀ، نه ڇينڀ.“ فيودورپاولووچ، سندس جملي کي ڪٽيندي چيو.
”گريگري ويسليووچ، توکي فقط ٿوري وقت لاءِ ترسڻ گهرجي. مون کي جو ڪجهه چوڻو آهي. اُن کي چئي پورو نه ڪيو اَٿم. اِنهيءَ گهڙيءَ ۾، جڏهن مان اِهڙي نفرت جهڙي ڳالهه چئي ويٺس، مان ملامتي بڻجي ويس. مان صحيح طور تي مشرڪ ٿي رهجي ويس. منهنجي مسيحت مون کان کسجي وئي ۽ فائدي واري نه رهي. ڇا اِيئن نه آهي؟“
فيودورپاولووچ، مزي سان شراب جو چشڪو وٺندي، تاڪيد سان چيو، ”ڇوڪرا جلدي پنهنجي حقيقت کي پورو ڪر.“
”هاڻي جڏهن مان عيسائي، ئي نه رهيس، تڏهن جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائي، دشمن کي چيو ته عيسائي آهيان يا نه آهيان ته اِهو ڪوڙ نه آهي! ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ئي، منهنجي خيال جي باعث، ته مان پنهنجي دشمن کي هيئن چوندس، خود خدا پاڻ مون کان مسيحت کسي ورتي آهي. جيئن ته مان اڳ ۾ خارج ڪيو ويو آهيان، ته پوءِ ڪهڙي حالت ۾، ڪهڙي انصاف جي رُو کان، ٻي دنيا ۾ مسيح جي انڪار هوندي به مسيحت لاءِ جوابدار ٺهرايو ويندس، جڏهن ته فقط خيال ڪرڻ جي باعث، هن جي انڪار ڪرڻ کان به اڳ ۾ مون کي منهنجي عيسائي هجڻ کان خارج ڪيو ويو هجي؟ جيڪڏهن مان عيسائي نه رهيو آهيان، ته يسوع مسيح کي گهٽ وڌ ڳالهائي نه ٿو سگهان. ڇو ته منهنجو گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪو واسطو ئي نه رهيو. گريگري وسيليووچ، اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته هڪ مشرڪ تاتاري کي، توڙي جو آسمان ۾ هن لاءِ ڏوهي سمجهيو وڃي، ته هـُـو عيسائي ڇو نه ٿي ڄائو. کيس هن لاءِ ڪير سزا ڏيندو؟ تو شايد ٻڌو هجي ته هڪ ڳئون جي ٻه ڀيرا کل نه لاٿي ويندي آهي. خدا تعاليٰ پاڻ کڻي جي تاتاريءَ کي اٰن جو سزاوار سمجهي به، ته کيس مرڻ کان پوءِ ٿوري گهڻي سزا ڏني ويندي. (جڏهن ته هن کي سزا ڏني وڃي ٿي) مان هن ڳالهه تي غور ڪندي، توريان ٿو ته هـُـو جڏهن ته مشرڪ پيءُ ماءُ مان مـُـشرڪ ٿي ڄائو آهي، ته ڪهڙي ريت، کيس اُن جو جوابدار سمجهيو ويندو؟ خدا، پـَـڪَ سان، اُن تاتاريءَ کي عيسائي ڪونه چوندو. جيڪڏهن اِيئن ٿيو، ته چئبو ته اُن طاقتور خدا، سچي ڳالهه نه ڪئي آهي. ڇا اِهو ٿي سگهي ٿو ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ، توڙي کڻي هڪ لفظ هجي، ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو؟“
گريگري اهو ٻـُـڌي سخت حيرت ۾ پئجي ويو ۽ اُن فصيح کي ڏسڻ لڳو. سندس اکيون ڄڻ مٿي کان ٻاهر نڪري اَچڻ تي پهتيون هيون. جو ڪجهه ڳالهايو ويو. توڙي جو اُن کي هـُـو سمجهي نه سگهيو هو، پر ڪجهه اُن بڪوات کي سمجهيو هئائين. هـُـو اِهڙيءَ ريت بيٺو رَهيو، ڄڻ ته سندس مٿو، ڀت سان ٽڪرائجي ويو آهي. فيودورپاولوچ پنهنجو گلاس خالي ڪيو ۽ بي تميزيءَ سان ٽهڪ ڏئي کليو.
”اليوشا، اليوشا، تون هن بابت ڇا چوندين!؟ هيءُ تاويلات جو دليل باز، شايد يسوعين(1) سان ڪٺي رهيو آهي. ايون! اي بدبودار يسوعي، توکي هي ڳالهيون ڪنهن سيکاريون آهن؟ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. گريگري، گريگري تون روءُ نه. تون واهيات ٿو ڳالهائين، واهيات، واهيات! مان هن کي هڪ گهڙيءَ ۾ دونهون ۽ رک بڻائي ڇڏيندس. اڙي، او گڏهه مون کي ٻـُـڌاءِ ته تون پنهنجي دشمن جي اڳيان، کڻي حق بجانب هجين، پر ساڳي وقت تو، پنهنجي دل مان ايمان به ته ڪڍي ڇڏيو آهي. اُن جو تو اعتراف به ڪيو آهي، ته اُن وقت تون ملعون ۽ مشرڪ بڻجي ويو هئين. هاڻي جڏهن تون مشرڪ ٿئين ته جهنم ۾، تنهنجي ڪهڙي پٺي ٺپريندا. منهنجا خوبرو يسوعي، هن بابت تنهنجو ڇا چوڻ آهي؟“
”اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، مان جو ڪجهه پنهنجيءَ دل ۾ گهٽ وڌ چيو، اُن ۾ ڪو خاص گناهه نه هو. جيڪڏهن اِهو گناهه به هو ته نهايت معمولي.“
”ڪيئن ٿو چوين ته اِهو رواجي هو؟“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ملامتي.“ گريگري هٻڪندي چيو.
”پنهنجو خيال ڪر، گريگري“ سميرڊياڪوف، کيس آرام سان ۽ ٿڌو ٿي چيو. اُن ماڻهوءَ وانگر، جنهن کي پنهنجي فتحمنديءَ تي، اعتبار هجي ۽ اِهڙيءَ ريت جيئن، مغلوب دشمن تي ڪو مهربان بڻجي ويندو آهي.
گريگري ڌيان ڏئي ٻـُـڌ ۽ پاڻ فيصلو ڏي. مقدس ڪتاب ۾ آيو آهي، ته جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اَهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو ۽ اوهان جيڪڏهن جبل کي حڪم ڪندؤ ته سمنڊ ۾ هليو وڃي، ته هـُـو بنا ڪنهن دير جي اوهان جي حڪم تي چـُـرڻ شروع ڪري ڏيندو. هيءُ به صحيح آهي، ته گريگري مون وٽ ايمان ڪونه آهي، پر تو وٽ اُهو عظيم ايمان آهي، جنهن جي ساک تون مسلسل ڏيندو رهيو آهين. تون هاڻي اِها ڪوشش ڪر ۽ هن جبل کي سمنڊ ۾ وڃڻ جو حڪم نه ڏي، ڇو ته هـُـو هتان گهڻو پـَـري آهي، پر کيس بدبودار، واههَ/درياهه ۾ چـُـري وڃڻ جو حڪم ڏي، جو اسان جي باغ جي ڀرسان وهندو وڃي ٿو. تون ڏسندين ته هـُـو تنهنجي حڪم کي ليکيندو ئي نه، هـُـو پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو، پوءِ کڻي ڇو نه واڪا ڪري، کيس چوين. گريگري هن مان ظاهر ٿيو، ته تو وٽ ڪوبه ايمان نه آهي نه وري تو وٽ اُهو انداز آهي، تون فقط ٻين ماڻهن کي، ان لاءِ ڳالهائيندو ٿو وتين ۽ بس. توکي هيءُ وسارڻ نه کپي، ته اسان جي دور ۾، نه فقط توکي، مگر ڪنهن به بلند شخصيت کان وٺي، هاريءَ تائين، ڪنهن کي به اِها قوت ڪانه آهي، جو جبل کي درياءَ ڏانهن چوري سگهي، مگر سواءِ هڪ يا ٻن شخصيتن جي، جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ لاءِ، دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، مصر جي بيابان ۾ وڃي لـِـڪا آهن، جن کي تون ڳولهي به نه ٿو سگهين. جيڪڏهن اِيئن آهي، ته اِنهن ٻن کانسواءِ، باقي سڀني وٽ ايمان ڪونه آهي، ته ڇا خدا هنن سڀني تي لعنت ڪندو؟ هن مان هيءُ مطلب ڪڍي سگهجي ٿو، ته سواءِ هنن ٻن صحرائي سنياسين جي، دنيا جي سڄي آباديءَ مان، باوجود وسيع رحمت جي رکندي به، هـُـو ڪنهن به هڪڙي کي نه بخشيندو. اِنهيءَ حقيقت کي پيش نظر رکندي، کڻي جي مان شڪ، شبهي ۾ گرفتار به ٿيس پر اُميدوار آهيان، ته هـُـو مون کي ضرور بخشيندو، ڇو ته مون وٽ ندامت جا ڳوڙها آهن.“
”اِهو ڪافي آهي.“ فيودورپاولووچ، انتهائي خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو، ”تڏهن توکي اِهڙو يقين آهي، ته اِهڙا ٻه ماڻهو هن جهان ۾ ملي سگهن ٿا، جن کي اِها طاقت حاصل آهي ته هن جبل کي چوري سگهن؟ ايون، هن نقطي ڏي توجهه ڏي. هـِـن کي لک، هن ۾ هڪ روسي فرد جون سموريون خصوصيتون موجود آهن.“
”تون اهو چوڻ ۾ درست آهين ته ماڻهن جي ايمان جي اِهائي عمومي حقيقت آهي.“ ايون مشڪندي، پنهنجي رضامندي ڏيکاري.
”تڏهن، تون هن کي قبول ڪرين ٿو. جيڪڏهن تون هن کي قبول ڪرين ٿو ته توکي به ساڳيو ئي عقيدو آهي، جو صحيح آهي. اليوشا، ڇا اِهو، حقيقي روسيءَ جو ايمان نه آهي؟“
”نه سميرڊياڪوف وٽ، ته بلڪل روسي ايمان ڪونه آهي.“ اليوشا، سنجيدگيءَ ۽ پختگيءَ سان چيو.
”مان هن جي عقيدي بابت ڪونه ٿو چوان، بلڪ اُنهن ٻن مقدس شخصيتن بابت، جي صحرا ۾ آهن. رڳو اُنهن بابت ٿو ڳالهايان. يقيناً، اِهي خوبيون روسي آهن، اِيئن برابر آهي نه؟“
”هائو، اِهي بلڪل روسي آهن.“ اليوشا مشڪندي چيو.
”تنهنجا لفظ، سون جي ٽڪر جي برابر آهن ۽ اِهو مان توکي اڄ ئي ڏئي ڇڏيندس. باقي تو جو ڪجهه به ڳالهايو آهي، واهيات آهي، واهيات! واهيات. احمق! هيءُ مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، ته اسان جيڪي به هتي آهيون، اِنهن سڀني کي پنهنجي بي پرواهيءَ جي سبب گهٽ ايمان آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وقت ٿورو ۽ ڪم گهڻو آهي. خدا تعاليٰ اسان کي گهٽ فرصت ڏني آهي. فقط رات ۽ ڏينهن جو چوويهن ڪلاڪن جو آهي. هوڏانهن ماڻهو وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي جو ننڊ به چڱيءَ ريت نه ٿو ڪري سگهي، اُهو پنهنجي گناهن جو پڇتاءُ ڪٿان ڪري سگهندو؟ پر جنهن وقت تو، دشمن جي سامهون، پنهنجي ايمان جو انڪار ڪيو آهي، تڏهن توکي ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿي سـُـجهي، رڳو ايمان جو انڪار. ڀاءُ، مان خيال ڪريان ٿو، ته هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو.“
”هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو. ٿي سگهي ٿو. گريگري سوچ. جيتوڻيڪ هيءُ موقعو گناهه پيدا ڪري ٿو پر اُن جي اهميت به گهٽائي ٿو. جيڪڏهن مان هر هڪ صداقت ۾ يقين ٿو رکان، جو اعتقاد هئڻ به گهرجي، ته پوءِ هيءُ گناهه هو ته مان پنهنجي، ايمان جي لاءِ عذاب کي ڇو نه سـُـٺو ۽ غير جي اعتقاد کي رد ڇو نه ڪيو؟ پر شايد مون تائين عذاب نه به اَچي سگهي ها، ڇو ته مون کي اُن وقت فقط جبل کي چوڻو هو، ته ’چـُـر ۽ عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ هـُـو پوءِ چـُـري ها ۽ عذاب ڏيندڙ کي اُن وقت ڪاري ٽنڊڻ وانگر پائمال ڪري ڇڏي ها. پوءِ مان خدا جي تعريف ۽ وڏائي ڪندي، اُتان اِيئن هليو وڃان ها، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر سمجهه ته مان اُن وقت، اِهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جبل کي واڪا ڪري چيم ته ’عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ جيڪڏهن هـِـن، هـُـن کي پائمال نه ڪيو، پوءِ مان پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي ڪهڙيءَ ريت روڪي سگهندس. پوءِ اِهڙي وقت ۾، سو به موت جي دهشت ۽ وحشت جي وقت ۾! مان ڪهڙي دعا گهـُـري سگهندس! اُن کان سواءِ، مون کي هيءَ خبر به هجي ته آسماني بادشاهت جي مان پوري تابعداري به نه ڪئي آهي. (ڇاڪاڻ ته جبل منهنجي چوڻ تي نه چـُـريو. ڇاڪاڻ ته هـُـو منهنجي ايمان جي برتريءَ جي بابت ڪو چڱو خيال نه ٿو رکي ۽ نه وري دنيا ۾ ڪنهن وڏي انعام کي، منهنجي لاءِ انتظار آهي.) پوءِ ڇو مان پنهنجي کل لهرايان، جنهن مان ڪوبه سود نه آهي؟ توڙي جو، هـُـو منهنجي پٺيءَ جي اَڌ کل لاهي به چـُـڪا هجن، جبل وري به منهنجي واڪن تي نه چـُـرندو. اِهڙي وقت ۾ نه فقط شڪ پيدا ٿيندو، پر هڪ ماڻهو خوف کان سبب ۽ اسباب به وساري ويهندو. ڇو ته اُن وقت غور ۽ فڪر جو، موقعو ئي ڪٿي آهي؟ اِهڙيءَ حالت ۾، اِهو ڏوهه خصوصيت سان مون تي ڪهڙي ريت رکيو ويندو ته مون کي هـِـتي يا هـُـتي جي فائدي ۽ انعام کي ڏسڻ کپندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي کـَـل بچائڻ کپي. اُن ڪري خدا جي رحمت ۾ پورو اعتقاد رکي، مون کي هن اُميد تي ڀاڙڻ کپي، ته مون کي مڪمل طرح بخشيو ويندو.“
____________
(1) يسوعي، عيسائيت جو اُهو فرقو آهي، جو دين مسيحي جي هر مڪاريءَ ۽ حيلي سان تبليغ ڪندو آهي