ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

ٻه اکر

هي جيڪو آءٌ آهيان نه .... ناچيز نصير علي بيگ مرزا .... پرڏيهي ادب جي عظيم سنڌي مترجم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ننڍيءَ ڀيڻ جو پوٽو ... دعوا ڪونه ٿو ڪريان، ته دنيا ۾ حاضر يا ڌرتيءَ تان اَلوپُ ٿي ويل عظيم ليکڪن جي لکيل بهترين افسانوي ادب کي پڙهيو ويٺو آهيان.
ها! سنڌ کان پنجاب، پنجاب کان سرحد بلوچستان ۽ اُتان ويندي اسلام آباد جي وڏين وڏين لائبريرين، يا اُتان جي شهرن جي مشهور بڪ اسٽالن جي شيلفن آڏو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ آءٌ اُڀـَـي پـَـيرُ، بيٺو وڃي ضرور آهيان، ۽ اُتي بيهي دنيا جي ڪـِـن ادبي شاهڪارن کي، پـُـورو کڻي نه، پر اُٿلائي پٿلائي ته ضرور ڏٺو هوندم. ته بس اِن آڌار تي، سمجهو ته دعوا سان ٿو عرض ڪريان ته، دنيا جي عظيم ۽ ڪلاسيڪل افسانوي ادب تخليق ڪندڙن منجهان، هي آهي نه جيڪو حضرت فيودور دوستووسڪي، مون کي ايئن وڏو ۽ ڀاري ڀـَـرڪم ناول نگار لڳو آهي، جيئن سمجهو ته دنيا جي جبلن ۾ هماليا جبل! يا جيئن دنيا جي ڪوٽن ۾ هيءُ پنهنجو رني ڪوٽ جو قلعو يا اڃا به ايئن چوان ته دنيا جي عظيم ناول نگارن جا، ادبي قد-ڪاٺ جاچڻ لاءِ، انهن کي هڪ صـِـف ۾ کڙو ڪنداسين، ته اُنهن ۾ به (باوجود ’وار اَينڊ پـِـيس‘ واري مصنف ٽالسٽاءِ کي بيهارڻ جي) هـِـي پنهنجو فيودور دوستووسڪي صاحب، پـُـوريءَ اهڙيءَ قطار ۾، سڀني کان نروار ۽ قداور بيٺل نظر ايندو.
۽ ڀلا ڪو سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب جو مترجم ۽ پڙهاڪو، هتي مون کي ٻڌائي، ته اهڙي اهم ناول نگار جي اهم ناولن، مثال طور: ’جـُـرم ۽ سزا‘ يا ’ڪرامازوف ڀائر‘ وغيره کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ ۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ ڪوشش ڇو ڪانه ورتي ويئي؟
معافيءَ جو طلبگار آهيان، ان موضوع تي آءٌ ٿوريءَ دير کان پوءِ ٿو اوهان سان بحث مباحثو ڪريان ۽ پهرين اوهان جي خدمت ۾ اطلاعن هي عرض ڪرڻ ٿو چاهيان، ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي، هيءَ جيڪا جديد صورتخطي آهي ... اُن جي Formation ٿي آهي 1853 عيسويءَ ڌاري، ۽ بس سمجهو ته، اُن سنَ سان گڏ ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر لکجڻ جو چالامان (رواج) به شروع ٿي ويو ۽ نصاب سان گڏ، ادب ۽ اُن سان گڏ پرڏيهي افسانوي ادب ترجمي ٿيڻ جو سلسلو به باقاعده شروع ٿي ويو.
تڏهن کان هاڻي تائين، اُنهن سڀني سالن جو هتي شمار ويهي ڪريون، ته اُهي ڪي ٿيندا ڏيڍ سؤ کن ورهيه!
۽ اُنهن ڏيڍ سـَـو ورهين دوران، دنيا جي عظيم افسانوي ادب جا، حساب لڳايون ته، ڪيترا مترجم، سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين ميسر ٿي سگهيا آهن ۽ ان سوال جو جواب آهي ته، اِهي ئي ڪي ويهه پنجويهه مترجم ۽ بس!
خير، قصو ڪوتاهه .... اُنهن سڀني ۾به، اهم ترين ۽ عظيم ترين مترجم ثابت ٿيو: مرزا قليچ بيگ! ۽ کانئن پوءِ خاص طرح سان حاضر دَور ۾، افسانوي ادب جي جن مترجمن جي هاڪ هـُـلي، اُهي آهن: مراد علي مرزا، قاضي خادم، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، فضل احمد بچاڻي، يوسف سنڌي ۽ ان سلسلي جو آخري وڏو مترجم ثابت ٿيو، جنابِ من، ولي رام ولڀ!
نالا ته خير، ٻين به ڪيترن ئي جا، هن وقت منهنجي ذهن ۾ هـُـرن پيا، پر ڳالهه دراصل هي آهي، ته اُنهن ته بس شوقيه ئي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ افسانا وغيره ترجما ڪيا آهن ۽ اُهي به ڪڏهن ڪنهن رسالي جي ايڊيٽر جي زور ڀرڻ تي، يا وري انهيءَ عرصي دوران، جڏهن کين پنهنجو تخليقي ڪم وغيره ڪرڻ لاءِ موڊ نه پئي ٿيو هوندو ۽ هـُـنن اهي افسانا ترجمو ڪري ورتا هوندا. ته بس هتي اِهو ته ثابت ئي ٿيو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي بهترين تخليقي ۽ افسانوي ادب کي، صادق جذبي ۽ مستقل مزاجيءَ سان، ماضيءَ ۾ يا مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪيو آهي يا حاضر دور ۾ جناب ولي رام ولڀ!
منهنجي ادبي ڄمار هن وقت ٽيهه ورهيه کن ٿيندي، ۽ اڄ ٽـِـيهن ورهين جي طئه ٿيل اُن ادبي سفر ڏي مـُـڙي ڏسان ٿو، ته ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ترجمو ٿيل افسانوي مجموعن ۽ ڪن بنهه ٿورن ناولن جي ئي مون کي يادگيري اچي ٿي، ۽ اِجهو اُنهن جي تلاش ۾ گهران نڪري، ڪـِـن وڏين لائبريرين ڏانهن اُنهن کي ڳولڻ لاءِ وڃان ٿو، ته برابر ته ڪي ٿورا افسانوي مجموعا، اُتي دزَ ۾ لٽيل مون کي نظر به اچن ٿا، پر جڏهن اُنهن کي خريد ڪرڻ جي خيال سان بازار ۾ پهچي، بڪ شاپ ٽو بڪ شاپ وڃي پڇايان ٿو ته پتو پوي ٿو، ته اِهي سڀ جا سڀ، اڄڪلهه آئوٽ آف اسٽاڪ ئي آهن!
خير، گهڻو هٿ پيرُ هڻبو ته، ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي شهر مان، پرڏيهي افسانوي ادب جا اهڙا هڪ اڌ مجموعا، متان هٿ چڙهي به وڃن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ پرڏيهي شاهڪار ناولن جا ترجما ....!؟
۽ ڀلا اُهي، منهنجي انهيءَ ٽيهن سالن جي ادبي سانڀر دوران، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿيا ئي ڪيترا آهن!
بس، اِهي ئي ڪي اٺ يا وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرنهن!
ها ورهاڱي کان اڳي يا ٿورو پوءِ، پرڏيهي ٻولين جا ڪي ٿورا گهڻا شاهڪار ناول، ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل ملن ٿا. جيئن مثال طور: شرت چندر ... ٽئگور، ۽ ڪن ٻين يورپي ۽ بنگالي ليکڪن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ناول، پر چوڻ جو مقصد هتي هي به، ته ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ، جن جن ناولن جو ذڪر سنڌي ادب جي تاريخ ۾رقم آهي ... اُهي ننڍا وڏا ناول اصل ۾ هن وقت آهن الاءِ ڪهڙي گنگوءَ واري گوڙ ۾...؟
۽ آءٌ ته ڀانئيان ٿو، ته اُهي اڄ ڪٿي به موجود ڪونه آهن ۽ اُڏوهيءَ کائي خلاص ڪري ڇڏيا آهن. اڄ اسين فخر سان چوندا آهيون، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر جي ڄمار، هن وقت ڏيڍ سؤ ورهيه ٿي چڪي آهي، پر هيڏانهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن ملڪ ۾ اردو ٻوليءَ جي عمر ڏسنداسين، ته اُها اڃا سٺ ورهين جي به ڪانه ٿي آهي. ۽ مون کي هتي اعتراف آهي ته انگريزي ٻولي آءٌ پوري روانيءَ سان نه پڙهي سگهندو آهيان، اِن ڪري دنيا جا بهترين ناول... ’يوليسز‘، اسپينش ناول ’ڊان ڪـِـخاٽي‘، جان اسٽين بيڪ جو ’دي پرل‘، گورڪيءَ جو ناول ’ماءُ‘، لارينس جو ’ليڊي چـيٽرلي لورز‘، ٽالسٽاءِ جو ’وار اينڊ پيس‘، هـَـرمن ميلوِل جو ’موبي ڊَڪ‘، ۽ ٻيا به ڪيترائي ناول اردو ترجمي سان مون پڙهيا آهن ۽ اطلاعن عرض آهي، ته ڪيئي ورهيه اڳ ترجمو ٿيل ۽ شايع ٿيل اهي سڀئي ناول خوش قسمتيءَ سان اڄ به اردوءَ ۾ وري وري شايع ٿيندا، ۽ هر عام خاص بوڪ شاپ تان ملندا رهن ٿا.
۽ هيڏانهن اجهو اسان، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ جائزو وٺنداسين ته، روسي ناول ’ماءُ‘ ، گبرئيل گارشيا مارڪئيز جو ناول ’اڪيلائي جا سؤ سال‘، ارون دتي راءِ جو ’گاڊ آف سمال ٿنگس‘، ڪافڪا جو ناوليٽ ’سسيفس‘، ڪاميو جو ’آئوٽ سائيڊر‘، يا اردو ٻوليءَ مان ترجمو ٿيل قرة العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ڪرشن چندر وغيره جي ناولن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ته، اڃا ڄڻ جهڙوڪر ڪالهه ڪالهوڻي ئي ڳالهه ٿي محسوس ٿئي.
۽ اي ڪاش ... اي ڪاش ... جنهن ’اسپرٽ‘ سان (هتي مون کي ان انگريزي لفظ جو تـُـز سنڌي ترجمو سـُـجهي ئي نٿو) مرزا قليچ بيگ، پرڏيهي افسانوي ادب، ناولن ۽ ناٽڪن کي سنڌيءَ ۾ جيئن منتقل ڪرڻ جو جيڪو سلسلو ماضيءَ ۾ شروع ڪيو هو اُهو، جيڪر تسلسل سان هن وقت تائين به جي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندو اچي ها، ته ناول لکڻ جي ڏس ۾ تخليقي لکڻ وارن کي اتساهه هڪ پاسي ملندو رهي ها ۽ ٻئي پاسي، اڄ هي جتان ڪٿان سنڌيءَ ۾، ناولن جي کوٽ وارو جيڪو روئڻو روئجي پيو، اهو به شايد گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ها.
۽ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عظيم الشان ناول نه لکجي سگهيو آهي، ته، آءٌ ڀانئيان ٿو ته ان جو به وڏو سبب مون کي اِهو ٿو ڀاسي، ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن، دنيا جي عظيم ناولن جو مطالعو پوريءَ سـُـوجهه ۽ سمجهه سان ڄڻ اڃا ڪيو ئي ناهي!
ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالسٽاءِ جي ’وار اينڊ پيس‘ ۽ دوستو وسڪيءَ جي هن ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جهڙو شاندار شاهڪار ۽ غير معمولي ناول ڇا ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪو ليکڪ، لکي سگهندو ۽ اِهو في الحال ڪيئن چئجي!؟
۽ جيتوڻيڪ آغا سليم جي ناولن: ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ۽ ’همه اوست‘ کي برابر ته سنڌي ٻولي جا آءٌ وڏا ۽ اهميت ڀريا ناول سمجهان ٿو، پر هتي عرض ڪريان ته، صرف ٻن گلن جي ٽڙڻ سان، اهو ڪونه چئي سگهبو آهي، ته بهار اچي ويو آهي.
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز ..... سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر جي حيثيت سان، پنهنجي ايامڪاريءَ (80-1976ع) دوران، سنڌالاجيءَ جي پليٽ فارم تان، دنيا جي شاهڪار ۽ شاندار علم و ادب کي ڪنهن وقت سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسليشن بيورو ٺاهڻ جو خواب ڏٺو هو. افسوس، جو سندس اُهو خواب ساڀيا ٿيڻ کان رهجي ويو. ها، ايئن به برابر آهي ته، اُن کان پهرين، يعني ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي آڳاٽي پبلشر، آنجهاني پوڪرداس ۽ ورهاڱي بعد ڪن ٻين شوقيه پرائيويٽ پبلشرن ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ، بهترين پرڏيهي افسانوي ادب کي جنهن سنجيدگيءَ ۽ ذميداريءَ سان شايع پئي ڪرايو آهي، ان لاءِ سچ ته اهڙن پبلشرن ۽ ادارن کي اسان جي ابن ڏاڏن جو سلام پهچي.
پر يارو! باخبر رهو ته، ماضيءَ ۾ اهڙو يادگار ڪم، پياري منشي پوڪرداس پئي ڪرايو يا سنڌي ادبي بورڊ .... قصو ته اِهو بهرحال ماضيءَ جو ئي چئبو نه!
۽ ته بس ان ڳالهه تي هتي تنوير عباسي صاحب جو مون کي هي ٻه سـِـٽو ٿو ياد اچي:

ماضيءَ تي ٿا پاڻُ پـَـڏايو،
حالَ ۾ ڪهڙا آهيو!؟

اجهو حاضر دور ۾ جائزو وٺبو، ته ڪيترائي افسانوي ادب جا سٺا پڙهندڙ ۽ لائق مترجم سنڌ ۾ اڄ به موجود ويٺا آهن ۽ ڪو ادارو جي چاهي، ته نئين پرڏيهي ادب کي کانئن ترجمي ڪرائڻ سان گڏوگڏ، اڳ ۾ ٿيل پراڻي ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل، قسط وار ڇپيل ناولن ۽ افسانن کي، انهن کان مرتب ڪرائي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهي ٿو.
۽ يارو ! ڪيڏيون خوش نصيب آهن اُهي ٻوليون، جن ۾ عظيم ناول نگار پيدا ٿيا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ ڪيڏيون ڀاڳوند آهن دنيا جون اُهي ننڍيون وڏيون قومون ۽ عوامُ، جيڪو پنهنجي مقامي ٻولين ۾ ڪڏهن يوناني مـِـٿ ’هيلن آف ٽراءِ‘ ته ڪڏهن دوستووسڪيءَ جا ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘، ته ڪڏهن ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘، ڪڏهن ٽالسٽاءِ جو ناول ’وار اينڊ پيس‘ ته ڪڏهن ناولسٽن مان ڊي ايڇ لارينس، جيمس جوائس، وڪٽر هيوگو، بالزاڪ، سر والٽر اسڪاٽ، البرٽ موراويا، ترگنيف، ايرچ سيگل، ڪاميو، ايمائل زولا، ٿامس هارڊي، جان اسٽين بيڪ، چارلس ڊڪنز، سمرسٽ ماهام، گستاءِ فلابيئر، گوئٽي، موپاسان، وليم سـَـرويان، ارنيسٽ همينگوي، هينري جيمز، ۽ چيخوف جا ناول عام جام پڙهن پيا.
توڻي جو اِها مٿين عظيم ناول نگارن جي کير ڌارا، ادب جي آسمان تان هاڻي الوپُ ٿي چڪي آهي ... ۽ اُنهن جا قافلا ڌرتي تان لنگهي، بظاهر خلائن ۾ گم ٿي چڪا آهن .... پر اُنهن سڀني جا لکيل شاهڪار ناول ته دنيا ۾ موجود آهن ۽ ڪو ادارو اڄ به چاهي، ته اُهي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي پنهنجي ٻوليءَ کي مالامال ڪري سگهي ٿو.
۽ ڏٺو وڃي، ته هيءَ دنيا، هن حاضر دور ۾ به حال حيات عظيم ناول نگارن کان خالي ٿورو ئي ٿي وئي آهي، جو مثال طور لئٽن آمريڪا ۾ ’گارشيا مارڪيز‘، مصر ۾ نجيب محفوظ، چيڪو سلواڪيا ۾ ميلان ڪـُـنڊيرا، هندستان ۾ قرة العين حيدر، ڪمليشور، ارون دتي راءِ ۽ جرمنيءَ ۾ گـُـنٽر گـِـراس جهڙا ناول نگار اڃا به موجود ويٺا آهن ۽ ناول لکن ويٺا، پر هتي ٿورو ترسو، ۽ عظيم ناول نگارن ۽ دنيا جي شاهڪار ناولن جي هن تذڪري جي وچ ۾، ٿورو مون کي پنهنجي ڏک ۽ تشويش جي به اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏيو، ۽ اِهو اظهار هي ته، دوستووسڪيءَ جي هن ضخيم ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جو وڏي جفاڪشيءَ سان سنڌيءَ ۾ هيءُ جيڪو ترجمو ڪري، ۽ اُن کي احترام لائق ليکڪ، پروفيسر احسان بدوي صاحب، سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، تڏهن اُهو سالن جا سالَ، ادبي بورڊ جي مسودن جي وچ ۾ ڇا جي ڪري دٻيل رهيو؟ ۽ شايع ٿيڻ کان رهجندو آيو!
۽ ڇا متان، ان خيال سان به اُهو اشاعت هيٺ نه آندو پئي ويو، ته جيتري ڪثير سرمايي سان هي ضخيم ناول شايع پئي ٿيو، ايترن پئسن مان سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي طبعزاد علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿي سگهيا پئي يا هن ناول کي شايع نه ڪرائڻ جا اُن وقت جي انتظاميا وٽ متان ڪي ٻيا سبب هئا؟ ۽ اهو ڪيئن چئجي! خير... ڇا به هجي، هن ناول کي ضرور شايع ڪرائڻ جي ڏس ۾ آءٌ ته هتي ائين ئي چوندس ته هيءُ ناول جيڪڏهن اردو، هندي ۽ ڀارت جي ٻين ننڍين وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ آخر ڇو نه؟
هتي، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري ۽ حاضر دور جي مڃيل مترجم ۽ نوجوان اسڪالر انعام الله شيخ کي آءٌ سـَـو آفرينون ڏيندس، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي مسودن ۾ لڳ ڀڳ چاليهن سالن کان ڪٻاڙخاني ۾ پيل هن شاهڪار ناول جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مسودي کي ڪڍيو آهي ۽ اُن کي ڇپائي، پڌري ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
ڄاڻان ٿو، هيءُ ناول نهايت ضخيم آهي ۽ اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ واري رائج فارسي آميز سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ اِهو به ڄاڻان ٿو ته اُن کي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ايترو آسان ڪم ڪونه هو، پر باوجود ان جي، دوستووسڪيءَ جي پيچيده فلسفياڻي ۽ عالماڻي افسانوي نثر کي اسان جي فاضل مترجم، پروفيسر احسان بدوي صاحب، گهڻيءَ حد تائين سلاست سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪنهن حد تائين برابر ته مترجم پاران استعمال ڪيل ڪن ثقيل فارسي لفظن کي مون سوَلي سنڌيءَ ۾ آندو ۽ حاضر دور جي رائج سنڌي ٻوليءَ مطابق ان کي ’اپ ٽو ڊيٽ‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ٻئي پاسي ترجمي جي اسلوب سان مون اِهو سوچي هٿ ئي ناهي ڳنڍيو، جو اُن جو مترجم آهي استادِ
محترم جناب پروفيسر احسان بدوي! ۽ مسودي تي نظرثاني ٿيل آهي سندس والد بزرگوار لطف الله بدويءَ صاحب جي .... ۽ ته بس اهڙن عاليشان ليکڪن جي ادبي حيثيت ۽ پنهنجي زماني جي انهن ’عجوبهءِ روزگار‘ انسانن جي احترام ۾، هن ناول لاءِ ٺاهيل سندن اسلوب سان، هٿ چراند، مون گهٽ جاين تي ئي ڪئي آهي. ۽ ائين معمولي ردوبدل لاءِ به آءٌ اِنهن ٻنهي مرحوم مترجمن جي روحن کان تهه دل سان معافيءَ جو طلبگار آهيان ۽ هتي، آخر ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري برادرم انعام شيخ کي، بورڊ پاران ههڙي شاهڪار ناول شايع ڪرائڻ تي، دل جي گهراين سان، مبارڪون ٿو پيش ڪريان.


نصير مرزا
حيدرآباد
2004 - 11 - 4