ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ڇهون: اهڙو ماڻهو جيئرو ڇو آهي؟

دمتري فيودور پاولووچ، اَٺاويهن سالن جو نوجوان، قد جو پورو پـُـنو، وڻندڙ شڪل ۽ صورت، پنهنجي عمر کان مڙيوئي ڪجهه وڏو ٿي لڳو. سندس عضوا مضبوط هئا ۽ منجهس چڱي جسماني طاقت ٿي ڏٺي، پر سندس چهري ۾ ڪا شگفتگي ڪانه هئي. قدري نازڪ ٿي ڏٺو ۽ سندس ڳل گوشت کان بلڪل خالي ٿي ڏٺا. اُنهن ۾ غير صحتمند پيلاڻ ٿي ڏٺي. سندس وڏيون نمايان ڪاريون اکيون هيون، جنهن مان سندس پختي ارادي جي جهلڪ ٿي ڏٺي، مگر اُن هوندي به مبهم ۽ مشڪوڪ ٿي ڏٺيون. اُن هوندي به جڏهن منجهس اشتعال ٿي پيدا ٿيو يا تنڪ مزاجي سان ٿي ڳالهايائين، تڏهن اُن جي اکين سندس مزاج جي ڪيفيت سان ساٿ نه ٿي ڏنو، پر ڪنهن شيءِ سان بيوفائي ٿي ڏيکاري. ڪڏهن ته اُنهن شين کان بي تعلق پئي ٿي ويو، جي گذري رهيون هيون. اِهو نهايت ئي مشڪل آهي، جو ٻڌائي سگهجي، ته هـُـو ڇا سوچي رهيو آهي؟ اُهي جي ساڻس ڪنهن وقت ڳالهائيندا هئا، ته ايئن ئي چوندا هئا. ماڻهو جي سندس اکين ۾ افسردگي ۽ فڪرمندي ڏسندا هئا، اُهي سندس اوچتي ٽهڪ ڏيڻ تي گهٻرائجي ويندا هئا. اُن وقت جڏهن سندس اکين ۾ اُداسي ڇانيل هوندي هئي، ته اُها هـُـن جي پـُـر لطف ۽ لااُبالي خيالن تي دلالت ڪندي هئي. سندس پيشانيءَ تي جا مصنوعيت نظر ايندي هئي سا سولائي سان سمجهه ۾ اَچي ويندي هئي. سڀ ڪنهن کي ايتري ته خبر هئي يا گهٽ ۾ گهٽ ٻـُـڌو هئائون، ته هـُـو ڪيتري وقت کان نهايت ئي بيقرار ۽ پريشان حياتي گذاري رهيو هو. ساڳئي وقت پيءُ سان جهڳڙي هئڻ سبب منجهس شديد غصو به پيدا ٿي ويو هو. ڳوٺ ۾ اُن بابت ڪيتريون چه ميگوئيون ٿي هليون. ايئن به سچ آهي، ته تند مزاجي سندن فطرت هئي. اسان جو جسٽس اوپيس ڪٽخلزڪوف چوندو هو ته ”هي غير مستحڪم ۽ غير متوازن طبعيت وارو آهي.“
هـُـو خاص امتيازي شان سان بي داغ لباس پهريل هو. خبرداريءَ سان ننڍي ڪوٽ جا بٽڻ بند ٿيل هيس. هـُـن تازو فوجي نوڪري ڇڏي هئي، اُنڪري مـُـڇون هيس پر ڏاڙهي ڪانه هيس. سندس ڪارا ناسي وار ننڍا ڪتريل هئا ۽ اُنهن کي ڦڻي ڏنل هئي، جي اڳيان نراڙ تي جـُـهڪيل هئا. فوجي ماڻهو وانگر هن پختا ۽ وڏا قدم ٿي کنيا. هـُـو ٿورو وقت چانئٺ تي ترسيو ۽ سڀني ويٺلن تي نظر وجهي، سڌو مربيءَ وٽ ويو، جنهن کي هـُـو ميزبان سمجهي رهيو هو. هن کيس ٿورو نوڙي سلام ڪيو ۽ کيس دعا لاءِ عرض ڪيائين. زوسيما پنهنجي ڪرسي تان اُٿي کيس دعا ڪئي ۽ دمتري ڪمالِ اَدب سان سندس هٿن کي نهايت گرمجوشيءَ سان چميو.
”ايتري ڪشاده دلي ڏيکاريو، جو منهنجي دير سان اَچڻ کي بخشي ڇڏيو. سميرڊياڪوف خدمتگار کي منهنجي پيءُ مون ڏانهن موڪليو هو، جنهن ٻـُـڌايو ته فقط هڪ ماڻهوءَ سان وقت مقرر ٿيل آهي، پر هاڻي اوچتو ٻـُـڌم - ”
”پاڻ کي تنگ نه ڪريو،“ مربيءَ وچ ۾ ڳالهايو. ”ڪابه ڳالهه ڪانه آهي، جي اوهان دير سان آيا آهيو. اِن جو ڪوبه اَثر نه پوندو.“
”مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان، اوهان جي نيڪي، لطف ۽ ڪرم ۾، مون کي هن کان گهٽ اُميد نه هئي“.
دمتري ايترو چئي، هڪ ڀيرو وري به جـُـهڪي نياز حاصل ڪيو، پوءِ هـُـو سـِـڌو پيءُ ڏانهن مـُـڙيو ۽ اُن کي به ساڳيءَ تعظيم ۽ تڪريم سان نوڙي سلام ڪيائين. صاف ظاهر ٿي ڏٺو، ته هـُـن اِهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو هو. اِهو خيال ڪري ته سندس اِهو فرض آهي، ته پنهنجي نيڪ نيتي ۽ اَدب ڏيکاري هـُـن نهايت سنجيدگيءَ سان آداب بجا آندا.
فيودور پاولووچ، هن کان بنهه بي خبر هو، مگر موقعي آهر کيس پيش آيو. دمتريءَ جي سلام ۽ اَدب بجا آڻڻ جو ردعمل وٽس فقط اهو پيدا ٿيو، جو هـُـو ڪرسيءَ تان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ پٽ کي اوترو ئي سلام ڪيائين. سندس چهرو اَچانڪ سنجيدو، متين ۽ مؤثر ٿي ويو، جنهن مان سندس خباثت ۽ ڪينه پروري صاف ٿي ڏٺي. اُتي جيڪي به موجود هئا، اُنهن جي اڳيان دمتري نوِڙيو ۽ سواءِ ڪنهن ڳالهائڻ جي وڏن ۽ دليراني قدمن سان هڪ خالي ڪـُـرسي تي وڃي ويٺو - جا فادر پاديسيءَ جي ڀرسان پيل هئي ۽ ڪـُـٻڙو ٿي ويهي رهيو، ته اُن گفتگوءَ کي ٻـُـڌي، جنهن ۾ هـُـن رُخنو اَچي وڌو هو.
دمتريءَ جي داخل ٿيڻ ۾ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت ڪونه لڳو هوندو ۽ گفتگو وري شروع ٿي ويو. موسيوف چيو ته، ”مان اوهان کي ايون فيودور پاولوچ جو هڪ نهايت ئي دلچسپ ۽ عجيب قصو ٿو ٻـُـڌايان. هن ڳالهه کي صرف پنج ڏينهن ٿيندا، هڪ مجلس ۾، جيڪا خاص عورتن جي هئي، هڪ بحث دوران نهايت سنجيدگيءَ سان چيائين ته، ”دنيا ۾ ڪابه اِهڙي ڳالهه ڪانه آهي، جا ماڻهن کي پاڙيسرين سان محبت ڪرڻ لاءِ چوندي هجي. قدرت جو اِهڙو قانون آهي، ته ماڻهو انسان ذات سان پيار رکي. جيڪڏهن هن زمين تي، پيار ۽ محبت جو رشتو کڻي ٿيو به هجي، ته اِهو ڪو قدرت جو قانون نه هوندو پر رڳو انڪري، ته انسان بديءَ ۽ بداخلاقيءَ تي ايمان آندو آهي.“ ايون فيودور پاولووچ، جملي جي درميان، ايترو به گڏيو هو ته قـُـدرت جو سمورو قانون اِن ئي ايمان تي آهي. جيڪڏهن توهان انسان مان سندس بديءَ جو جـُـزو ختم ڪري ڇڏيو، ته نه فقط پيار ۽ سـِـڪ، بلڪ زندگيءَ جي هر اُها قوت - جا هن دنيا کي زندهه رکي ٿي - سا بلڪل ختم ٿي ويندي. پوءِ ڪابه بـُـري شيءِ ڪانه هوندي ۽ سڀ ڪاشيءِ قاعدي موجب هوندي. آدمخوري پڻ، پر اُهو سڀ ڪجهه نه آهي. آخر ۾ هـُـن دعويٰ سان چيو ته، ”اسان مان هرڪو شخصي طرح - جيئن اسان آهيون، خدا ۽ حيات جاويد ۾ اعتقاد نه ٿا رکون، انڪري فطرت جي اخلاقي قانون کي، هڪدم، اڳئين مذهبي قانون کان ابتڙ بدلائڻ گهرجي. خود پرستيءَ ۽ گناهه کي نه فقط قانون سمجهيو وڃي پر اُن لاءِ لازمي طرح تسليم ڪرڻ کپي، پوءِ هن حالت مان جي نتيجا نڪرندا، اُهي معقول ۽ عزت ڀريا هوندا. هن بعيد از قياس حقيقت مان، اوهان، اسان جي وهمي ۽ عقل کان وانجهيل دوست ايون فيودور پاولووچ جي خيالن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.“
”معاف ڪجو“، اوچتو دمتري رڙ ڪري چيو، ”جيئن مون صحيح طرح ٻڌو آهي، ته نه فقط گناهه ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اُن کي تسليم به ڪيو وڃي، ڇو ته اِهو اڻ ٽر ۽ معقول نتيجو آهي، جو هر ملحد جي نقطهِّ نظر مان پيدا ٿئي ٿو - ڪيئن ايئن آهي نه؟“
”بيشڪ ايئن آهي“. راهب پاديسي چيو.
”مان هن کي ياد رکندس.“
هنن لفظن جي چوڻ کان پوءِ دمتريءَ پنهنجي گفتگوءَ کي اوچتو ايئن بند ڪري ڇڏيو، جيئن ڳالهايو هئائين. هرڪو کيس عجب مان نهارڻ لڳو.
مربيءَ اوچتو، ايون فيودور ڏي منهن ڪري پڇيو ته:
”اوهان جو سچ پچ اِهو عقيدو آهي، ته روح جاودان مان، انسان جي ايمان جي هلي وڃڻ جو نتيجو اِهوئي نڪرندو آهي؟“
”هائو، مون ڪيئي ڀيرا، اُن جو اظهار ڪيو آهي. جيستائين جاوداني روح ۾ ايمان نه آهي، نيڪي هن جهان ۾ رهي ئي نه ٿي سگهي.“
”جيڪڏهن تنهنجو اِهو عقيدو آهي، ته نيڪ بخت آهين، پر جيڪڏهن نه ته بدبخت!”
ايون مشڪندي چيو ته، ”ڇو بدبخت؟“
”ڇاڪاڻ ته سڀني ڳالهين جي هوندي، تون پنهنجي روح جي جاوداني هئڻ ۾ ايمان نه ٿو رکين. نه وري اُن ڳالهه ۾ تنهنجو اعتقاد آهي، جنهن کي تو ڪليسا جي اختيار سماعت بابت پنهنجي مقابلي ۾ لکيو آهي.“
”شايد اوهان صحيح هجو! ....... مان حقيقت ۾ مذاق نه ڪري رهيو آهيان.“ ايون اوچتو اُن جي قبوليت ڏني ۽ سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
”اِهو سچ آهي ته تو مذاق نه ٿي ڪيو، پر اِهو سوال اَڃا تنهنجي دل جي تارُن کي ڇيڙي رهيو آهي. تو اُن کي حل ئي نه ڪيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته شهيد به پاڻ کي نااُميديءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. ڄڻ ته نااُميدي خود اُن کي اوڏانهن ڦيرايو آهي. ساڳيءَ ريت تون به پنهنجي نااُميديءَ جي باعث پاڻ کي سماج تي بحث ڪرڻ ۾ بدلائي رهيو آهين. جيتوڻيڪ تون پاڻ به پنهنجن دليلن تي ڀروسو نه ٿو رکين. دل جي درد ۽ سور سبب اُن تي اندر ئي اندر ٺٺولي ٿو ڪرين ...... تو اَڃا اُن سوال جو جواب ئي نه ڏنو آهي. اِهو تنهنجي گهڻي رنج ۽ ملال جو سبب آهي. ڇو ته اِهو جواب جي تقاضا ٿو ڪري.“
”پر ڇا، اُن جو جواب مون کي ڏيڻو آهي؟ اُهو جواب اثبات ۾ هوندو.“
ايون هيءُ سوال عجيب طريقي سان پڇندو هو ۽ مربيءَ ڏانهن زيرِلب مشڪندي نهاريندو به رهيو.
”اِهو جيڪڏهن اثبات ۾ حل ٿي نه ٿو سگهي، ته نفي ۾ به ڪونه ٿي سگهندو. توکي خبر آهي ته اِهائي تنهنجي دل جي خصوصيت آهي. اِهي سموريون تڪليفون اِنهيءَ جي ڪري ئي آهن، پر خالق جو شڪر اَدا ڪر، جنهن توکي ايڏي بلند دل عطا ڪئي آهي، جا اِنهن سڀني تڪليفن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي سگهي ۽ جا رفيع الشان شين تي سوچ ۽ ويچار ڪري ٿي، ته اَسان جي جاءِ جنت ۾ آهي. خدا توکي اِها توفيق بخشيندو، جو تون اُن جو جواب زمين تي ڳولي لهندين ۽ هـُـو تنهنجي راءِ کي روشن بڻائيندو!”
مربيءَ پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ ايون جتي ويٺو هو، شايد اُن جي مٿان صليب جو نشان بڻائي ها، پر هـُـو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو ۽ سندس ويجهو وڃي دعائون ورتائين ۽ هٿن کي چميائين. پوءِ خاموشيءَ سان پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي ويٺو. سندس چهرو متين ۽ سنجيده ٿي لڳو. سندس هيءُ عمل ۽ اڳيون گـُـفتو نهايت حيرت ڀريو ٿي لڳو. هـُـن پنهنجي عجب ڀرئي اَنداز ۾ متانت سان، اُتي ويٺلن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو هـُـو سڀئي ٿوريءَ دير لاءِ دمبخود ٿي ويا. اليوشا جي چهري تي البت اِدراڪ، فهم ۽ فراست ٿي ڏٺي. موسيوف هڪدم پنهنجن ڪلهن کي چورڻ پورڻ لڳو. ساڳئي وقت فيودور پاولووچ ، پنهنجيءَ جاءِ تان ٽپ ڏئي اُٿيو.
”پاڪ ۽ مقدس مربي!” ايون ڏانهن اِشارو ڪندي، هن چيو، ” هي منهنجو پـُـٽ آهي ۽ منهنجي گوشت جو ٽڪرو، منهنجو نهايت ئي جان جگر! مان ايترو ضرور چوندس، ته هـُـو فرمانبردار ڪارل مور آهي، پر هـُـو پٽ، جو هاڻي آيو آهي دمتري - جنهن بابت مان اوهان کان انصاف ٿو گهران، سو نافرمان فرانزمور آهي - هـُـو ٻئي شلر جا ڊاڪو آهن ۽ مان حڪمران ڪائونٽ وون مور آهيان. انصاف ڪر ۽ اسان کي بچاءِ. اسان کي نه فقط اوهان جي دُعائن، بلڪ پيشنگوئيءَ جي به ضرورت آهي.“
”مذاق کي روڪ ۽ صاف صاف ڳالهاءِ. پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جي بي عزتي سان، پنهنجي گفتگوءَ جي ابتدا نه ڪر.“ مربيءَ جهيڻي ۽ ٿڪل آواز ۾ جواب ڏنو. هـُـو ظاهري طرح بلڪل ختم ٿيندو ٿي ويو، ۽ سندس طاقت ڪـِـرندي ٿي وئي.
”هڪ ناشائسته ۽ کـِـل جهڙو ناٽڪ، جنهن جو مون هت اَچڻ کان اڳ ۾ ئي خيال ٿي ڪيو.“ دمتريءَ کي بيحد غصو اَچي ويو ۽ هـُـو به ٽپ ڏئي اُٿيو، ”هن کي معاف ڪريو، مقدس مالڪ!” مربيءَ کي خطاب ڪندي هـُـن چيو، ”مان مهذب نه آهيان، اُنڪري خبر نه آهي ته اوهان کي ڪهڙيءَ ريت خطاب ڪريان؟ توهان کي ٺڳيو ويو آهي ۽ اوهان ايترا ته شريف طبع آهيو، جو اَسان کي هت ملڻ جي اجازت ڏني اَٿوَ. منهنجي پيءُ جو مطلب فقط بدنامي آهي. هـُـو ڇو ايئن ڪري ٿو، سو صرف هـُـو ئي ٻڌائي سگهي ٿو؟ هن ۾ سندس ڪونه ڪو مقصد آهي، پر مون کي پـَـڪ آهي ته مان اُن کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو!”
”سڀئي مون تي تهمت رکن ٿا، هي سڀئي“، فيودور پاولووچ پنهنجي واري تي چيو، ”پيٽراليگزينڊرووچ به مون تي الزام ٿو رکي، تو مون کي ملامت جي قابل پئي سمجهيو آهي. پيٽراليگزينڊرووچ تون، تون!” هن مـُـڙي موسيوف ڏانهن نهاريو. جيتوڻيڪ هن کي وچ ۾ نه ڳالهائڻ جو نه خيال هو نه خواب هو. ”سڀ مون تي الزام رکن ٿا، ته مون ٻارن جي دولت کي پنهنجن پيرن جي هيٺان لڪائي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن کي ٺڳيو آهي. ڇا هتي قاعدي قانون جي ڪورٽ ڪانه آهي ڇا؟ اُتي هـُـو لکيتن مان جاچي سگهن ٿا. دمتري فيودور پالووچ! تو وٽ ڪيترو پيسو هو. اُن مان تو ڪيترو خرچ ڪيو آهي ۽ باقي ڇا بچايو آهي؟ پيٽر اليگزينڊرووچ پنهنجي فيصلي ڏيڻ کان ڇو ٿو ڪيٻائي؟ دمتري، هن جي لاءِ ٻيو ته نه آهي. جيئن ته هـُـو سڀئي منهنجي خلاف آهن، ۽ دمتري فيودور پاولووچ منهنجو قرضي آهي، ٿورن پيسن جو نه بلڪ هزارن جو، جنهن لاءِ مون وٽ دستاويزي ثبوت آهن. سڄي شهر ۾ سندس زنا ڪاريءَ جو چرچو آهي. جتي هـُـو اڳ مقرر ٿيل هو، اُتي هـُـن هڪ شريف ۽ آبرودار ڇوڪريءَ کي ڦاسائڻ جي خاطر، ڪيترائي ڀيرا، هڪ ٻه هزار رپيا خرچ به ڪيا. اَسان کي اُن جي سموري خبر آهي. دمتري فيودورووچ جي اُن راز جي هر تفصيل کان واقف آهيون. فادر زوسيما! اوهان اعتبار ڪندا، ته هـُـن هڪ معزز ڇوڪريءَ جي دل کي موهي ڇڏيو آهي، جنهن جو تعلق هڪ اعليٰ ۽ دولتمند خاندان سان آهي. اُها ڇوڪري، هڪ اهڙي ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جو ڪنهن وقت سندس آفيسر هو ۽ جنهن کي ڪيترائي اعزاز مليل آهن. ’ينا آرڊر‘ اُن جي ڇاتي تي چمڪندو رهي ٿو. هـِـن اُن ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو واعدو به ڪيو هو ۽ اُن سان مڱيل به آهي. مگر هوءَ هتي يتيم ۽ بيڪس رهجي وئي آهي. اُن هوندي به هيءُ هڪ حسين ساحره سان سندس بنهه اکين کان، ناچ ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ساحره ايئن کڻي چئجي، ته ان جي هڪ آبرودار ماڻهوءَ سان شادي به ڪيل آهي. پر اُن هوندي به هوءَ هڪ خودمختيار طبعيت جي مالڪه آهي ۽ هڪ اهڙو مضبوط قلعو آهي، جنهن کي سـَـر ڪرڻ سڀ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هڪ شرعي زال جي حيثيت ۾ هوءَ ڏاڍي گـُـڻن واري آهي. سچ، مقدس مالڪ! هوءَ ڏاڍي نيڪ آهي. دمتري اُن مضبوط قلعي کي سونيءَ ڪنجي سان کولڻ گهـُـري ٿو ۽ اُنڪري ئي هـُـو مون سان گستاخاڻي هلت ٿو هلي. هـُـو ڪوشش ٿو ڪري، ته مون کان ڪجهه رقم ڇڏائي. حالانڪه هـُـو اُن حسين ساحره تي ڪيترائي هزار روبل خرچ ڪري چـُـڪو آهي. هن مقصد جي خاطر هـُـن مسلسل پيسا قرض طور پئي ورتا آهن. اِهي پيسا ڀلا ڪنهن کان ورتا اَٿائين؟ مان چوان - مـِـتيا کان.“
”خاموش!” دمتري رڙ ڪري چيو، ”ترس! جيستائين مان هليو وڃان. منهنجي سامهون، هڪ عزت واري ڇوڪريءَ کي بدنام ڪرڻ جي جرئت نه ڪر! جيڪڏهن اُن ڇوڪريءَ بابت تون غصي ۾ هڪ لفظ به وڌيڪ ڳالهائيندين، ته توکي اُهو معاف نه ڪيو ويندو.“
هـُـو سهڪڻ لڳو.
”مـِـتيا! مـِـتيا!” فيودور پاولووچ مـجنونءَ واري رڙ ڪئي ۽ اکين مان ڳوڙها وهي ويس. ”تنهنجي پيءُ جون بددعائون تولاءِ ڪجهه به نه آهن؟ مان توکي، جي بددعا ڏيان، ته پوءِ ڇا؟“
”بي شرم ٻهروپي!” دمتري غصي مان بلند آواز سان چيو.
”اِهو، هيءُ پنهنجي پيءُ کي ٿو ڳالهائي! پيءُ کي! ٻين سان سندس ڪهڙي روش هوندي؟، صاحبو! هيءُ رڳو پاڻ کي وڏو سمجهڻ آهي. هت هڪ غريب مگر شريف ماڻهو رهي ٿو، جنهن تي هڪ وڏي ڪٽنب جو بار آهي. هـُـو ڪئپٽن آهي. ڪنهن تڪليف ۾ اَچي ويو ۽ کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. نه عام ماڻهن جي اڳيان نه وري ڪورٽ مارشل جي ذريعي. سندس عزت تي ڪنهن به قسم جو داغ نه آيو. ٽي هفتا کن ٿيندا، دمتري کيس ڏاڙهيءَ کان جهلي، شرابخاني کان گهلي، گهٽيءَ ۾ وٺي آيو ۽ ماڻهن جي اڳيان خوب ماريائينس. اِهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري؟ ڇو ته هـُـو منهنجي هڪ ننڍڙي ڪاروبار جو ايجنٽ آهي.“
”اِهو سڀ ڪوڙ آهي! ظاهري طرح سچ آهي پر باطني طرح غلط!” دمتري غصي ۾ سمورو ڪنبي رهيو هو. ”مقدس پيءُ! مان پنهنجي عمل کي حق بجانب ڪونه ٿو سمجهان. هائو، مان سڀني جي اڳيان قبول ٿو ڪريان، ته مون ڪئپٽن سان حيوان جهڙي هلت هلي هئي. مون کي اُن جو ڏک آهي. مان پنهنجي اُن وحشياڻي تيش لاءِ ڏاڍو نادم آهيان. اُنهيءَ ڪئپٽن، يعني تنهنجو اُهو ايجنٽ، اُن عورت وٽ ويو، جنهن کي تو حسين ساحره سڏيو آهي، کيس منهنجي پاران تجويز پيش ڪيائين، ته جيڪڏهن مان پنهنجي حساب ڪتاب جي لاءِ تو مٿان زور آڻيان، ته هوءَ توکان منهنجي قرض جو رقعو - جو تنهنجي قبضي ۾ آهي - وٺي ۽ اُن جي مدد سان، مون تي پيسن جي وصوليءَ لاءِ مقدمو داخل ڪري، جيئن مان جيل اُماڻيو وڃان. هاڻي وري تون مون کي اُن جي محبت لاءِ ملامت ڪري رهيو آهين. جڏهن تو خود اُن عورت کي ڦاسائڻ لاءِ ڀڙڪايو هو! مون کي منهنجي روبرو هـُـن ٻـُـڌايو هو ۽ توتي کلي ٿي. تو مون کي جيل ۾ صرف هن لاءِ موڪلڻ ٿي گهريو. ڇو ته توکي اسان جي محبت تي رشڪ پئي آيو. ڇاڪاڻ ته تون کيس هٿ ڪرڻ پيو گهرين ۽ مون کي اهو سڀ معلوم آهي. هوءَ تو تي اُنڪري به کـِـلي ٿي. تون ٻڌين ٿو، جئن هوءَ ٻـُـڌائي رهي هئي. هوءَ تو تي وڏا ٽهڪ ڏئي کـِـلي رَهي هئي. سو اِهڙو آهي، هـِـت هيءُ اوهان جو آدمي! هيءُ پيءُ آهي جو پنهنجي اوباش پٽ کي بدنام ڪري رهيو آهي. دوستو، مون کي منهنجي غصي لاءِ معاف ڪجو. مون کي اڳ ۾ ئي هيءُ اَندازو هو، ته هن عيار اوهان سڀني کي هت اِنڪري ڪـَـٺو ڪيو آهي، ته جيئن ڪو تماشو پيدا ڪري. مان هن کي هتي معاف ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. جيڪڏهن هـُـو اُن لاءِ هٿ ڊگهيري ته مان معاف ڪري ڇڏيان ۽ پنهنجي معافيءَ لاءِ عرض ڪريان! پر جيئن ته هن هاڻي ۽ هن گهڙيءَ، نه فقط منهنجي بلڪ هڪ شريف نوجوان عورت جي - جنهن لاءِ مون کي ايترو احترام آهي جو مان سندس، خواهه مخواهه نالو به وٺڻ به پسند نه ٿو ڪريان، بي عزتي ڪئي آهي. مون بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي، ته کيس اُن جو تماشو ڏيکاريان، جيتوڻيڪ هـُـو منهنجو پيءُ ڇو نه آهي ....“
هـُـو، هن کان وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ ساهه تڪليف سان کڄي رهيو هو. حجري ۾ سڀڪنهن تي بي چيني ڇانيل هئي. زوسيما کان سواءِ ٻيا سڀئي پنهنجن جاين تان پريشان ٿي اُٿيا. راهب بلڪل تند ۽ تلخ ٿي ڏٺا، پر مربيءَ جي هدايت جو انتظار ڪري رهيا هئا. هـُـو اَڃا ويٺو هو، هـُـو پـِـيلو ٿي لڳو. جوش ۽ اشتعال کان نه بلڪه بيماريءَ جي ڪمزوريءَ کان. التجا ڀري مرڪ سندس چهري تي نمودار ٿي. هـُـو هر هر پنهنجي هٿ کي مٿي کڻي رهيو هو، جيئن اُن طوفان کي روڪي سگهي. مگر هـُو ڪنهن شيءِ لاءِ واجهائي رهيو هو. غور سان جاچي رهيو هو ۽ اُن شيءِ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جا اَڃا هـُـن لاءِ صاف نه ٿي هئي. موسيوف آخرڪار ذِلت ۽ بدنامي محسوس ڪئي.
”اسان سڀئي هن شرمناڪ تماشي لاءِ جوابدار آهيون“ هـُـن گرم ٿي چيو، ”پر مان جڏهن هت آيو هوس، تڏهن اُن جو اَندازو ڪونه لڳايو هوم. جيتوڻيڪ اِها خبر هيم ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان واسطو پيو آهي؟ هي سڀ هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي. سائين! مون تي اعتبار ڪريو، ته هتي جو ڪجهه ظاهر ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن به تفصيل جي مون کي ٿوري به خبر ڪانه آهي، مان ٻنهي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان. مون کي پهريون دفعو هيءَ خبر پوي ٿي ..... هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي بداخلاق عورت سان تعلقات تي ايترو حاسد آهي، جو اُن بابت سازش رٿي، کيس جيل اُماڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هيءَ هڪ اهڙي صحبت آهي، جنهن ۾ مان زبردستيءَ سان ويٺو آهيان. مون سان فريب ٿيو آهي، مان سڀني کي ٻـُـڌايان ٿ و، ته مون سان به ايترو ئي دوکو ٿيو آهي، جيترو ٻين سان ٿيو آهي.“
”دمتري فيودورپاولووچ” فيودور پاولووچ، هڪ غير فطري آواز ۾ رڙ ڪري چيو، ”تون جيڪڏهن منهنجو پـُـٽ نه هجين ها ته مان توکي دوبدو وڙهڻ لاءِ، هن گهڙيءَ چئلينج ڪريان ها ..... پستول سان ..... رومال سان لڪائي، فقط ٻن ٽن قدمن تان.“ هـُـن زور سان زمين تي ٻئي پير هڻي ماٺ ڪئي.
اُهي سمورا پراڻا پاپي، جي پنهنجي سڄي حياتي ايئن گذاريندا آهن، اُنهن لاءِ ڪي اهڙيون به گهڙيون هونديون آهن، جو اُهي پنهنجي انسانيت ڏي موٽي وڃن ٿا، پوءِ ڪنبندا ۽ لرزندا ۽ احساس جي شدت کان ڳوڙها وهائيندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ جلد ئي، ٿورو پوءِ، پاڻ سان ڀڻ ڀڻ به ڪري ڳالهائيندا آهن. ”توکي خبر آهي ته تون هاڻي مڪر ڪري رهيو آهين. جهونا گنهگار ۽ بي شرم! تون وري حرڪت ڪرين ٿو. تون پنهنجي پاڪيزگيءَ سان گڏ قهر ۽ غضب به ڏيکاري رهيو آهين؟
دمتريءَ جي نرڙ تي تڪليف جي ڪري گهنج پئجي ويا ۽ پيءُ ڏانهن نهايت ئي حقارت سان نهاريائين.
”مون سمجهيو ٿي ..... مون سمجهيو ٿي.“ هن صاف آواز ۾ چيو، ڄڻ ته اُن تي قبضو پائي رهيو آهي. ”مان پنهنجي ڳوٺ ٿو وڃان، پنهنجيءَ دل جي راڻيءَ سان، پنهنجي مڱينديءَ سان، ته جيئن هن جي ٻـُـڍاپي ۾ چڱي پرگهور ٿي سگهي. پر مان ڏسان ٿو ته هيءُ بدچلن، شهوت پرست ۽ ذليل مسخرو، رڳو ڳنوار آهي.“
”دوبدو لڙائي!” هڪ ڀيرو وري اُن آفت زده ٻـُـڍي رڙ ڪري چيو. هر هڪ لفظ چـَـٻي ۽ چٿي ڳالهائي رهيو هو. ” ۽ تون اليگزينڊرووچ موسيوف، مان توکي اِهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته تنهنجي پوري خاندان ۾ ڪابه شاندار ۽ وڌيڪ ايماندار - تون ٻڌين ٿو نه - عورت ڪانه ٿي آهي. جهڙي اُها آهي، جنهن کي تون هاڻي، ايئن جرئت ڪري سڏيو آهي! ۽ تون دمتري فيودورووچ، اُن پيداوار جي خاطر پنهنجي مڱينديءَ کي ڇڏيو آهي، ڇو ته تون ايئن خود محسوس ٿو ڪرين، ته هوءَ اُن جي اڳيان بتي به جهلي ڪانه ٿي سگهي. اهڙي ئي عورت کي پيداوار سڏيو ويندو آهي.“
”شرمناڪ،“ فادر ايوسف چيو.
”شرمناڪ ۽ ذليل!” ڪلگنوف جي چهري تي ڳاڙهاڻ ڇانئجي وئي ۽ جذبات جي اثر کان ڪنبندي، لرزندڙ آواز ۾ چيائين. هـُـو اُن وقت تائين خاموش هو.
”اهڙو ماڻهو آخر زندهه ڇو آهي؟“ دمتري جو پڻ غصي ۾ هو، بڙ بڙ ڪندي کوکلي آواز ۾ چيو. هـُـن پنهنجن ڪلهن کي مٿي کنيو ۽ ايترو ڪٻڙو ٿي ويو، جو بلڪل بدصورت ٿي لڳو. ”ٻڌايو ته هن کي اِن نموني ڇڏي سگهجي ٿو، ته هـُـو هن زمين کي ناپاڪ ڪندو رهي؟“ هـُـن چوڌاري، هرهڪ ڏانهن نهاريندي، اُن ٻـُـڍي ڏانهن اِشارو ڪندي چيو. هـُـو ڄاڻي واڻي ايئن ئي ڳالهائي رهيو هو.
”ٻڌو، ٻڌو، او راهب! پيءُ کي مارڻ واري کي ٻـُـڌو.“ فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو ۽ راهب ايوسف ڏانهن ڊوڙي ويو. ”اِهو آهي، تنهنجي شرمناڪيءَ جو جواب! شرمناڪي ڇا آهي؟“ اُها پيداوار، اُها بدڪردار عورت، شايد توکان وڌ پاڪ آهي! توهان راهب فقط نجات جي راهه جي جستجوءَ ۾ آهيو! هوءَ شايد پنهنجي جوانيءَ جي هٿن مان ڪـِـري آهي، يا پنهنجي ماحول کان تباهه ٿي آهي، پر هوءَ محبت ڀري آهي، يسوع مسيح به اُنهن عورتن کي بخشيو آهي، جي محبت ڀريون آهن.“

”يسوع مسيح، اهڙين عورتن کي ڪونه بخشيو هو!” شريف الطبع راهب ايوسف کان بي صبري ۾ نڪري ويو.
”هائو، اهڙي محبت لاءِ هـُـو، ايئن هيو راهبو!” توهان هت گوبي کائي پاڻ کي پاڪ سمجهو ٿا. توهان دريائي مڇي کائي، ايئن سمجهو ٿا، ته خدا کي اُن مڇيءَ جي رشوت ٿا ڏيون.“
”هيءُ برداشت کان ٻاهر آهي“. حـُـجري جي هر طرف کان آواز آيو.
هيءُ منظر، جو سهڻ کان ٻاهر هو، هڪدم ختم ٿي ويو. فادر زوسيما پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو. اِليوشا، جو هن بلڪل اُن انتظار کان پريشان هو، جو ساڳيو مربي ۽ ٻين کي هو، کيس پنهنجي ٻانهن جي سهاري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زوسيما دمتريءَ جي طرف وڌيو ۽ سندس نزديڪ پهچڻ تي سندس قدمن ۾ ڪـِـري پيو. اِليوشا سمجهيو ته ڪمزوريءَ جي سبب ڪـِـري پيو آهي، پر ايئن نه هو. مربي بلڪل ظاهر ظهور ۽ ڄاڻي واڻي، دمتريءَ جي قدمن تي جـُـهڪي پيو هو ۽ سندس نراڙ زمين کي چڱيءَ ريت ڇهـُـي ورتو. اليوشا بلڪل هـَـڪو ٻـَـڪو ٿي ويو ۽ جيئن ئي هـُـو اُٿي کڙو ٿيو، ته هـُـن کي سهارو ڏئي نه سگهيو، سندس چپن تي بلڪل ڦـِـڪي مرڪ هئي.
”خدا حافظ! مون کي سڀئي معاف ڪجو!” سڀني مهمانن جي اڳيان زوسيما نوڙندي چيو.
دمتري گهڙيءَ لاءِ حيرت ۽ عجب ۾ بيٺو رهيو. هن جي اڳيان نوِڙڻ، اِن جو مطلب ڪهڙو؟ اوچتو هـُـن وڏي واڪي چيو. ”او خدا!” ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪائي ڪمري کان ٻاهر ڊوڙندو نڪري ويو. ٻيا مهمان سندس پويان ٽولي بڻائي نڪري ويا. مونجهاري ۾ کانئن خداحافظ به چوڻ وسري ويو. فقط راهب هنن ڏي دعا جي لاءِ وڌي ويا.
”هن نموني هن جي پيرن تي ڪرڻ مان ڇا مطلب هو؟ اِهو ڪو اشارو هو يا ٻيو ڪجهه؟“ فيودور پاولووچ ، سواءِ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ جي رڙ ڪري چيو. سندس خيال وري گفتگوءَ کي ڇيڙڻ جو هو، پر اُن وقت هـُـو سڀئي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويا هئا.
”هڪ ڀڳل ديوار ۽ هڪ بدمغز ماڻهوءَ کي مان ڪوبه جواب ڏئي نه ٿو سگهان.“ موسيوف هڪ عجيب مزاح سان هڪدم جواب ڏنو. ”پر فيودور پاولووچ مان پاڻ کي يقيناََ تنهنجي صحبت کان هميشه دور رکندس، هو راهب ڪٿي آهي؟“
اُهو راهب؟ اُهو ساڳيو راهب آهي، جنهن سڀني کي بزرگ سان گڏ کاڌي کائڻ جي دعوت ڏني هئي. مربيءَ جي ڏاڪڻ کان جيئن ئي هـُـو هيٺ لٿا، ته هـُـو ساڻن اَچي مليو. ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو ڄڻ ته سندن انتظار ۾ هو.
”مقدس پيءُ! مون تي هڪ مهرباني ڪريو. منهنجا خلوص منداڻا نياز راهب سپيرئر کي ڏجو. مون لاءِ شخصي طرح معافي گهرجو، ته موسيوف اَدب سان چيو آهي ته کيس نهايت ارمان آهي، جو اَڻٽر حالتن جي ڪري مان کاڌي جي ميز تي حاضر ٿي ڪونه سگهندس.“ ڏاڍي بڇان مان موسيوف راهب کي چيو. ”۽ اِهي اَڻٽـَـر حالتون، بهرحال مان آهيان.“ فيودور پاولووچ، کيس هڪدم اَڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته، ”اوهان ٻـُـڌو صاحب! هيءُ منهنجي صحبت ۾ رهڻ نه ٿو گهـَـري، ته هـُـو هڪدم هليو آيو هو. پيٽر اليگزينڊرووچ توکي وڃڻ گهرجي. مان توکي منٿ ٿو ڪريان، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃ، ڇو ته توکي چڱي بـُـک لڳي آهي. مان ته انڪار ٿو ڪريان، پر توکي ڪرڻ نه گهرجي. مان گهر وڃي ماني کائيندس. مان پاڻ کي هت اوهان جهڙو ڪونه ٿو ڀانيان. پيٽراليگزينڊرووچ! وڃ. منهنجا مٺڙا مائٽ!“
”مان توجهڙي ذليل جو مائٽ!“
”مون اِهو، اِنڪري چيو ته جيئن توکي مـَـڃايان. ڇا تو هميشه منهنجي مائٽيءَ کان انڪار نه پئي ڪيو آهي؟ جيتوڻيڪ تون سچ پچ منهنجو مائٽ آهين. مان اِهو ديول جي ڪئلينڊر مان ثابت ڪري سگهان ٿو.
تون ايون! جيڪڏهن چاهين، ته ترسي پـَـؤ. مان گهوڙا تو لاءِ پوءِ موڪلي ڏيندس. اهو مناسب ۽ حـُـسن اخلاق آهي، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃين. پيٽراليگزينڊرووچ اُن گستاخيءَ لاءِ معافي وٺجو، جو اسان هت پيدا ڪئي آهي.“
”اِهو صحيح به آهي، ته تون گهر ٿو وڃين. تون ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڳالهائين؟“
”پيٽر اليگزينڊرووچ! اِهو جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، تنهن کان پوءِ مان ايئن ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ صاحبو! مون کي معاف ڪجو، مان آپي کان ٻاهر نڪري ويو هوس ۽ پريشان پڻ هوس. سچ پچ ته مان شرمسار آهيان. صاحبو! هڪڙي کي سڪندر مقدونيءَ جي دل آهي ۽ ٻئي کي ننڍڙي ڪتي جي. مان وري به شرمسار آهيان. اهڙي قيد مان نڪرڻ کان پوءِ، مان ڪيئن ٿو مانيءَ تي وڃي سگهان! خانقاه جي چٽڻي کي هـَـڙپ ڪري وڃان. مان شرمسار آهيان ۽ مجبور، مون کي معاف ڪجو!“
”بدمعاش کي رُڳو اِها ڄاڻ آهي ته ڪيئن اَسان کي دوکو ڏئي.“ موسيوف خيال ڪري رهيو هو، جو اَڃا تائين مسخريءَ جي اُن واپسيءَ کي بي اعتبار اکين سان ڏسي رهيو هو. هـُـن مـُـڙي ڏٺو. ڏٺائين ته موسيوف کيس ڏسي رهيو هو. هـُـن کي پري کان چميءَ جو اشارو ڏنائين.
”پوءِ تون راهب سپيرئر ڏي هلين ٿو؟“ موسيوف ايون کان پڇيو.
”ڇو مون کي ته ڪالهه خاص طرح سان دعوت ڏني وئي هئي.“
”بدنصيبي سان مان ته هن اَڻ وڻندڙ کاڌي تي مجبور ٿي هلان ٿو،“ موسيوف ساڳي بي رُخيءَ سان چيو. اِهو به خيال نه ڪيائين ته راهب اِهو سڀ ڪجهه ٻـُـڌي رهيو آهي. ”اسان کي هن گستاخيءَ جي لاءِ ضرور معافي وٺڻ گهرجي ۽ سمجهائڻ گهرجي، ته هن ۾ اسان جو ڪوبه قصور ڪونه آهي. تون ڇا ٿو چوين؟“
”خدا ڪري ته اِيئن ٿئي! هيءَ بي مزي ماني.“
هـُـو اڳتي وڌيا، راهب خاموشيءَ سان ٻـُـڌندو رهيو. رستي ۾ هـُـن فقط ايترو ڏٺو، ته جهنگ ۾ فادر سپيرئر سندس انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هن کي شايد اَڌ ڪلاڪ کان به وڌيڪ دير ٿي وئي هئي. هـُـن کي ڪوبه جواب نه مليو. موسيوف نفرت سان اِيون جي طرف نهاريو.
”ڏسو! مانيءَ لاءِ ٿو وڃان، گويا ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو.“ هـُـو سوچڻ لڳو. ”بي غيرت ڪرامازوف جو ضمير!“