ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب چوٿون: اليوشا - ٽيون پـُـٽ

اُن وقت هو ويهن سالن جو هو، سندس ڀاءُ ايون چوويهن ۾ هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ ستاويهن سالن کي پهچي چڪو هو. پهريائين پهريائين مان هن جوان بابت ايترو ٻڌائڻ لازمي سمجهان ٿو، ته هو ڪٽر مذهب پرست نه هو ۽ منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو معرفت جو صاحب به نه هو. مان هن بابت شروع ۾ ئي پنهنجي پوري راءِ ڏيڻ گهران ٿو. هو انسانيت سان پيار ڪندڙ هو ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هن پادريءَ جي حياتي پسند ٿي ڪئي. اهو ان ڪري به هو، جو هن اسان جي عظيم شخصيت زوسيما ۾ انسانيت جون اُهي سموريون خوبيون ڏٺيون هيون، جيڪي هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون ۽ هو دل جي گهراين سان کيس محبت ڪرڻ لڳو هو، پر ان هوندي به مان ايتري چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته ننڍپڻ کان ئي سندس رهت عجب جهڙي هئي. مان اڳ ۾ ئي ان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته هو جڏهن چئن سالن جو هو ته پنهنجي ماءُ کان محروم ٿي چڪو هو پر اُن هوندي به هوءَ کيس چٽيءَ ريت ياد هئي. هن جي شڪل شباهت، هن جو پيار ۽ شفقت، ڄڻ ته اڄ به هن جي اڳيان بيٺي آهي. اِهي يادگيريون، جيئن اڪثر ڏٺو ويو آهي، وساري نه ٿيون سگهجن. پوءِ کڻي اُهي ننڍپڻ جون ڇو نه هجن؟ اُهي ڪيتريون به معمولي ۽ ڌُنڌ ۾ ڇو نه هجن، پر اونداهيءَ ۾ به روشنيءَ جي ڪرڻن جيان روشن آهن يا ڪنهن وڏي تصوير جي ڦاٽل ٽڪري وانگر قائم - پوءِ ڇو نه اُن جي دلڪشي ۽ سونهن مٽجي وئي هجي. پر اهو سڀ ڪجهه هن جي لاءِ ساڳيوئي هو، کيس اها گرميءَ جي موسم جي هڪ شام اڃا تائين ياد هئي، جڏهن کليل دريءَ مان پوئين سج جا پاڇا اندر پئجي رهيا هئا ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ جو سايو، ڪنهن ديوتا جي شڪل ٺاهي رهيو هو. اُن وقت هن جي ماءُ، هـِـڏڪيون ڀريندي غشيءَ جي حالت ۾ دانهون ۽ گريه زاري ڪندي، کيس پنهنجي ٻانهن ۾ اهڙو ته کڻي ڀڪوڙيو هو، جو سندس دم ٿي گهٽيو. سندس لاءِ يسوع مسيح جي ماءُ کان دعائون ٿي گهريون ۽ ان جي مورت جي آڏو، کيس ايئن جهليائين، ڄڻ ته اُن جي حفاظت ۾ کيس سندس سپرد ڪري رهي آهي. مگر اوچتو ئي هن کي هن جي دائيءَ ڏسي ورتو ۽ ڇڪي کڻي پري ڪيائين. اُها تصوير کيس ياد هئي ۽ کانئس ماءُ جو ان وقت وارو چهرو به نه وسريو هو. اُن وقت، هن جي شڪل ڪيتري ڀوائتي ٿي لڳي پر تنهن هوندي به ڏاڍي خوبصورت ٿي لڳي، پر هو اُنهن يادگيرين جو مشڪل سان ڪنهن سان ذڪر ڪندو هو. هـُـو نه پنهنجي ننڍپڻ ۾ ۽ نه وري جوانيءَ ۾ ئي ڪو هٿ ڦاڙ هو. تمام ٿورو ڳالهائيندو هو. ان ڪري نه ته ڪو شرميلو هو يا ملنسار نه هو، بلڪه ان جي ابتڙ، سندس اندر ۾ ڪا اهڙي پيڙا هئي، جيڪا رڳو ساڻس ئي واسطو رکندڙ هئي. اهو درد، هن لاءِ ايترو ته اهم هو، جو ان ڪري، هن ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به، هـُـو انهن لاءِ ساده لوح ۽ بي رياءُ نه هو. ان جي باوجود، هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور هو. کيس اها پرواهه نه هئي، ته ماڻهو سندس لاءِ ڪهڙي راءِ قائم ڪندا ۽ نه وري هن ڪڏهن ٻين جي خنده زنيءَ ڏانهن ڌيان ٿي ڏنو. نه فقط ايترو، بلڪه هن ڪڏهن به ڪنهن تي حرف نه رکيو. هو سڀ ڪا ڳالهه، سواءِ ڪنهن حقارت جي قبول ڪري وٺندو هو، جيتوڻيڪ پوءِ کڻي ان تي ڪـُـرڪندو به هو. سندس هن هلت تي، ڪنهن کي به اچرج نه لڳندو هو ۽ ڪوبه کانئس خوف نه کائيندو هو. ويهن ورهين جي عمر ۾، هو جڏهن پيءُ جي گهر ۾ آيو، جيڪو گندگي ۽ غلاظت، عياشي ۽ بدڪاري جو اَڏو هو، تڏهن به سندس پاڪدامني ۽ پاڪيزگي قائم رهي ۽ خاموشيءَ سان وڃي هڪ ڪنڊ وسايائين ۽ ڪنهن به نفرت ۽ حقارت جو اظهار نه ڪيائين. هن جو پيءُ، جنهن جي ان وقت مجبوريءَ واري حالت هئي، هو نهايت جذباتي ۽ جهڳڙالو هو، سو جڏهن هن سان پهريون دفعو مليو، ته مٿس ڪو به ڀروسو ڪونه ڪيائين، بلڪه بي حيائيءَ سان پيش آيس. ”ڳالهائڻ ته اَٿس ئي ڪونه“، هو اَڪثر چوندو هو. ”پر سوچي گهڻو ٿو“. مگر ٻن هفتن کان پوءِ، ڳوڙهن ڀريل اکين سان کيس ڀاڪر پائي مليو ۽ پيار ڪرڻ لڳس. ايئن ڪندي، هـُـو ڏاڍي جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ ان وقت کيس ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ته کيس ساڻس بي حد محبت آهي، اهڙي جيڪا ان کان اڳ هن ڪنهن لاءِ به محسوس ڪانه ڪئي هئي.
ننڍپڻ کان ئي هو جڏهن به ۽ جنهن وٽ به ويندو هو، ته قرب ۽ پيار ئي لهندو هو. بيفيم پيٽروويچ پولينيوف، جيڪو سندس مربي هو، ان جي گهر ۾ جڏهن رهڻ لڳو ته گهر جا ڀاتي کيس ڀانئڻ لڳا ۽ انهن جي دلين ۾ ايترو ته پيهي ويو، جو هو کيس پنهنجو ئي ٻار سمجهڻ لڳا. هو ايتري ته ننڍڙي عمر ۾ وٽن اَچي رهيو هو، جو کيس ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪيئن ٻين جي همدردي ۽ شفقت حاصل ڪري سگهبي آهي. انڪري چئي سگهجي ٿو ته اِها سندس فطري خاصيت هئي، جو هو ٻين کي جلدي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. اسڪولي حياتيءَ ۾ به سندس اِهائي حالت هئي، جيتوڻيڪ هو انهن ڇوڪرن سان اَڪثر گڏ ڏسبو هو، جيڪي غير سنجيده ۽ بدڪار سمجهيا ويندا هئا، جن کي اسڪول جا شاگرد پسند ڪونه ڪندا هئا. هو هميشه خيالي دنيا ۾ رهندو هو ۽ تنهائي پسند هو. ننڍپڻ کان وٺي، هو ڪنهن ڪـُـنڊ ۾ وڃي ماٺڙيءَ سان، ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو، پر اُن هوندي به، هڪ ئي نظر سان ايئن لڳندو هو ته منجهس ڪابه رُکائي يا ترش روي ڪانه آهي، بلڪه ان جي برعڪس هو نهايت ئي وڻندڙ ۽ پسنديده عادتن وارو آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي اسڪولي دوستن ۾ پڏائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هو ڪڏهن به ڪنهن کان ڪين ڊڄندو هو ۽ ڇوڪرن به جـَـلد ئي ڄاڻي ورتو، ته هو پنهنجي بي ڊپائيءَ جي ڪري مغرور نه آهي، بلڪه اها سندس دليري ۽ مردانگي آهي. هـُـو پنهنجي بي عزتيءَ تي ڪڏهن به خفا ڪونه ٿيندو هو. اَڪثر هيئن ٿيندو هو، ته جيڪڏهن ڪو کيس تڪليف ڏيندو هو، ته هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ، پاڻ ئي ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو يا هن جي سوالن جا جواب اهڙيءَ ته صداقت ۽ صاف دليءَ سان ڏيندو هو، جو ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر اهو اِنڪري نه هو، ته هـُـو ڪو بنهه اُن ڳالهه کي وساري ڇڏيندو هو يا ان ذلالت کي بخشي ڇڏيندو هو. حقيقت ۾ هـُـو بي عزتيءَ کي ڪا اهميت ئي ڪانه ڏيندو هو. اهوئي سبب هو، جو هن پنهنجي هم عمر ڇوڪرن تي فتح پاتي هئي ۽ سندن دليون ڇڪي ورتيون هيون. منجهس اهائي خاص طرح ڪمزوري هئي، جنهنڪري سڀئي، هيٺئين ڪلاس کان وٺي مٿئين ڪلاس تائين، مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا. اها خاصيت سندس ناشائسته حد تائين، هٺ ڌرمي، پاڪ دامني، شرم ۽ حياءُ هئا. عورتن جي متعلق هو ڪنهن به گفتگو يا لفظن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، پر اسڪولي حياتيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ يا گفتا واهپي ۾ اَچڻ، جن کي پاڙؤن پٽڻ البت ڏکيو آهي. ڇوڪرا ڪيترا به دل جا صاف ۽ پاڪ ڇو نه هجن، مگر اُن هوندي به هو انهن ڳالهين ۽ تصويرن جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن، جن بابت جيڪر سولجر به ڳالهائڻ کان هڪ ڀيرو هٻڪن. نه فقط ايترو، مگر اسان جا ذهين شاگرد ۽ مٿئين درجي ۾ پڙهندڙ ٻار، پاڻ ۾ ايتري ته ڄاڻ پيدا ڪن ٿا، جنهن کان شايد اسان جا سولجر به غير واقف هجن. ظاهري طرح ته هن ۾ ڪابه اخلاقي گهٽتائي يا خرابي لڪل ڪانه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن، اها غير مهذب، رذالت ڀري، نفرت جهڙي حالت نقل ڪرڻ جي لائق سمجهي وڃي ٿي. اليوشا ڪرامازوف هن حالت کان گهٻرائجي ويندو هو ۽ پنهنجون ٻئي آڱريون کڻي ڪنن ۾ وجهندو هو. پر هن حالت مان کين وڌيڪ مزو ايندو هو ۽ سندس ٻئي آڱريون کڻي ڇـِـڪي پري ڪندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ وٺي ٻوڪ ڦاڙي، فحش لفظ چوڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. هو پاڻ کي، هنن کان بچائڻ خاطر گهڻي ڪوشش ڪندو هو ۽ وقتي ته هن ڇڪتاڻ ۾ پـَـٽ تي به ڪري پوندو هو. هن سڄي جهڳڙي ۾، هـُـو پنهنجي زبان مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندو هو. خاموشيءَ سان پنهنجي بي عزتي برداشت ڪري ويندو هو. آخرڪار ڇوڪرن کانئس تنگ ٿي، کيس اڪيلو ڇڏڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ طعني طور کيس ’ڇوڪري‘ سڏڻ لڳا. ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن، هـُـو سندس هن ڪمزوريءَ تي رحم به کائيندا هئا.
بيفيم پيٽرووچ جي موت وقت، اليوشا کي ڪسرت گاهه ۾، اَڃا ٻه سال ٻيا به رهڻا هئا، بيفيم جي دلگير ۽ غمگين بيواهه، مڙس جي وفات کان ستت ئي پوءِ، پنهنجي خاندان سميت، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس ڇوڪريون هيون، هڪ ڊگهي عرصي لاءِ اٽليءَ ڏانهن هلي وئي. اليوشا کي اهو گهر ڇڏڻو پيو. هو بيفيم جي هڪ اهڙي ڏورانهين مائٽ وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هـُـو ڪهڙن شرطن تي وٽس وڃي رهيو هو، تن جي کيس ڪابه خبر ڪانه هئي. هن ۾ اِها هڪ وڏي وِڏ هئي، جو هـُـو ڪڏهن به اها ڳڻتي نه ڪندو هو، ته هـُـو ڪنهن جي پيسن تي پلجي رهيو آهي. ان خيال کان هن ۾ ۽ هن جي وڏي ڀاءُ ايون ۾ اهو وڏو تفاوت هو. هـُـو يونيورسٽيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ پنهنجي مفلسيءَ سان لڙندو هو ۽ پنهنجي قوت گذران لاءِ هميشه پنهنجون ڪوششون جاري رکندو آيو. نه فقط ايترو، پر ننڍپڻ کان وٺي، هـُـو هن ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪندو هو، ته هـُـو ٻين جي پيسن تي پلجي رهيو آهي. اليوشا جي هن عيب کي، منهنجي خيال ۾ ايترو سختيءَ سان نه نندڻ گهرجي، ڇو ته جن کي سندس ٿوري ئي ڄاڻ هوندي ته اُهي چڱيءَ ريت ڄاڻندا هوندا ته هـُـو اُنهن مجذوبن مان هو، جن وٽ جيڪڏهن پيسو آهي، ته ٻين کي ڏيڻ ۾ ڪڏهن به نه هٻڪندا آهن، پوءِ کڻي اهو پيسو چڱي ڪم ۾ خرچ ٿئي يا ڪو بدمعاش کانئن چالاڪي ڪري ڦـُـري وڃي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته وٽس پيسي جي ڪا به قيمت ڪانه هئي. ايتري قدر جو هـُـو پنهنجي کيسي جا پيسا به انتهائي لاپرواهيءَ مان ٻين کي ڏيئي ڇڏيندو هو يا هفتن جا هفتا پيسا سندس کيسي ۾ پيا هوندا ۽ کيس اهو سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو، ته اِهي پيسا ڪـِـٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا وڃن؟
پوين سالن ۾ اليوشا جي هن حالت جي جڏهن پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف کي خبر پئي، جيڪو خود ڪنجوس طبع ۽ واپاري طبقي سان واسطو رکندڙ هو، تڏهن چئي ڏنائين ته، ”منهنجي خيال ۾ اِهو ئي دنيا ۾ اَڪيلو ماڻهو آهي، جنهن کي جيڪڏهن اوهان، ڪجهه به ڏيڻ کان سواءِ، ڪنهن اَجنبي ملڪ جي ماڻهن جي وچ ۾ ڇڏيو ته هـُـو نه ته ڪنهن کي نقصان پهچائيندو ۽ نه وري ڪو بک ۽ ٿڌ کان مري ويندو، بلڪه کيس هر ڪو خوشيءَ سان کارائيندو پياريندو ۽ پنهنجيءَ حفاظت ۾ رکندو، پر جيڪڏهن ِايئن نه به ٿئي تڏهن به هـُـو پنهنجي کاڌي ۽ رهڻ جي جاءِ پاڻهي ڳولهي لهندو. اِن ۾ هـُـو ڪا به گهٽتائي محسوس نه ڪندو. هن کي پناهه ڏيڻ ۾ ڪوبه بار نه آهي، پر پاڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ڪسرت گاهه ۾ هـُـن پنهنجي تعليم ختم ئي ڪانه ڪئي هئي ۽ کيس اَڃا هڪ سال وڌيڪ رهڻو هو، جو هن گهر جي عورتن کي ٻڌايو، ته هو ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي پيءُ سان ملڻ ٿو گهري. هنن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ بي دليءَ سان کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائون. مسافريءَ جو خرچ ڪو ايترو گهڻو نه هو، اِن ڪري هن نه ٿي چاهيو ته اُها واچ جيڪا کيس پنهنجي مهربان دوست کان ملي هئي، سا گروي رکي هنن فراخ دليءَ سان کيس سفر جو خرچ ڏنو ۽ نوان ڪپڙا پڻ ٺهرائي ڏنا پر هن اَڌ پيسا کين موٽائي ڏنا، ڇو ته هـُـن ٿرڊ ڪلاس ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو هو. ڳوٺ پهچڻ تي، هن پيءُ جي پهرئين سوال ته – ”هـُـو تعليم ختم ڪرڻ کان اڳ ڇو آيو آهي؟“، جو جواب ڪوبه نه ڏنو. جن کيس بروقت ڏٺو هو، تن جو چوڻ آهي ته هـُـو سدائين خيالن ۾ غرق رهندو هو، پر پوءِ جلد ئي پتو پيو، ته هـُـو پنهنجي ماءُ جي قبر ڏسڻ آيو آهي ۽ هـُـن پاڻ به اهو قبول ڪيو. پر رڳو اِهو سبب ٿي نه پئي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته کيس اِن ڳالهه جي ڄاڻ نه هجي، جنهن کي هـُـو آسانيءَ سان سمجهائي سگهي ته اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جيڪا سندس دل ۾ پيدا ٿي ۽ کيس اُن اَڻ واقف ۽ نئين رستي تي ڇـِـڪي آندو هو. فيودور پاولووچ کيس پنهنجيءَ ٻي زال جي قبر نه ڏيکاري سگهيو، ڇو ته ميت کي دفنائڻ کان پوءِ هـُـو سڀ ڪجهه وساري چـُـڪو هو.
فيودور پاولووچ ڪيتري عرصي کان اسان جي ڳوٺ ۾ ڪونه رهندو هو. زال جي مرڻ کان پوءِ، ستت ئي، هـُـو ڏکڻ رشيا ڏانهن هليو ويو هو ۽ اُتان آخرڪار اوڊيسا ڏانهن ويو، جتي ڳچ عرصي کان رهيو پيو هو. پنهنجن لفظن ۾ ٻڌايائين، ته هـُـن پنهنجي پهرئين واقفيت، اتان جي گهٽ درجي جي يهودين ۽ اُنهن جي زالن ۽ ٻارن سان پيدا ڪئي ۽ اُنهن سڀني سندس هڪ جهڙو آڌرڀاءُ ڪيو. ان ڳالهه ۾ البت شڪ پوي ٿو، ڇو ته اُن وقت هـُـن ۾ پيسن ڪمائڻ ۽ ميڙڻ جي عجيب ذهنيت پيدا ٿي هئي. اليوشا جي اَچڻ کان ٽي سال اڳ، هو اسان جي ڳوٺ موٽي آيو هو. جيتوڻيڪ عمر ۾ ايترو وڏو نه هو، پر اڳين واقفيتن کيس ڪافي ٻڍو بڻائي ڇڏيو هو. اِن کان سواءِ هو پنهنجو مانُ ۽ مرتبو به وڃائي چڪو هو ۽ سڀ ڪنهن سان نهايت بي حيائيءَ سان پيش ايندو هو. پراڻو بيوقوف، هاڻي وري ٻين کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ليڪو لنگهي ويو هو. عورت ذات سان سندس رغبت ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي، بلڪ ان هڪ اُگرو روپ اختيار ڪيو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هـُـن ضلعي ۾ ڪيترائي ساقي خانا کولي ڇڏيا هئا. ان مان ظاهر هو، ته وٽس رقم، هڪ لک روبل يا اُن کان ڪي قدر گهٽ هئي. اسان جي ڳوٺ ۽ ضلعي جا ڪيترائي ماڻهو سندس جلد ئي قرضي ٿي پيا ۽ کيس ڪيتريون ئي قيمتي ۽ اُملهه شيون اَمانت طور مليون. ٿوري ئي عرصي ۾ هن پاڻ کي پڏائڻ شروع ڪيو ۽ بي پرواهه بڻجي پيو. نه فقط ايترو، مگر هـُـو غير مطابقت ۽ ناموافقت جو ايڏو شڪار ٿي پيو جو هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ۾ ٽپي پوندو هو ۽ ايئن لڳندو هو، ڄڻ ته پاڻ کي بلڪل وِڃائي ويٺو آهي. نهايت فراوانيءَ سان شراب پيئڻ لڳو هو. جيڪڏهن سندس اُهو ساڳيو نوڪر گريگري، جيڪو هاڻي عمر رسيده ٿي چـُـڪو هو ۽ جيڪو سندس سارسنڀال لهندو هو، نه هجي ها ته هـُـو شايد ڳولهيو به نه لڀي ها. اِليوشا جي اَچڻ ڪري سندس اخلاق تي ڪافي اَثر پيو هو. فيودور پاولووچ، جيڪو وقت کان اڳي ٻـُـڍو ٿي چڪو هو، تنهن پنهنجي اندر ۾ ڪا شيءِ بيدار ٿيندي محسوس ڪئي، جيڪا عرصو ٿيو مري چڪي هئي.
”تون ڄاڻين ٿو“، هـُـو اَڪثر اليوشا جي منهن ۾ نهاريندي چوندو هو ته ”تون بلڪل اُن ديواني عورت جيان آهين“. اليوشا جي ماءُ کي به، هـُـو، اِنهيءَ ئي نالي سان سڏيندو هو.
گريگري، اليوشا کي ’ديواني عورت‘ جي قبر ڏيکاري. هـُـو اسان واري قبرستان ۾ کيس وٺي ويو ۽ الڳ ۽ جدا ڪنڊ ۾ هڪ قبر ڏي اشارو ڪيائين، جا معمولي پٿرن سان، مگر سهڻي نموني ٺهيل هئي. قبر جي مٿان هڪ ڪـَـتبو لڳل هو، جنهن تي مرهيات جو نالو، عمر ۽ مرڻ جي تاريخ اُڪريل هئي. اُن ڪتبي تي ڪي شعر به اُڪريل هئا، جيڪي اَڪثر پراڻي وضع جي ماڻهن جي قبرن تي نظر ايندا آهن. اليوشا کي هيءُ ٻڌي ڏاڍو عجب لڳو ته اهو سڀ ڪجهه گريگريءَ جو ڪم هو. گريگريءَ اِهو سمورو خرچ پنهنجي هـَـڙان ڪيو هو. گريگري، جڏهن فيودور پاولووچ کي قبر ٺهرائڻ لاءِ چئي چئي ٿڪجي پيو، تڏهن اُن جي ٺهرائڻ ۾ هٿ وڌائين. پنهنجي ماءُ جي قبر ڏسي اليوشا ڪنهن به جذبات جو اظهار نه ڪيو، هـُـو رڳو سنجيدگيءَ سان، گريگريءَ جي قبر ٺهرائڻ جي قصي کي ٻـُـڌندو رهيو. هـُـو ڪنڌ نوائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪجهه به چوڻ کان سواءِ هليو ويو. هيءُ ننڍڙو واقعو، فيودور پاولووچ تي اثر وجهڻ لاءِ ڪافي هو. هـُـن هڪ هزار روبل کنيا ۽ جلدي جلدي، خانقاهه ۾ وڃي فاتح لاءِ ڏنا. پر هن اِهي پيسا، اُن ديواني عورت لاءِ ڪونه ڏنا، بلڪ پهرئين زال ايڊيليڊيا لاءِ ڏنا، جنهن کي هو چڱيون مارون ڏيندو هو. ساڳي ڏينهن هن خوب شراب پيتو.
مان هن کان اڳ ٻـُـڌائي چـُـڪو آهيان، ته هـُـو آهستي آهستي ٻـُـڍو ٿي رهيو هو. سندس صورت ۽ شڪل، ان وقت اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا ته هـُـن ڪهڙي قسم جي حياتي گذاري هئي. سندس ڳچيءَ هيٺان وڏو ماس جو ٽڪر لـَـڙڪي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ هميشه شرارت، بدظني ۽ طنز ڀريل هوندي هئي. سندس لڙڪيل ماس جي ٽڪري ۾ نه فقط ڪيترائي گهنج پئجي ويا هئا، بلڪه اُن سندس شڪل کي ڪافي قبيح ۽ نفرت جهڙو ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو. سندس رَت ڀريل وات، جنهن مٿان ٿلها ۽ ڳورا چـَـپَ هميشه لڙڪيا پيا هوندا هئا. اُنهن مان ڪرندڙ ڪارن ڏندن جون مهارون صاف نظر اينديون هيون. هو جڏهن به ڳالهائيندو هو، ته شرابين وانگر مڇرجي ڳالهائيندو هو. هو جڏهن پنهنجي شڪل کي، عجيب صورت ڏيندو هو، ته کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. جيتوڻيڪ پـَـڪ اَٿم ته هـُـو اُن مان خود به گهڻو راضي ڪونه هوندو هو. هـُـو هميشه پنهنجي نـَـڪ ڏانهن اشارو ڪندو هو، جيڪو گهڻو وڏو ته ڪونه هو، پر نازڪ ۽ عقاب جي چهنب جيان مڙيل هوندو هوس. هو فخر سان چوندو هو، ته هيءُ منهنجو رومي نـَـڪ آهي ۽ منهنجي شڪل ۽ شباهت، بلڪل قديم زماني جي رومي شهنشاهن وانگر آهي ۽ هو اِن حال ۾ سدائين مست هوندو هو.
اِليوشا، ماءُ جي قبر کان موٽڻ بعد جلد ئي ظاهر ڪيو، ته هو خانقاهه ۾ داخل ٿيڻ گهري ٿو ۽ پادري خوشيءَ سان کيس پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا. هن ٻڌايو ته اها منهنجي پراڻي خواهش آهي ۽ عام رواجي طرح، هن پيءُ کان، اُن جي اجازت وٺڻ گهري. ٻڍي يڪدم سمجهي ورتو ته پادري زوسيما، جيڪو خانقاهه جي هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو، تنهن ضرور هن معصوم ٻارڙي تي ڪو اَثر وڌو آهي.

”مون کي ڄاڻ آهي ته هـُـو سڀني پادرين ۾ نيڪ طبع آهي“، هن پنهنجي پـُـٽ جي عجيب عرض کي غور سان ٻڌي راءِ ڏني. ”هون، ته پوءِ اِهائي جڳهه آهي، جيڏانهن تون وڃڻ ٿو گهرين؟“
هـُـو اڌ خماريل هو، پر يڪدم پنهنجا ڏند ڀڪوڙي، هڪ اهڙيءَ نظر سان ڏٺائين، جنهن ۾ رڳو مڪاري ۽ عياري هئي. ”هاڻ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته تون اهڙيءَ ريت پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيندين. توکي ڀلا يقين آهي ته تون پاڻ کي اُن لاءِ تيار ڪري رهيو آهين. تو وٽ ٻه هزار آهن ۽ اِهو ئي تنهنجو سمورو سرمايو آهي. پر منهنجا پيارا، آءٌ توکي ڪونه ڇڏيندس ۽ توکي سڀ ڪجهه ڏيندو رهندس، جنهن جي به توکي اُتي ضرورت پوندي. پر جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ جي گهر نه ڪن ته پوءِ اسان اُن جو ذڪر ئي ڇو ڪريون؟ ان بابت تون ڇا ٿو چوين؟ تون ته پکين وانگر فقط چـُـڳندو آهين - فقط ٻه داڻا هفتي ۾. توکي خبر آهي، ته خانقاهه جي نزديڪ،ڳوٺ جي ڀرسان، هڪ اهڙي به جاءِ آهي، جنهن جي ٻار ٻار کي خبر آهي، ته اُتي اهڙيون عورتون رهنديون آهن، جن کي ’مجاورن جون زالون‘ ڪري سڏيندا آهن. منهنجي خيال ۾ اُهي ٽيهارو کن ٿينديون. آءٌ پاڻ اُتي ويو آهيان. اِها به هڪ تفريح آهي. پر ڏک جي ڳالهه آهي ته اِهي سڀ عورتون رشيا جون آهن ۽ ڪابه فرانس جي ڪانه آهي. اُهي ماڻهو آسانيءَ سان کين هـَـٿ ڪري سگهن ٿا، جن وٽ پيسو آهي، باقي ٻي ته ڪابه اُتي ورونهن ڪانه آهي. مون کي خبر آهي، ته هـُـو بلڪل نيڪ ۽ عبادت گذار آهن. هـُـون! سو تون مجاور ٿيڻ گهرين ٿو ته توکي وڃائي، مون کي جيڪو ارمان ٿيندو، اُن جو تون شايد اندازو لڳائي نه سگهين. مون کي تنهنجي لاءِ ڏاڍي سـِـڪ پيدا ٿي پئي آهي. خير اِهو چڱو موقعو آهي ۽ اسان جي گناهن لاءِ دعائون گـُـهرجان“. مون ڏاڍا بڇڙا ڪم ڪيا آهن. مون کي هميشه اِها ڳڻتي رهندي آهي ته دنيا ۾ ڪو اِهڙو ماڻهو هجي، جو منهنجي بخشش لاءِ دعائون گهري. منهنجا مٺڙا، مان زندگيءَ ۾ ڏاڍو احمق ٿي رهيو آهيان، پر اُن بابت وقت بوقت سوچيندو به رهيو آهيان. سوچيندو رهيو آهيان، پوءِ هميشه نه به کڻي. اِهو مشڪل آهي، جو مرڻ کان پوءِ مان شيطان کي وساري ويهان ۽ هـُـو پيرن ۾ ڪـَـڙيون وجهي، مون کي هيٺ نه گهلي وڃن. ڪـَـڙيون! پر هـُـو آڻيندا ڪٿان؟ ڇا جون هونديون؟ لوهه جون ڪڙيون؟ پـَـر اُتي لوهار ايندا ڪٿان؟ کين اُتي ڪا بٺي آهي ڇا؟ مجاورن جو عقيدو آهي ته اُتي هڪ ڇـَـت به آهي. مون کي جهنم هينئر ڏاڍو وڻي ٿو، پر ڇـَـت ضرور هئڻ گهرجي، اها جهنم کي وڌيڪ حسين بڻائيندي، روشن ۽ وڻندڙ ڪري ڇڏيندي، پر به اُن مان فائدو ڪهڙو، جي اُن کي ڇت کڻي نه به هجي؟ پر توکي خبر آهي ته اُن ۾ هڪ لعنتيءَ جو سوال آهي. اُتي جي ڇت نه هوندي ته پوءِ ڪـَـڙيون به نه هونديون. جيڪڏهن، اِهي شيون جهنم ۾ نه هونديون ته پوءِ ڪير مون کي ڪڙين سان جهنم ڏي وٺي ويندو؟ پوءِ چئبو ته انصاف وري ڇا جو ٿيندو ...؟ اِهي ڪڙيون، فقط مون لاءِ ئي هونديون. اليوشا توکي جيڪر خبر پوي، ته مان ڪيترو نه گناهن ۾ غرق آهيان.“
”اُتي ڪـَـڙي ٻـَـڙي ته ڪانه آهي“، اليوشا پنهنجي پيءُ جي منهن ۾ سنجيدگيءَ ۽ معصوميت سان نهاريو.
”جيءُ جيءُ، ته پوءِ ڪـَـڙين جا رُڳو پاڇا ئي هوندا. مان ڄاڻان ٿو ۽ مون کي خبر آهي. هڪ فرينچ به جهنم جي اهڙي ئي تعريف ڪئي آهي، پر مـِـٺڙا توکي ڪهڙي خبر ته اُتي ڪـَـڙيون ڪونه آهن؟ تون جڏهن مجاورن سان گذاريندين ته پوءِ راڳڻي ئي ٻي آلاپيندين، تون وڃ، حقيقت کان واقف ٿيءُ ۽ پوءِ اَچي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا آهي؟ بهرحال ٻئي جهان وڃڻ آسان آهي، جيڪڏهن خبر پوي ته اُتي ڇا آهي؟ هن کان سواءِ به، مون کي تنهنجو اُتي وڃڻ وڌيڪ پسند آهي، ڇو ته مان ٻـُـڍو شرابي آهيان ۽ مون کي هميشه ڪنهن جوان عورت جي صحبت وڻندي آهي. پر تون ته فرشتو آهين. تو کي ته ڪابه شيءِ ڇـُـهي نه ٿي سگهي. مون کي هيءَ به پـَـڪَ آهي ته اُتي به توکي ڪا شيءِ داغ لڳائي نه سگهندي. اِهوئي سبب آهي، جو مان توکي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو. تون سڀني ترڪيبن منجهان واقف آهين. تون اُتي پاڻ کي ڏکن جي باهه ۾ جلائيندين ۽ پوءِ ئي مون وٽ نـِـجو سون ٿي ايندين. مان تنهنجو انتظارڪندس. مان سمجهان ٿو ته تون ئي اَڪيلو آهين، جنهن مون تي لعنت ۽ ملامت ڪانه ڪئي آهي. مٺڙا پـُـٽ - مان اُن کي چڱيءَ ريت محسوس ڪريان ٿو ۽ محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.“
هن کان پوءِ، هـُـو روئڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. هـُـو جذباتي هو، چالاڪ ۽ جذباتي.