باب ستون: کليل فضا ۾
”مون کي پڻ اوهان سان ڪنهن اهم ڳالهه تي ڳالهائڻو آهي.“ اليوشا کيس چيو، ”مگر خبر نه ٿي پئي ته مان اُن کي ڪهڙيءَ ريت شروع ڪريان!؟“
”مون کي يقين آهي ته اوهان جو مون ۾ ڪو ڪم آهي. ڪنهن به مطلب کان سواءِ، تون ڪڏهن به مون ڏي نه نهارين ها. اِهو اعتبار ۾ ئي نه ٿو اَچي ته تون ڪو فقط ٻار جي دانهن کڻي مون وٽ آيو آهين. پر ٻار جي متعلق مان توکي اُتي ڪجهه به سمجهائي نه ٿي سگهيس. هتي مان اُن سڄي منظر کي بيان ڪري سگهندس. منهنجي ٻـُـچي ڏاڙهيءَ، هفتو کن اڳي چڱي گهاٽي هئي. گهڻو ڪري اسڪول جي ٻارن منهنجي ڏاڙهي کي اِهو لقب ڏنو آهي. تنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورووچ، منهنجي ڏاڙهيءَ کي ڇڪيو، هـُـو سخت غصي ۾ مون تي حملو ڪري آيو. هـُـو مون کي قهوه خاني مان ڇڪي، مارڪيٽ جي چؤنڪ ۾ گـِـهلي آيو، عين اُن وقت اسڪول جا ڇوڪرا ٿي آيا. اُنهن ۾ ائلشيا به هو. جيئن ئي منهنجي ويجهو آيو، مون کي ڳراٽڙيون پائي، ڪوشش ڪيائين ته مون کي ڇڏائي. هن حملي آور کي رڙيون ڪري چيو، ته هيءُ منهنجو پيءُ آهي، هن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي. هن کي معاف ڪر. هـُـن سچ پچ رڙيون ڪري ٿي چيو ته معاف ڪر. هـُـو سندس هٿ کي چنبڙي پيو، ساڳي هٿ کي، جنهن سان هن مون کي جهليو هو. اُن کي هـُـن پنهنجن ننڍڙن هٿن سان چميو.... سندس، اُن وقت جو ڏکايل چهرو مون کي ياد آهي. مان اُن کي نه وساريو آهي نه وري اُن کي وساري سگهندس.“
”مان قسم کڻي ٿو چوان،“ اليوشا رڙ ڪري چيو ته، “ منهنجو ڀاءُ، نهايت گهرائيءَ مان ۽ پوري خلوص سان، اُن تي افسوس جو اظهار ڪندو. توڙي جو کيس مارڪيٽ جي چؤنڪ ۾ گوڏن ڀـَـر ٿيڻو پوي.... مان اِيئن ڪرڻ لاءِ کيس چوندس ۽ ٻيءَ حالت ۾ هـُـو منهنجو ڀاءُ ئي نه رهندو!“
”مطلب ته اِها فقط تجويز آهي! اِها هـُـن جي طرف کان نه آهي، پر تنهنجي محبت واري دل جي طرف کان مهرباني آهي. تون اِيئن اڳ ۾ ٻڌائين ها. اِهڙيءَ حالت ۾ مون کي اِجازت ڏي، ته مان تنهنجـي ڀاءُ جـي اُن ڏينـهـن جـي، سـورهـيـائپ ۽ فوجــيپاڪبازيءَ کي پڏايان. هـُـن منهنجي ڏاڙهيءَ کان وٺي ڇڪڻ کي ڇڏي ڏنو ۽ مون کي آزاد ڪيو. ”تون هڪ آفيسر آهين ۽ مان به هڪ آفيسر آهيان. توکي جيڪڏهن ڪو ٻيو بهتر ماڻهو هٿ اَچي، ته مون ڏي مقابلي جي لاءِ دعوت ڏياري موڪل. جيتوڻيڪ تون بدمعاش آهين پر مان توکي اِها تسلي ڏيان ٿو.“
هن جو ڪجهه چيو، سچ پچ، اُن مان سندس سورهيائپ وارو رويو ظاهر پئي ٿيو. مان ائلشيا سان گڏجي موٽيس. هيءُ منظر اسان جي خاندان جي تاريخ ۾ رهجي ويو ۽ ائلشيا جي دل تي هميشه لاءِ نقش بڻجي ويو. نه، اِهو اسان لاءِ نه آهي ته اسان اَمير ماڻهن جي حقن جهڙا دعويدار بڻجون. تون پاڻ انصاف ڪر. تون هاڻي اسان جي گهر مان ٿي آيو آهين، تو اُتي ڇا ڏٺو؟ ٽي زالون، هڪ اڌرنگي ۽ ضعيف دل واري، ٻي ڪـُـٻي ۽ اڌرنگي، ٽئين اڌرنگي ته نه آهي، پر گهڻي چالاڪ. هوءَ طالب علم آهي ۽ چاهي ته سينٽ پيٽرسبرگ وڃي، نيوا جي ساحل تي، روسي عورتن جي حقن جي آزاديءَ لاءِ وڃي ڪم ڪري. مان ائلشيا لاءِ ڪجهه نه چوندس. هـُـو اَڃا نون ورهين جو آهي. مان دنيا ۾ تنها آهيان. مان جيڪڏهن مري پوان ته هنن سڀني جو ڇا ٿيندو؟ مان فقط توکان اِهو پڇان ٿو. مان کيس مقابلي جي دعوت به ڏيان، پر جيڪڏهن هـُـو مون کي ماري وجهي ته پوءِ ڇا؟ هنن جو ڇا ٿيندو؟ اَڃا به بدترين هي آهي، ته هـُـو مون کي جيڪڏهن منڊو ٽنڊو ڪري وجهي، ته مان ڪو به ڪم ڪري نه سگهندس. منهنجو کارائڻ به وڃي ٻين تي پوندو. ڪير مون کي ۽ هنن سڀني کي کارائيندو! پوءِ مون کي اِيئن ڪرڻو پوندو ته ائلشيا کي ڪڍي، کيس در در پنڻ لاءِ موڪلي ڏيان. اهي ڳالهيون آهن، جي مون کي ساڻس دوبدو ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اِها هڪ بيوقوفيءَ جي ڳالهه ٿيندي ۽ ٻيو ڪجهه به نه.“
”هـُـو توکان معافي وٺندو. هـُـو مارڪيٽ جي چؤنڪ وٽ تنهنجي پيرن ۾ ڪرندو.“ اليوشا وري به کيس چمڪندڙ اکين سان نهاريندي چيو.
”مان مٿس مقدمي ڪرڻ لاءِ خيال ڪيو“. ڪئپٽن ڳالهائيندو رَهيو. “ پر تون اسان جي قانون جي ڪتاب ۾ ڏس. مان پنهنجي شخصي زخمن لاءِ عيوض وٺي سگهان ٿو؟ اُن کانسواءِ اگريفينيا اليگزينڊر روينا مون کي گهرائي ورتو ۽ مون کي دڙڪو ڏيئي چيائين ته هـُـن ڳالهه جي خواب لهڻ جي به ڪوشش نه ڪر. جيڪڏهن تو، هن جي لاءِ ڪو به قدم کنيو ته مان اخبارن ۾ هيءَ ڳالهه شايع ڪرائي، دنيا کي ٻڌائينديس ته هن توکي، تنهنجي بدديانتيءَ جي سبب کان ماريو آهي ۽ پوءِ تون اُن ۾ قابو ٿي ويندين.“ مان خدا کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته بدديانتي ڪنهن جي هئي ۽ مان ڪنهن جي حڪم جي تعميل ٿي ڪئي. ڇا اِهو هن جو پنهنجو ۽ فيودورووچ جو چوڻ نه هو؟ اَڃا هن کان به وڌيڪ هوءَ چوندي رَهي ته ”مان توکي گهر مان ڪڍي ڇڏينديس ۽ پوءِ هڪ ڪوڏيءَ جي به مون ۾ اُميد نه رک. مان پنهنجي سوداگر کي به چونديس ته (هوءَ اِيئن ئي هن پوڙهي کي سڏيندي آهي) توکي ملازمت مان ڪڍي ڇڏي.“ جيڪڏهن هـُـو مون کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏي ته مان پوءِ ڪٿان ڪمائي سگهندس؟ اِهي ئي ٻه آهن، جن جي مون کي ڪاڻ ڪڍڻي ٿي پوي. فقط ملازمت جي ڪري نه، پر ٻيو سبب هيءُ آهي ته فيودورووچ، مون کان اِهڙا ڪاغذ به صحيح ڪرايا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ هـُـو مون تي مقدمو ڪري سگهي ٿو. اِنهيءَ ڪري ئي مان خاموش ٿي ويو آهيان. تو منهنجي هيءَ شڪست ڏٺي آهي. هاڻي مان توکان پڇڻ گهران ٿو ته ائلشيا توکي تنهنجي آڱر جي باعث گهڻي ته تڪليف نه پهچائي آهي؟ مان اِيئن نه ٿي چاهيو ته پنهنجي گهر ۾، اُن بابت اوهان کان ڪجهه پڇان.“
جيڪو گذريو آهي، اوهان اُن کي ڏسو ٿا، هو وڏي جوش ۾ هو. هـُـو تنهنجو انتقام، مون کان، ڪرامازوف سمجهي وٺي رهيو هو. مان هاڻي اِيئن سمجهان ٿو. پر جيڪڏهن تون ڏسين ته ڪيئن هـُـو پنهنجي اسڪول جي ڇوڪرن تي پٿر اُڇلائي رهيو هو، اِهو نهايت خطرناڪ هو. هو شايد کيس ماري وجهن ها. هـُـو ٻار آهن ۽ بيوقوف! هڪ ڦٽي ڪيل پٿر، ڪنهن جو مٿو ڦاڙي ٿي سگهيو.“
”هان، اِهو ئي اڄ ٿي گذريو آهي. هڪ پٿر کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي. اُهو کيس مٿي ۾ نه لڳو آهي، پر دل کان ٿورو مٿڀرو سيني ۾. هـُـو گهر ۾ دانهون ڪندو ۽ ڪنجهندو آيو ۽ هاڻي بيمار آهي.“
”توکي ڄاڻڻ کپي ته هن ئي پهريائين حملو ڪيو هو. تنهنجي احوال موجب کيس سخت تڪليف پهتي آهي. اسڪول جي ڇوڪرن مون کي ٻڌايو هو ته هن ڪراسٽوڪن نالي ڇوڪري کي قلم گهڙڻ وارو چاڪو هنيو هو.“
”مان اِهو به ٻڌو آهي. اِها ڳالهه خطرناڪ آهي. ڪراسٽوڪن هتي آفيسر آهي ۽ اسان کي، اُن جي لاءِ به ڪجهه ڏسڻو پوندو.“
”مان توکي صلاح ڏيندس، اليوشا گرم جوشيءَ مان چيو ”ته جيستائين سندس جوش ڍرو ٿئي، اسڪول ۾ کيس نه موڪل.... جڏهن سندس غصو لهي وڃي ته پوءِ ڀلي.“
”ڪاوڙ!“ ڪئپٽن ورائي چيو، ”اُها اِيئن ئي رهندي، جيئن اَٿس. جيتوڻيڪ هـُـو ننڍو ٻار آهي، پر سندس غصو وڏي جوش وارو آهي. سائين توکي اِها خبر نه آهي. مان توکي اَڃا ڪجهه وڌيڪ ٻڌائيندس. هـُـن واقعي کان پوءِ، ٻار کيس ٻـُـچي ٻـُـچي چئي چيڙائيندا رهيا آهن. اسڪول جا ڇوڪرا، هڪ بي رحم قوم آهن. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انفرادي طرح فرشتا آهن، پر جڏهن اسڪول ۾ گڏجن ٿا، اُهي اَڪثر بي رحم بڻجي وڃن ٿا. اُنهن جي چيڙائڻ، ائلشيا جي بهادر روح کي تحرڪ ۾ آندو آهي. هڪ رواجي ڇوڪرو ۽ ڪمزور پٽ ته تابعدار بڻجي وڃي ها ۽ پنهنجي پيءُ جي ڪري شرمندو بڻجي وڃي ها پر هـُـو پنهنجي پيءُ جي بچاءَ ۾، سڀ جو مخالف ٿي بيٺو. ڇاڪاڻ ته جڏهن هن تنهنجي ڀاءُ جي هٿ کي چمي ڏئي چيو هو ته، ”منهنجي پيءُ کي معاف ڪر، هن کي معاف ڪر“. تڏهن هن گهڻو سـَـٺو هو. اِهو ته خدا ڄاڻي اسان جا ٻار - اوهان جا ٻار نه پر اسان جا ٻار، يعني غريب ماڻهن جا ٻار. اُنهن کي هر ڪو نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي. ڇو نه نون ورهين جو ٻار هجي سائين. پر انصاف جي تقاضا ڇا آهي؟ اُن کي شاهوڪار ڄاڻي به سگهندو؟ هـُـو پنهنجي حياتيءَ ۾، هڪ دفعو به اِنهن گهراين ۾ وڃي نه ٿا سگهن. پر اُن گهڙيءَ ۾ چؤنڪ وٽ، جڏهن هن سندس هٿ کي چميو هو، منهنجي ائلشيا اُهو سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو، جنهن کي انصاف چاهي ٿو. اِها صداقت، وٽس لنگهي آئي آهي، ۽ هن کي هميشه لاءِ پائمال ڪري ڇڏيو اَٿس.“ ڪئپٽن وري گرم ٿي جنوني انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. هن پنهنجي سڄي مـُـٺ ڀيڪوڙي کٻي هٿ تي هنئين، ڄڻ هن ڏيکارڻ ٿي گهريو ته ڪهڙيءَ ريت صداقت ائلشيا کي پائمال ڪيو آهي.
”اُن ساڳي ڏينهن هـُـو بيمار ٿي پيو. کيس تپ ظاهر ٿي پيو ۽ سڄي رات وڦلندو رهيو. اُن سڄي ڏينهن ۾ هن مون سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. پر مان ڏٺو ٿي، ته هـُـو مون کي دريءَ جي ڪنڊ مان جاچيندو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ هـُـو دريءَ جي طرف ڦري ويو ۽ اِيئن ڍونگ ڪري رهيو هو، ڄڻ ته سبق پڙهي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ سندس دل پڙهڻ ۾ نه ٿي لڳي. ٻي ڏينهن مان ان غم کي وسارڻ لاءِ شراب پيتو. مان گنهگار ماڻهو ته آهيان، مون کي پوءِ ڪجهه به ياد نه رهيو. سندس ماءُ به روئڻ لڳي. هوءَ مون کي بيحد پياري آهي. خير، مان سمورن پيسن جو شراب پي، پنهنجو غم غلط ڪندو رَهيس. مون کي هن لاءِ طعنو نه ڏي سائين. رشيا ۾ جو ماڻهو شراب پيئندو آهي، اُن کي بهتر سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ جي بهترين ماڻهو آهن، اُهي وڏا شرابي آهن. مان سمهي پيس ۽ مون کي ائلشيا جي بابت ڪا به خبر نه رَهي. جيتوڻيڪ اسڪول ۾ ڇوڪرا کيس چيڙائيندا رهيا. ٻـُـچي ڏاڙهي. "تنهنجي پيءُ کي قهوه خاني ۾ ٻچي ڏاڙهيءَ کان وٺي ڇڪيو ۽ گهليو ويو هو ۽ تو ڊُڪي ۽ معافي لاءِ ٿي ليلايو؟
”ٽئين ڏينهن جڏهن هـُـو اسڪول کان آيو ته اداس ۽ غمگين ٿي ڏٺو. مان کانئس پڇيو ته ڇو ڀلا؟ هـُـن ڪو به جواب نه ڏنو. خير اسان جي گهر ۾ ڪو به ڳالهائڻ نه هوندو آهي پر جڏهن منهنجي زال ڳالهائيندي آهي، ته اُن ۾ ڇوڪريون به حصو وٺنديون آهن. جو ڪجهه گذري چـُـڪو هو، اُن کي اُنهيءَ ئي ڏينهن منهنجون نينگريون ٻـُـڌي چـُــڪيون هيون. وارن واري غصي مان بڙ بڙ ڪرڻ لڳي ته، ” اوهان بيوقوفن ۽ مسخرن، ڪڏهن ڪو ڪم عقلمنديءَ سان به ڪيو آهي؟ “ مان کيس جواب ڏنو ته تون صحيح ٿي چوين. اسان ڪڏهن ڪو ڪم عقلمندي سان ڪري به سگهون ٿا؟ ڪجهه وقت لاءِ مون کيس اِهڙيءَ ريت ٽاري ڇڏيو. شام جو مان ٻار کي وٺي گهمڻ لاءِ نڪتس. هر شام جو اسان گهمڻ لاءِ نڪرندا آهيون. هن ساڳي رستي تي، جتي هاڻي اَسان هلي رهيا آهيون. پنهنجي گهر جي دروازي کان وٺي، هن پٿر تائين، جتي ڪاٺيءَ جو جهنگلو لڳل آهي ۽ جتان شهر جو چراگاهه شروع ٿئي ٿو. هيءُ نهايت شاندار ۽ سـُـڪون وارو حصو آهي. ائلشيا ۽ مان دستور موجب هٿ ۾ هٿ ڏئي، گهمندا رهياسين. هن جا ننڍڙا هـَـٿَ آهن ۽ سندس آڱريون سنهيون ۽ ٿڌيون هيون. تون ڄاڻين ٿو ته هـُـن کي سيني ۾ سور هو. هـُـن مون کي چيو، ”بابا، بابا“. مان کيس چيو ته خير ته آهي؟ مان ڏٺو ته سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ هن وري چيو ته ”بابا، هـُـو توهان سان ڪيڏو نه بـُـرو هليو آهي!“ مان کيس چيو ته ائلشيا، ان لاءِ ڪجهه به ڪـَـري نه ٿو سگهجي.
”بابا، هن کي معاف نه ڪج. هن کي معاف نه ڪج! اسڪول ۾ هـُـو چون ٿا، ته هـُـن بيعزتيءَ جي لاءِ اوهان کي ڏهه روبل ڏنا ويا آهن.“ مان کيس چيو ته نه ائلشيا، مان هن کان عيوض ۾ ڪجهه به نه وٺندس. هـُـو اُن وقت ڏڪڻ لڳو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ وٺي وري چـُـمڻ لڳو. ” بابا“ هن چيو ته، ”هن کي مقابلي جي دعوت ڏيو، اسڪول ۾ هـُـو چون ٿا ته تون بي همٿ آهين ۽ هن کي مقابلي جي دعوت نه ڏيندين ۽ تو، کانئس ڏهه روبل ورتا آهن. “ مان کيس چيو ته ائلشيا، مان هن کي مقابلي جي دعوت نه ٿو ڏئي سگهان. اُن کان پوءِ مون کيس اُهو سڀ ڪجهه سمجهايو، جو هاڻي توکي ٻڌايو اٿم. هن ڌيان ڏئي ٻڌو ۽ چوڻ لڳو ته نه ڇا به هجي پر هن کي معاف نه ڪجو. مان جڏهن وڏو ٿيندس ته کيس مقابلي جي دعوت ڏيندس ۽ اُن کي ماري ڇڏيندس. ”هن جون اکيون غصي ۾ لال ٿي ويون. جيئن ته مان سندس پيءُ آهيان، مان کيس ٿورا لفظ چوڻ مناسب سمجهيا. ڪنهن کي مارڻ گناهه آهي، پوءِ ڇو نه دوبدو مقابلو هجي. “ بابا ”هن چيو “ مان جڏهن وڏو ٿيندس ته هن کي زمين تي ڪيرائيندس ۽ سندس هٿن مان ترار کسي وٺندس. مان هن جي مٿان چڙهي ويهندس ۽ پنهنجي تلوار مٿانئس رکي چوندو مانس ته مان توکي قتل ڪري سگهان ٿو، پر توکي معاف ڪريان ٿو! ان مان توکي خبر پوندي ته اُنهن ٻن ڏينهن ۾، هن ننڍڙي ٻار جي دل تي ڇاڇا نه پئي گذريو آهي. هـُـو سڄو ڏينهن انتقام بابت سوچيندو ٿي رَهيو ۽ رات جو اُن جا خواب ٿي ڏسندو رهيو.
پر هـُـو اسڪول مان وڏي مار کائي آيو آهي. اِها مون کي ڪالهه خبر پئي آهي ۽ اوهان صحيح آهيو. مان کيس اِنهيءَ اسڪول ۾ وڌيڪ وقت لاءِ نه موڪليندس. مان اِهو به ٻـُـڌو آهي ته هـُـو سڀني ڇوڪرن جي مقابلي ۾ اڪيلو هو ۽ سندس دِل، پوري طاقت سان سندن مقابلي لاءِ راضي هئي. منهنجي دل خوف سان ڀرجي وئي آهي. اَسان اڳتي گهمندا وياسون. هـُـن مون کان پڇيو ته ”بابا، ڇا دولتمند ماڻهو، زمين تي سڀ کان طاقتور ٿين ٿا؟“ مان کيس چيو ته هائو ائلشيا، زمين تي دولتمند ماڻهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به طاقتور ٿي نه ٿو سگهي. هن چيو ”بابا مان شاهوڪار ٿيندس. آفيسر بڻجي ويندس ۽ سڀني تي سوڀ حاصل ڪندس. زار مون کي انعام ڏيندو ۽ اُن کان پوءِ ڪنهن کي به طاقت نه ٿيندي....“ هـُـو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ سندس چـَـپ ڏڪڻ لڳا. هن وري چيو ”بابا هي ڪيڏو نه خطرناڪ شهر آهي.“ مان چيومانس، هائو پٽ! هيءُ ڪو چڱو شهر نه آهي. ”تڏهن ته بابا اسان کي لڏي، ڪنهن چڱي شهر ۾ وڃڻ کپي.“ هن چيو: ”جيئن اسان کي اُتي ڪو به نه سڃاڻي.“ هائو اسان هتان لڏينداسون، مان چيومانس پر اُن لاءِ ڪجهه پيسو بچائي وٺان. مان خوش هوس، جو سندس، دل کي غمگين خيالن مان ڦيرائي ورتم. اُن کان پوءِ اسان خواب لهڻ لڳاسون ته ڪهڙيءَ ريت ٻي شهر ڏي لڏي هلنداسون ۽ اُن جي لاءِ ڪيئن اسان هڪ ٽانگو خريد ڪنداسون. مان کيس ٻڌايو ته تنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي ٽانگي ۾ اندر ويهارينداسون ۽ اسان ٻئي پنڌ ڪندا هلنداسون. ڪڏهن ڪڏهن توکي به اُنهن سان گڏ ويهاري ڇڏيندس پر مان پنڌ ڪندو ئي هلندس. ڇاڪاڻ ته اَسان کي گهوڙي جي خبرداري ڪرڻي پوندي. سڀئي ته اُن تي سواري نه ڪري سگهنداسون. اِهڙيءَ ريت اسان کي هلڻو پوندو. هن گفتگوءَ کان هـُـو بيحد مسرور ٿي ويو. خاص ڪري هـُـو گهوڙي ۽ اُن جي سواريءَ جي خيال کان خوش ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هڪ روسي ٻار هميشھ گهوڙن جي وچ ۾ پيدا ٿئي ٿو. اسان ڪيترو وقت پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهياسين. مان خدا جو شڪر ڪيو جو سندس دل جي حالت کي ڦيرائي ورتو هيم ۽ کيس آرام ميسر ڪري ڏنم.
هيءَ ڪالهه جي شام جي ڳالهه هئي. پر گذريل رات سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. هـُـو صبح سان اسڪول ويو هو. جڏهن موٽي آيو ته بيحد ملول هو ۽ خوفناڪ طريقي سان ملول هو. شام جو مان هن کي هٿ کان ورتو ۽ گهمڻ وياسون. هـُـو گهمي نه ٿي سگهيو. هوا زور سان لڳي رهي هئي ۽ سج ظاهر نه هو. اِيئن معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ خزان جي موسم آهي. شفق آسمان تي چڙهندي ٿي آئي. اسان گهمندا رهياسون، پر ٻئي ملول هئاسون. مان کيس چيو ته، پٽ، اسان کي پنهنجي سفر لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو؟ مان خيال ڪيو ته اِيئن ڪرڻ سان، مان کيس ڪالهوڪي گفتگوءَ ڏي موڙي سگهندس. هن ڪو به جواب نه ڏنو پر محسوس ڪيم ته سندس آڱريون منهنجي هٿ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مان خيال ڪيو ته، هيءُ ڪو ڏکيو معاملو آهي ۽ ڪا نئين ڳالهه آهي. اَسان هن پٿر تائين پهچي وياسون، جتي هاڻي آهيون. فضا ۾ ڪيئي لغڙ، اُڏامي ۽ چڪر هڻي رهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه ته نظر ۾ ٿي آيا. بيشڪ اِها لغڙن اُڏائڻ جي موسم آهي. مان کيس چيو ته ائلشيا هيڏي نهار. وقت آيو آهي ته اسان پنهنجي گذريل سال واري لغڙ کي ٻاهر ڪڍون. مان اُن کي ڦاٽل جاءِ وٽان ڳنڍيندس، پر تو، اُن کي ڪٿي رکيو آهي؟ منهنجي ڇوڪري ڪو به جواب نه ڏنو. هـُـن ٻي طرف نهاريو ۽ مون کي پاسيرو ڏسڻ لڳو. اوچتو هوا جي سخت جهٽڪي واريءَ کي مٿي اُڇلايو. هـُـو اوچتو منهنجي مٿان ڪـِـري پيو ۽ پنهنجون ٻئي ننڍڙيون ٻانهون، منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري وڌائين ۽ مضبوطيءَ سان جهليائين. توکي معلوم آهي ته جڏهن ٻار خاموش هوندا آهن ۽ فخر ۾ ڀرجي ويندا آهن ته هـُـو پنهنجي ڳوڙهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تڏهن هـُـو ڏاڍي تڪليف ۾ هوندا آهن. اوچتو هـُـو جهڄي پوندا آهن ۽ سندن اکين مان ڳوڙهن جا نارَ وهي هلندا آهن. هن پنهنجي ڳوڙهن جي گرم ڌارن سان منهنجي چهري کي آلو ڪري ڇڏيو. هـُـو روئڻ ۽ ڏڪڻ لڳو، ڄڻ ته ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ هو. مان جيئن پٿر تي ويٺو هوس، هـُـو مون کي چنبڙي پيو. هن روئندي چيو ته، ”منهنجا پيارا بابا، هـُـن ڪيڏي نه تنهنجي بي عزتي ڪئي آهي!“ مان به سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. اسان ٻئي هڪ ٻي جي ٻانهن ۾ ڏڪندا ۽ روئندا رهياسون. مان کيس چيو ته ائلشيا، عزيز ائلشيا، ڪنهن به اسان ڏي نه نهاريو پر خدا ته سڀ ڪجهه ڏٺو ٿي. مون کي اُميد آهي ته هـُـو مون کي اُن جو اُجورو ڏيندو. اليڪسي فيودورووچ تون پنهنجي ڀاءُ جو شڪريو اَدا ڪر، مان تنهنجي راضپي لاءِ پنهنجي ٻار کي ڪڏهن به نه ماريندس.“
هـُـو پنهنجي احمقاڻي ۽ ناراضپي ڀريل گفتگوءَ طرف موٽي پيو هو. اليوشا سمجهي ورتو هو، ته هن جو مٿس اعتبار آهي. جيڪڏهن سندس جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، ته هـُـو ڪڏهن به ايترو کـُـلي نه ڳالهائي ها، نه وري کيس اُهي ڳالهيون ٻڌائي ها، جي هاڻي ٻڌايون هئائين. هن حالت اليوشا کي همٿ ڏياري، جنهن جي دل ڳوڙهن ڳاڙڻ جي حد تائين ڏڪي رَهي هئي.
”آهه، ڪيترو نه مان تنهنجي ڇوڪري سان دوستي رکڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن تون اُن لاءِ ڪجهه ڪري سگهين-
”يقيناً سائين“، ڪئپٽن چيو.
”هاڻي ڪجهه ٻي قسم جي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌ.“ اليوشا ڳالهائيندو رهيو. ”مون کي تنهنجي لاءِ هڪ پيغام آهي. اِنهيءَ ساڳي منهنجي ڀاءُ دمتري، پنهنجي مڱينديءَ جي به بي عزتي ڪئي آهي، جا نهايت شاندار قسم جي ڇوڪري آهي. تو شايد هن لاءِ ٻـُـڌو به هجي. مان توکي سنئون سڌو ٻڌائڻ گهران ٿو، ته هن ڪهڙي غلطي ڪئي آهي؟ مون کي اِيئن ڪرڻو پوي ٿو. حقيقت ۾ هن کي جڏهن تنهنجي بي عزتي جي خبر پئي ۽ کيس تنهنجي بدقسمتي واري حالت معلوم ٿي، تڏهن هن مون کي پنهنجو هڪدم عيوضي مقرر ڪيو. بلڪل هاڻي، ته مان تنهنجي مدد ڪريان، فقط هن جي طرف کان نه دمتري کان، جنهن هـُـن کي ڇڏي ڏنو آهي. نه مان سندس ڀاءُ کان مدد گهري آهي نه ڪنهن ٻئي کان، فقط هـُـن کان. هن عرض ڪيو آهي، ته هيءُ مدد کانئس قبول ڪر.... توهان ٻنهي جي هڪ ئي ماڻهو وٽان بي عزتي ٿي آهي. هـُـن، هيءُ خيال اُن وقت ڪيو، جڏهن هـُـن، سندس ساڳي قسم جي بي عزتي ڪئي. ساڳي ظالماڻي حرڪت! هوءَ هڪ ڀيڻ جي حيثيت ۾، پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي آهي... هن مون کي چيو آهي ته مان اوهان تي زور آڻيان ته هيءُ ٻه سؤ روبل اوهان اُن ڀيڻ جي طرفان قبول ڪريو، ڇاڪاڻ ته اوهان گهرجائو آهيو. ڪنهن کي به هيءَ خبر نه پوندي ۽ اوهان کي ناانصافي واري کنيل واقعي کان به تسلي ملي ويندي. هيءُ آهن ٻهَ سؤ روبل ۽ قسم ٿو کڻان ته هنن کي قبول ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته دنيا دشمنن سان ڀريل هجي! پر هن زمين تي ڪي ڀائر به آهن... تنهنجي نيڪ دل آهي ۽ توکي اِهو ڏسڻ گهرجي.“ اليوشا انڊلٺ جهڙي رنگ جا ٻه نوان ٻن سـَـون جا نوٽ پنهنجي هٿ ۾ ورتا.
هـُـو ٻئي اُن وقت لوڙهي جي ڀرسان پٿر وٽ بيٺا هئا ۽ ٻيو ڪو به ماڻهو ڪو نه هو. نظر اِيئن پئي آيو، ته نوٽن ڪئپٽن تي گـَـهـِـرو اثر وڌو آهي. هن ڇـِـرڪ ڀريو ۽ اِهو سندس پهريون ۽ حيرت وارو هو. سندن گفتگوءَ مان جيڪڏهن ڪو نتيجو نڪري پئي سگهيو، ته اِهو هو ته هـُـو ان کي قبول ڪري. اِهڙي خواب ڏسڻ کان شايد، ڪوئي به پاڻ کي روڪي نه سگهي، سو به ايتري رقم!
هن نوٽن کي ورتو، هڪ منٽ لاءِ هـُـو ڪنهن جواب ڏيڻ جهڙو ئي نه رَهيو. سندس چهري تي حيراني پکڙجي وئي.
”هيءُ منهنجي لاءِ آهن؟ ايتري رقم - ٻهَ سـَـؤ روبل! خدايا مان پنهنجي آخري چئن سالن ۾ ايترو پيسو ڪڏهن نه ڏٺو آهي. اسان تي رحم ڪر! هوءَ اِيئن به چوي ٿي، ته هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. ڇا اِهو سچ به ٿي سگهي ٿو؟“
”مان قسم سان چوان ٿو ته مان توکي جو ڪجهه به چيو آهي، سو سڀ سچ آهي.“ اليوشا زور سان چيو. ڪئپٽن جي منهن جو رنگ سرخ ٿي ويو.
”ڌيان ڏئي ٻـُـڌ، منهنجا پيارا ڌيان ڏئي ٻـُـڌ! جيڪڏهن مان اِهڙيءَ ريت توکان پيسا وٺان ته مان بدمعاش ته نه سڏيو ويندس؟ اليڪسي فيودورووچ! تنهنجي نگاهن ۾ بدمعاش ته نظر نه ايندس.“ هـُـو تڪڙو چوندو ويو ۽ اليوشا کي ٻنهي هٿن سان ڇهڻ لڳو. ”تون ظاهر ۾ مون کي هيئن چوين، ته هي پيسا مون ڏي منهنجي ڀيڻ موڪليا آهن، مون تي وٺڻ لاءِ زور ٿو ڀرين، پر هنن پيسن کي قبولڻ سان تنهنجي اندر ۾ منهنجي لاءِ نفرت ته پيدا نه ٿيندي؟“
”نه، نه، مان هن جي لاءِ قسم ٿو کڻان. هن جي لاءِ ڪنهن کي به خبر نه پوندي. فقط مون کي، توکي، هن کي ۽ هڪ ٻي بيگم کي، جا سندس بهترين دوست آهي.“
”اُن بيگم جو ڪو به خيال نه اٿم، پر اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏئي ٻـُـڌ! هن عجب جهڙي گهڙيءَ ۾ ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ! ڇاڪاڻ ته تون هيءَ ڳالهه سمجهي ئي نه ٿو سگهين، ته هيءُ ٻه سـَـؤ روبل منهنجي لاءِ هن وقت ڇا آهن؟“ بدقسمت انسان جي پريشاني گهڙي گهڙي وڌندي ٿي وئي ۽ جا وحشياڻي خوشي بڻجي وئي هئي. هـُـو پنهنجو توازن وڃائي چـُـڪو هو ۽ نهايت جوش مان ڳالهائي رَهيو هو. ڄڻ ته هن کي خوف پئي ٿيو، ته هن کي جو ڪجهه چوڻو آهي، اُن جي کيس اِجازت نه ڏني ويندي.
”هن کانسواءِ، جيڪڏهن ايمانداريءَ سان، هنن پيسن کي، ”ڀيڻ“ کان قبول ڪيو وڃي، جا نهايت عزت ۽ احترام واري آهي، توکي خبر آهي ته مان هاڻي پنهنجي گهر واري، نينا ۽ فرشتي جهڙي ڪـُـٻي نياڻيءَ جي چڱيءَ ريت خبر گيري ڪري سگهندس. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب مهرباني ڪري مون وٽ آيو ۽ ٻنهي کي ڪلاڪ کن تپاسيندو رَهيو. ”مان هنن ۾ ڪا به اصلاح آڻي نه ٿو سگهان“. هن چيو، پر ... ڪي دوائون لکي ڏيئي وڃان ٿو، جي هتي دوا فروش وٽ رکيل آهن.“ هن ٻڌايو ته اِهي وڏي فائدي واريون آهن. هـُـن ڪن دوائن سان غسل ڪرڻ لاءِ به چيو آهي. اِنهن دوائن مان هڪ شيشي ٽيهن ڪاپيڪس ۾ ملي ٿي، اِهڙيون چاليهه شيشون کپنديون. مان هن کان اِهو نسخو ورتو آهي جيڪو حضرت مسيح جي تصوير هيٺان ڪٻٽ ۾ رکيو اٿم. هن نينا جي لاءِ گرم پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جن ۾ ڪي دوائون ملايون وينديون ۽ اِهو غسل صبح ۽ شام ٿيندو رهندو. پر مان هيءُ علاج گهر ۾ نوڪرن جي مدد کانسواءِ، ۽ غسل پاڻي جي بغير ڪيئن عمل ۾ آڻي سگهندس؟ نينا مڪمل طرح اڌ رنگي آهي. شايد مان توکي اِها ڳالهه اڳ ۾ نه ٻڌائي آهي. هن جي سڄي پاسي ۾ رات جو سور پيدا ٿئي ٿو. اُن عذاب ۾، جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين، هوءَ اسان کي جاڳائڻ کانسواءِ، فرشته سيرت سمورو وقت ڪنجهندي گذاريندي آهي. اسان کي جو ڪجهه به ملندو آهي کائيندا آهيون، پر هن کي اوبر نصيب ۾ هوندي آهي، جا شايد ڪتو به نه کائي. اُن فرشتي جون اکيون، هن ٻڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون آهن ته ”مان هن جي لاءِ، جو ڪجهه به اوهان کان ملي ٿو، اُن جي به لائق نه آهيان. اسان سندس خدمت لاءِ تيار هوندا آهيون، پر هوءَ، هيءُ پسند نه ڪندي آهي. ”مان هڪ فالج زده ۽ بيڪار آهيان ۽ ڪنهن جي به ڪم جي نه آهيان.“ ڄڻ ته هوءَ اُن اوبر جي به لائق نه آهي. هوڏانهن هـُـو فرشته خصلت ڪيترو نه اَسان کي بچائي ڏئي ٿي. سچ ته اُن کانسواءِ، اُن جي پيار ڀريل لفظن کان سواءِ، هيءُ گهر جيڪر دوزخ نظر اَچي. هوءَ وار ويرا کي به نرم بڻائي ٿي. وارويراکي چڱيءَ طرح سان ڏس، هوءَ پڻ فرشته آهي. هن گهڻي ئي سختيون سٺيون آهن. هوءَ اونهاري ۾ اَسان وٽ آئي هئي، وٽس سورنهن روبل هئا، جي هـُـن اُتان ڪنهن کي سبق ڏئي ڪمايا هئا. هـُـن بچت مان سندس اِرادو هو ته سيپٽمبر ۾ پيٽرسبرگ موٽي وڃي. پر اسان سندس ميڙي چونڊي کڻي ورتي ۽ اُن تي گذران ڪريون ٿا. هاڻي وٽس ڪجهه به نه آهي، جو موٽي وڃي. سچ پچ ته هوءَ پوئتي وڃي به نه ٿي سگهي. ڇو ته هـُـن کي اسان جو ڪم ڪار هڪ غلام وانگر ڪرڻو پوي ٿو. هوءَ اُن گهوڙيءَ وانگر آهي، جنهن تي سندس طاقت کان وڌيڪ بار رکيو ويو هجي. هوءَ اسان سڀني کي پنهنجي پٺيءَ تي کنيو ٿي وتي. هوءَ اسان جي خدمت ٿي ڪري. ڪپڙن کي سبي ٿي ۽ ڌوئي ٿي. فرش کي صفا ڪري ٿي ۽ ماءُ کي هنڌ ۾ سمهاري ٿي. سندس ماءُ بهانه گير، هميشھ روئندڙ ۽ ديواني آهي! هاڻي مان اِنهن پيسن مان ڪا خادمه رکي سگهندس. اليڪسي فيودورووچ، تون سمجهي سگهين ٿو، ته مان اِنهن پيسن مان پنهنجي پيارن لاءِ دوائون خريد ڪري سگهندس ۽ مان پنهنجي شاگردياڻي کي پيٽرسبرگ موڪلي سگهندس. مان گوشت خريد ڪندس ۽ هنن کي پوري غذا ڏئي سگهندس. پر خدايا، هي سڄو خراب آهي!“
اليوشا خوش هو، ته هن کيس اِها خوشي مهيا ڪري ڏني آهي ۽ بدقسمت انسان پاڻ کي خوش رکڻ قبول ڪيو آهي.
”ترس اليڪسي فيودورووچ ترس!“ ڪئپٽن ديوانگيءَ واري انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن نئين ڏينهن جي خواب ڏي گهلجي ويو آهي. تون سمجهي سگهين ٿو ائلشيا ۽ مان پنهنجي خواب جي تعبير کي چڱيءَ ريت ڏسي سگهنداسون. اسان هڪ ٽانگو خريد ڪنداسون. بگيءَ لاءِ هڪ ڪاري رنگ جو گهوڙو ڳنهنداسين، ڇاڪاڻ ته هن جو زور آهي ته ڪارو گهوڙو هجي. جيئن اسان خيال ڪيو آهي. ٻي ڏينهن، هتان روانا ٿي وينداسين. ڪي - پرڳڻي ۾ منهنجو هڪ پراڻو وڪيل دوست آهي. مان هڪ اعتبار جهڙي ماڻهو کان ٻـُـڌو آهي، ته جيڪڏهن مان وٽس ويندس ته هـُـو مون کي منشيءَ جي جاءِ ڏيندو. ڪنهن کي خبر آهي ته هـُـو اِيئن ڪري به. مان پنهنجي گهر واري ۽ نينا کي گاڏيءَ ۾ ويهاريندس. ائلشيا ٽانگو هلائيندو ۽ مان پنڌ ڪندس.... جيڪڏهن مان قرض وٺي سگهان ٿو، ته مون کي ٻيو به ملي سگهندو.
”ڪافي آهي. ڪافي آهي.“ اليوشا واڪو ڪري چيو. ڪيٽرينا ايونونا، تنهنجي ضرورت آهر، توکي وڌيڪ ڏئي سگهجي ٿو، توکي اِها به خبر هجي ته مون وٽ به پيسو آهي. توکي جو به گهرجي، هڪ ڀاءُ ۽ دوست جي حيثيت ۾ وٺي سگهين ٿو ۽ جڏهن تون چاهين پوءِ موٽائي سگهين ٿو... (تون شاهوڪار ٿي ويندين، شاهوڪار ٿي ويندين). تون ڄاڻين ٿو، ته ٻئي ڪنهن پاسي وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به عمدو خيال ٿي نه ٿو سگهي. اِنهيءَ ۾ تنهنجي گهڻي سلامتي آهي، خاص طرح تنهنجي ڇوڪري جي. توکي تڪڙو وڃڻ کپي. سياري جي ٿڌ کان اڳ ۾، جڏهن تـُـون اتي پهچين ته اسان ڏي لکجانءِ. اَسان هميشھ ڀائرن وانگر ٿي رهنداسون... نه نه، هيءُ خواب آهي!“
اليوشا هن کي ڳراٽڙي پائڻ ٿي گهري، پر جڏهن هـُـن کيس ڏٺو، ته ٿورو وقت ترسيو. هو ماڻهو اِهڙي ريت بيٺو هو، جو سندس ڳچي اڳتي وڌيل هئي، سندس چپ ڏڪيا ٿي ۽ سندس پيلي چهري ۾ پريشانيءَ جون نشانيون ظاهر ٿي ڏٺيون. سندس چپ اِهڙي ريت چـُـر پـُـر ۾ ٿي ڏٺا، ڄڻ ته هن ڪجهه چوڻ ٿي گهريو پر لفظ سندس نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيا آهن. ڪو به آواز نه آيو، پر اَڃا به سندس چپ چـُـريا ٿي. نظارو ڏاڍو ڏکائيندڙ هو.
”ڇا آهي؟“ اليوشا ڇرڪ ڀـَـري کانئس پڇيو.
”اليڪسي فيودورووچ.... مان.... تون“ ڪئپٽن ڀڻڪيو ۽ ان ڏانهن پرسوز، وحشي ۽ عجب ۾ وجهندڙ نگاهه سان ڏٺو، جنهن مان سندس نراسائي ٿي بکي. ساڳي وقت سندس چپن تي زهريلي، کـِـل نظر آئي. ”مان .... تون سائين.... ڇا توهان پسند ڪندا ته مون کي جا هڪ اٽڪل بازي اَچي ٿي، مان اوهان کي اُها ڏيکاريان.“ هن اوچتو، تڪڙي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس آواز هاڻي جهـَـڪو نه هو.
”ڪهڙي اٽڪل؟“
”نهايت وڻندڙ اٽڪل“. ڪئپٽن رازداريءَ سان چيو. سندس وات کٻي پاسي کان ڀيڪوڙيل هو ۽ سندس کٻي اک بند هئي. هن اَڃا به اليوشا کي عجب مان ٿي ڏٺو.
”ڇا آهي؟ ڪهڙي اَٽڪل؟“ اليوشا جو هاڻي تڪيلف ۾ هو، اُن واڪو ڪري چيو.
ڪئپٽن اوچتو بگڙجي ويو. هن کيس ٻه نوٽ ڏيکاريا، جي ڳالهائڻ جي وقت سندس آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ هئا، اُنهن کي ڪاوڙ ۾ مروڙيو ۽ سڄي هٿ ۾ اُنهن کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺو.” تون ڏسين ٿو، تون هيءُ ڏسين ٿو؟“هن رڙ ڪري چيو. هـُـو جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ سندس رنگ پيلو ٿي ويو. اوچتو هـُـن پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ۽ مروڙيل نوٽن کي واريءَ تي ڦٽو ڪيو. هن نوٽن ڏي اشارو ڪندي چيو، ”هنن کي ڏسين ٿو، هيڏي نهار!“ هن غصي مان نوٽن کي پيرن هيٺ لتاڙيندي چيو:
”تنهنجي پيسن جي اِها ئي سزا آهي، تنهنجي پيسن جي اِها سزا آهي. تنهنجي پيسن جي اِها سزا آهي!“
اِيئن چوندي هـُـو پوئتي ڊوڙيو ۽ اليوشا کان پري هليو ويو. اُن وقت سندس چهري مان، بي پناهه غصو ٿي نظر آيو.
”جن توکي موڪليو آهي، اُنهن کي چئج ته ٻچي ڏاڙهي پنهنجي عزت نه وڪڻندو آهي.“
اُن کان پوءِ هـُـو ڦريو ۽ ڊوڙندو ويو، اَڃا ٿورو ڊوڙيو هو، ته هـُـو وري ڦريو ۽ اليوشا کي چمي ڏنائين. هـُـو ٻه چار قدم وڌيڪ ڊوڙي وري ڦريو. هن ڀيري سندس منهن مان ڪو به فخر يا خوشي ڪا نه ٿي ڏٺي. هـُـو ڏڪيو ٿي ۽ سندس ڳلن تي ڳوڙها هئا. هـُـن رئندڙ آواز ۾ واڪو ڪري چيو ته:
”جيڪڏهن مان پنهنجو شرم وڃائي به، توکان هي وٺان ته منهنجو ٻار مون کي ڇا چوندو؟“
تنهن کان پوءِ هـُـو ورائي ڏسڻ کان سواءِ ڊوڙندو ويو. اليوشا غم ۽ ڏک مان کيس پوئتان ڏسندو رَهيو. هن کي آخري گهڙيءَ تائين به اِها خبر نه هئي، ته هـُـو نوٽن کي مروڙيندو ۽ اِهڙيءَ ريت ڦٽو ڪري ڇڏيندو. هـُـو وري نه موٽيو. اليوشا سمجهيو، ته هـُـو وري موٽي نه ايندو. هن سندس پوئتان وڃڻ ۽ سڏ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. جڏهن هـُـو سندس نظر کان غائب ٿي ويو، ته اليوشا نوٽن کي کنيو. اُهي سڀ مروڙجي ۽ خراب ٿي ويا هئا. مٿن واري اَچي وئي هئي. پر هـُـو ڦاٽا يا خراب نه ٿيا هئا ۽ اَڃا به نوان ٿي نظر آيا. اليوشا اُنهن جي گهنجن کي سڌو ڪري ۽ تهه ڪيو. پنهنجي کيسي ۾ اُنهن کي رکڻ کان پوءِ هـُـو ڪيٽرينا ايونونا، کي پنهنجي سونپيل ڪم جي ڪاميابيءَ جي خبر ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو.