ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب پهريون : خانقاه ۾ آمد

اُهو آگسٽ جو پويون گرم ۽ صاف ڏينهن هو. مربيءَ سان ملاقات جو وقت اٽڪل ساڍي يارهين بجي، عبادت کان پوءِ مقرر ٿيل هو. اسان جي مهمانن عبادت ۾ حصو ڪونه ورتو، پر جيئن ئي اها پوري ٿي، ته هـُـو اَچي سهڙيا. پهريائين هڪ کليل شاندار گاڏي، جنهن ۾ قيمتي گهوڙا جوٽيل هئا، سا اَچي پهتي. گاڏيءَ ۾ موُسيوف ۽ سندس پرانهون عزيز - جو ويهن ورهين جو ٿي لڳو - سي ويٺا هئا. اُهو جوان، جنهن کي پيٽر فوميچ ڪلگنوف ٿي سڏيائون، ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تياريون ٿي ڪيون. موسيوف، جنهن سان هـُـو في الحال رهيو پيو هو، سو کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو ۽ زيورچ ياجينا جي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو، پر جوان اَڃا ڪنهن فيصلي تي نه پهتو هو، اُنڪري هـُـو ساڳئي وقت بي دليو ٿي لڳو. هـُـو نهايت ئي شڪيل، مضبوط ۽ ڪي قدر قداور ٿي لڳو. سندس اکين ۾ استقلال جي جهلڪ ٿي ڏٺي. اڻ واقف ماڻهن وانگر هن به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن کي، سواءِ ڪنهن مطلب جي گهـُـوري ٿي نهاريو. ڪڏهن خاموش ٿي رهيو ته اِها ادا بيهودگيءَ جي حد تائين ٿي پهتي. وري جڏهن، هن ڪنهن سان اَڪيلو ٿي ڳالهايو ته سندس گفتگو ڄڻ ته سندس وات مان وهندي ٿي ويئي. سڀ ڪنهن ڳالهه تي وٺي ٿي کليو. سندس اِها زنده دلي، ايترو جلد ختم ٿي پئي وئي، جيترو اُها جلد نمودار پئي ٿي. هـُـو خوش نظر ٿي آيو ۽ نهايت عمدو لباس پهريل هوس. کيس پنهنجو چڱو ئي ورثو هو ۽ اَڃا به وڌيڪ ملڻ جي اُميد هيس. اِليوشا جي صادق دوستن مان هو.
موسيوف جي گاڏي کان گهڻو پوءِ، هڪ پراڻي، ڀاڙي جي گاڏي جهاڪا کائيندي ٿي آئي، جنهن کي ٻن هلڪي ناسي رنگ جي گهوڙن ٿي ڇڪيو. اِن گاڏيءَ ۾ فيودور پاولووچ ۽ سندس پـُـٽ ايون ويٺل هئا. دمتري اَڃا به ظاهر نه ٿيو هو، جيتوڻيڪ کيس، گذريل شام جي وقت کان واقف ڪيو ويو هو. مهمانن پنهنجون گاڏيون، هڪ هوٽل جي ڀرسان ڇڏيون، جو ٻي رستي جي ٻي طرف تائين نظر ٿي آيو. هـُـو پاڻ پيادل خانقاه ڏي ويا. فيودور پاولووچ کانسواءِ، ٻي ڪنهن به خانقاه ڪانه ڏٺي هئي. موسيوف ته ٽيهن سالن کان، ڪڏهن منجهس پير ئي نه پاتو هو. ڪليسا ”گهرو جاين کان سوا“، جي نهايت ساديون عمارتون هيون، کيس خانقاه جي اندر، ٻي ڪابه دلچسپي جي شيءِ نظر نه ٿي آئي. ڪي مٿي اُگهاڙا ايمان وارا، جي هوا ۾ صليب جي نشاني کي ڪـَـڍي رهيا هئا، ڪليسا کان نڪري رهيا هئا. اُنهن غريبن ۾، ڪي ٿورا چڱي طبقي جا ماڻهو، ٻه يا ٽي عورتون ۽ هڪ پوڙهو جنرل ٿي نظر آيو. هي سڀ خانقاه جي ڀرواري مهمان خاني ۾ ترسيا. بي ڀؤ فقيرن جي فوج کين وڪوڙي وئي پر ڪنهن به شخص کين ڪجهه به نه ڏنو. مگر ڪلگنوف - جنهن کيسي مان هڪ نوٽ ڪڍيو ۽ ٿورو گهٻرائجي ۽ پريشان ٿي، خدا ڄاڻي الائجي ڇو، تڪڙوتڪڙو هڪ ٻـُـڍي زال کي ڏئي چيو، ته وڃي ورهائي کڻو. سندس ساٿين مان ڪنهن به هن ڏي ڌيان نه ڏنو، اُنڪري گهٻرائڻ جو ڪوبه سبب نه هو، مگر هـُـو، اِهو ڏسي، وڌيڪ گهٻرائڻ لڳو.
هنن جي اَچڻ جي پڪ ته ڪنهن کي ڪانه هئي، مگر ساڳئي وقت اِها به عجب جهڙي ڳالهه هئي جو هنن جي استقبال لاءِ ڪوبه بندوبست ڪيل ڪونه هو. هنن ۾ جيتوڻيڪ هڪ اهڙو ماڻهو به هو، جنهن تازو هڪ هزار روبل ڪليسا کي خيرات ۾ ڏنا هئا. ٻيو وري اُهو هو، جو ڪافي مالدار ۽ هڪ مهذب زميندار هو ۽ ماهي گيريءَ جي حق رکڻ سبب، خانقاه وارا سندس محتاج هئا. اُن هوندي به ڪو خاص مقرر ڪيل معزز ماڻهو، ساڻن ڪونه اَچي مليو.
موسيوف بي پرواهيءَ سان اُنهن قبرن جي ڪتبن کي ڏسندو رهيو، جي ڪليسا جي چوگرد پکڙيا پيا هئا. هـُـو ايتري چوڻ لاءِ بلڪل تيار هو، ته هنن مرڻ وارن ڪي خاصا پيسا ڏئي، هن پاڪ زمين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪئي هوندي. مگر هـُـو رڪجي ويو. سندس آزاد طنز غصي ۾ بدلجي وئي. اوچتو هوريان هوريان پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:
” اُهو ڪهڙو ابليس آهي، جنهن هـِـن ناڪاره جڳهه لاءِ ٿي پڇائون ڪيون؟ اسان کي ان جو پتو ڪڍڻ کپي، ڇو ته وقت گذرندو ٿو وڃي!“
اوچتو ئي اوچتو هڪ گنجو ۽ وڻندڙ اکين وارو ٻـُـڍو ماڻهو اَچي ظاهر ٿيو. کيس پيرن تائين ڊگهو ڪوٽ پهريل هو. پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي، پيار ڀري نوع ۾پنهنجي واقفيت ڪرائيندي ٻـُـڌايائين، ته هـُـو ميڪسيموف تلاءِ جو زميندار آهي. هـُـو هڪدم اسان جي مهمانن جي رهنمائي لاءِ تيار ٿي ويو.
”فادر زوسيما، هتان کان اٽڪل چئن سون قدمن جي پنڌ تي، جهنگ جي ٻئي طرف، پنهنجي حجري ۾ رهندو آهي.“
”اِها مون کي خبر آهي ته هـُـو جهنگ جي ٻئي پاسي رهندو آهي“. فيودور پاولووچ گهري نظر سان کيس ڏسندي چيو. ”پر جيئن ته ڪيتري عرصي کان هت اسان جو اَچڻ نه ٿيو آهي، انڪري اسان رستو ڀلجي ويا آهيون.“
(1) ”هن رستي کان، هن دروازي کان ۽ سڌو ئي سڌو جهنگ کان، مون سان گڏجي هلو ته مان اوهان کي ڏيکاريان، مون کي به اوڏانهن وڃڻو آهي، اِجهو هـِـن رستي کان ...... بلڪل اِنهيءَ رستي کان.“
هـُـو دروازي کان ٻاهر نڪتا ۽ جهنگ ڏانهن ڦري هلڻ لڳا. سٺ سالن جو پوڙهو ميڪسيموف، هلڻ جي بدران ڊوڙي رهيو هو ۽ عجيب حيراني ۽ گهٻراهٽ مان هر هر کين مـُـڙي نهاري رهيو هو ۽ اِيئن ٿي لڳو، ته سندس اکيون ڄڻ ته مٿي مان ٻاهر نڪري ڏسي رهيون هيون.
موسيوف نهايت ڳنڀير ٿي چيو، ”اسان مربيءَ وٽ پنهنجي ڪنهن خاص ڪم جي خاطر آيا آهيون.هن برگزيده شخصيت، اسان کي ملاقات جي لاءِ وقت ڏنو آهي. اِنڪري جيتوڻيڪ اسان تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تو اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، پر اسان توکي وٺي هلي ڪين سگهنداسين.“
”مان اُتي ئي هوس. مان پهريائين اُن شهسوار وٽ هو س.“ ميڪسيموف پنهنجون آڱريون هوا ۾ ٽيڙي ڇڏيون.
موسيوف کانئس پڇيو، ”اِهو شهسوار ڪير آهي؟“
”مربي، شاندار مربي! خانقاه جي شان ۽ عظمت جو مالڪ، اَملهه ماڻڪ! پر هـُـن جي بي تـُـڪي ۽ ناموافق گفتگوءَ کي هڪ پـِـيلي، نٻل ۽ وچولي قد واري راهب اَچي ختم ڪيو. کيس راهبن واري ٽوپي پيل هئي ۽ هو کين اَچي مليو. پاولووچ ۽ موسيوف اُتي ئي بيهي رهيا.
راهب نهايت ئي فضيلت ۽ انتهائي اَدب سان جهڪندي چيو ته ”اسان جي برگزيده مربي، اوهان سڀني کي مانيءَ تي مدعو ڪيو آهي. قريباً هڪ بجي مهل، جڏهن اوهان سندس حجري کان ٻاهر نڪرنداءِ، هن ميڪسيموف ڏي نهاري چيو، ته ”توکي به“.
دعوت تي فيودور پاولووچ، خـُـوشنوديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”مان هن کي قبول ڪريان ٿو ۽ سڀني واعدو ڪيو آهي ته هـِـت نهايت ئي بهترين روش اختيار ڪنداسون. پيٽرو اليگزينڊرووچ تون به هلندين؟“
”بلڪل، مان هت آيو ئي اِن خيال کان آهيان، ته جيئن هتان جي سمورين ريتن ۽ رسمن کان واقف ٿيان. منهنجي لاءِ، فقط هڪ ئي رُڪاوٽ آهي، ته تون مون سان گڏ آهين“.
”سچ دمتري فيودور پاولووچ اَڃا ته ظاهر ڪونه ٿيو آهي.“
”اِها نهايت خراب ڳالهه ٿيندي، جيڪڏهن هـُـو نه آيو. توکي خبر آهي ته مون کي سندس ڪي سموريون عادتون ٿوروئي وڻنديون آهن ۽ سوبه توسان گڏ!“ هـُـن راهب ڏي منهن ڪري چيو ”اَسان مانيءَ تي حاضر ٿينداسون، بزرگ مربيءَ جي وڏي مهرباني.“
”اِهو منهنجو هينئر فرض آهي، ته مان توهان کي مربيءَ ڏانهن وٺي هلان. “
راهب چيو.
اُن وقت ميڪسيموف بڙ بڙ ڪندي چيو “ته پوءِ مان سڌو ئي بزرگ ڏانهن وڃان ٿو.“
“بزرگ ٿورو مصروف آهي - پر جيڪا اوهان جي مرضي،“ راهب هٻڪندي چيو. “پوڙهو گستاخ”، موسيوف جي زبان کان نڪري ويو. هوڏانهن ميڪسيموف خانقاه ڏانهن ڊوڙندو ويو.
”جهڙو فان زومان“، فيودور پاولووچ اَچانڪ چئي ويٺو.
”هن کان سواءِ، ٻي تو وٽ ڪا مطلب جي ڳالهه ئي نه هئي، جو ڳالهائين ها. ڪهڙي ريت تون هن کي فان زومان جهڙو ٿو سمجهين؟ تو کيس ڏٺو به نه هو!“
”مون اُن جي تصوير کي ڏٺو آهي، اُن قيافي سان، جو فان زومان جي لاءِ اٿم، هي به اُن جهڙوئي آهي. مان هميشه ماڻهن کي، سندن شڪل ۽ قيافي مان سڃاڻندو آهيان“.
”اِهو ته مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته توکي اُن جي ڪابه سـُـڃاڻ نه آهي، پر فيودور پاولووچ، توکي ايترو ته خيال ڪرڻ گهرجي ته تو اَڃا هاڻي چيو آهي، ته هتي اسان فضيلت سان ملڻ جو اقرار ڪيو آهي. توکي اهو وسارڻ نه گهرجي. مان توکي صلاح ٿو ڏيان، ته پاڻ کي ضابطي ۾ رک، پر جيڪڏهن تو بيوقوفي ڏيکارڻ شروع ڪئي، ته مان توکي پاڻ سان گڏ رکي نه سگهندس.“ هن پوءِ راهب ڏي نهاريندي چيو ته “عجيب ماڻهو آهي. مون کي ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏجي، مهذب ماڻهن وٽ ويندي ڊپ پيو لڳي.“
هڪ دلڪش مـُـرڪ، جا عياريءَ کان خالي نه هئي، راهب جي چهري تي پکڙجي وئي، پر هـُـو پنهنجي مرتبي ۽ منصب جي خيال کان خاموش رهيو. هي ڏسي موسيوف اَڃا به خفي ٿي ويو.
موسيوف دل ۾ سوچڻ لڳو ته ”مان ته ايئن چاهيان ٿو، ته هنن ماڻهن جي بدن تي سر ئي نه هجي.هنن جي دلين ۾ فريب ۽ رياڪاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. صدين کان جنهن جي نمائش ٿيندي رهي آهي. هي فقط ڍونگ آهي ۽ اندران کوکلو ئي کوکلو“.
”اجها هيءَ آهي جهوپڙي، اسان پهچي وياسون“ فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو.
”هي حجرا ته آهن پر اُنهن جا دروازا ته بند آهن.“
اُن وقت هن صليب ڏانهن اشارو ڪيو، جو دروازي جي مٿان ۽ سندس ٻنهي پاسن تي نقش ٿيل هو.
”جهڙو ديس تهڙو ويس، هن جهوپڙيءَ ۾ اٽڪل پنجويهه کن پادري رهن ٿا. هـُـو فقط هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا رهندا آهن ۽ گوبي جي پنن جي غذا کائيندا رهندا آهن. پنهنجي قلب جي صفائيءَ ۾ مشغول آهن ۽ نجات جي راهه کي ڳوليندا رهن ٿا. عجب ته هيءُ آهي جو ڪنهن به عورت کي هيءَ طاقت نه آهي، ته هن چانئٺ کان اڳتي پير پائي سگهي. اَلائجي هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ، ٻڌو اٿم ته زوسيما، زالن کي پنهنجي حضور ۾ اَچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي؟“ هـُـو اوچتو راهب کي چئي ويٺو.
”عورتون ته اَڃا به هت آهن، اِجهو هـُـن ڇـَـپري ۾ ويٺيون آهن، معزز خاندان جي عورتن لاءِ ٻه ڪمرا ڇـَـپري جي ڀرسان ٺهيل آهن پر اُهي آهن احاطي کان ٻاهر. هـُـو دريون ڏسو ٿا. مربي هنن ڏانهن هڪ ننڍڙي رستي کان ويندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن خوش هوندو آهي. هـُـو هميشه احاطي کان ٻاهر هونديون آهن. اِتي اڄ ڪلهه ليڊي هارڪوف ۽ ميڊم هارڪوف پنهنجي بيمار ڌيءَ سان رهيل آهن. شايد ساڻن ملڻ جو واعدو ڪيو اَٿائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيتري عرصي کان ڪمزور آهي ۽ مشڪل سان، ماڻهن سان ملي ٿو“
”ته پوءِ چئبو ته ڪي بهانا مڙيوئي آهن. جهوپڙي کان رڙهندو زالن تائين پهچندو هوندو. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو اوهان کي نقصان ٿو پهچائڻ گهران. توکي خبر آهي ته ايٿاس ۾ نه رڳو عورتون نه ٿيون وڃي سگهن، بلڪ ڪنهن به اُن جنس کي، جا اُن سان مشابهت رکي ٿي، اُتي وڃڻ جي مـجال نه آهي - نه ڪـُـڪڙ نه ڳئون وغيره.“
”فيودور پاولووچ! مان وري به توکي خبردار ٿو ڪريان ته مان توکي اَڪيلو ڇڏي پٺتي موٽي ويندوسان“. جي مان نه هوندس، ته هي توکي اَچڻ به نه ڏيندا.“
”پر پيٽر اليگزينڊروچ مان تنهنجي ڳالهين ۾ ته ڪوبه دخل نه ٿو ڏيان“. هـُـن احاطي ۾ پير رکندي چيو، ”ڪهڙي نه مزي ۾ آهن جو سهڻن ۽ گهاٽن گلاب جي جهڳٽن ۾ رهيا پيا آهن“.
اُن زماني ۾ گلاب جا گـُـل ڪونه هئا، پر اُنهن جي جاءِ تي عمدا ۽ سهڻا سرءُ جا گـُـل هر جڳهه تي ڦـُـٽي نڪتا هئا. اُنهن گلن تي ڏاڍي محنت ٿيل هئي. ڪليسا، قبرن ۽ ڪاٺ جي هڪ منزلي جڳهه، جنهن ۾ مربي رهندو هو. اُن جي چوگرد پکڙجي ويا هئا.
”اڳئين مربي وارسونوف جي وقت ۾ به ايئن ئي ٿيندو هو، ڪيئن؟ کيس ته اهڙي نمائش جي پرواهه ڪانه هئي. چوندا آهن ته هـُـو ٽپ ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کڻي زالن کي مارون به ڪڍندوهو.“ فيودور پاولووچ، جيئن مٿي چڙهي رهيو هو، تيئن چوندو به ٿي ويو.
”مربي وارسونوف ڪڏهن ڪڏهن ته عجيب ڳالهيون به ڪندو هو پر اُن ۾ اجايو وڌاءُ آهي. هـُـن ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه ماريو هو.“ راهب چيو، ”صاحبو! اوهان جيڪر ٿورو ترسو ته مان اوهان کي اندر سڏيان ٿو.“
”فيودور پاولووچ، آخري دفعو تون پنهنجي قول کي ياد ڪر: ٻـُـڌين ٿو پنهنجي روش کي سنڀال يا مان توکي اُن جو بدلو ڏيندس.“ موسيوف کي وري به ايئن چوڻو پيو.
”منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اَچي ته تون ڇو ايترو خفا ٿو ٿئين؟“ فيودور پاولووچ کيس طنز ۾ چيو، ”پنهنجي گناهن کان شرمسار آهين ڇا؟“ چون ٿا ته هيءُ ماڻهن جي اکين ۾ نهاري، ٻـُـڌائي سگهي ٿو، ته هـُـو ڪهڙي مقصد سان آيو آهي؟ تون وري پنهنجي دل ۾، هنن لاءِ ڪهڙي راءِ ٿو رکين. مون کي ته توتي ڏک ٿو ٿئي“.
موسيوف وٽ ايترو وقت ڪونه هو، هـُـو اُن طعني جو ڪو جواب ڏئي. کين اندر اَچڻ لاءِ ڪوٺيو ويو هو. هـُـو ٿورو خفگيءَ سان اندر گهڙيو.
”مان سمجهان ٿو ته مان هينئر زياده خفا ٿيو آهيان. جيڪڏهن طبعيت ۾ اَڃا به خفگي رهي ته پوءِ ممڪن آهي، ته مان هن سان وڙهي پوان. پوءِ مان ڪٿان جو رهندس ۽ منهنجا اِرادا ڪٿي؟“ هـُـو سوچڻ لڳو.



____________
(1) 1. عيسائي، ديول جي وڏي کي، عزت کان فادر يعني پيءُ ڪري سـَـڏيندا آهن.