ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب چوٿون: گهٽ عقيدت واري بيگم

هڪ زيارتڻ، جا پري کان، ڳوٺاڻين عورتن سان مربيءَ جي گفتگوءَ جو نظارو ڏسي رهي هئي، کيس دعائون ڏيندي ڏسي، سندس اکين مان لـُـڙڪ ڏڙهه ڏڙهه ڪري ڪرندا رهيا، جنهن کي هوءَ پنهنجي رومال سان صاف ڪندي ٿي رهي. اُها عورت، جا بيحد حـساس ۽ نيڪ نفس ڏسڻ ۾ پئي آئي. جڏهن مربي وٽس پهتو، تڏهن هوءَ ساڻس بيحد جوش سان ملي.
”آه! مان هت متاثر ڪندڙ نظاري کان ڪيڏي نه اَثر پذير ٿي آهيان.“ هـُـوءَ شديد جذبات کان ڳالهائي نه ٿي سگهي. مان هاڻي، اوهان سان ماڻهن جي محبت جي راز کي سمجهيو آهي. مان پاڻ به ماڻهن کي پيار ڪريان ٿي. مان ساڻن محبت ڪرڻ گهران ٿي. ۽ ڀلا مان ڪهڙيءَ ريت کين محبت نه ٿي ڪري سگهان. اسان جا عجيب و غريب روسي ماڻهو، پنهنجيءَ عظمت سان نهايت ساده دل جو آهن!”
”تنهنجي نياڻي هاڻي ڪيئن آهي؟ تون مون سان وري اُن بابت ڳالهائڻ گهرين ٿي؟“
”مان، مان اُن لاءِ فوري گذارش ٿي ڪئي، مون اُن لاءِ عرض ڪيو هو. ۽ مان ته ان لاءِ به تيار هيس، ته مان اوهان جي دريءَ جي سامهون ٽي ڏينهن ساندهه گوڏن ڀر ڪـِـري، عزت ۽ احترام سان اَندر اَچڻ جي اجازت حاصل ڪريان. مان انڪري آئي آهيان، عظيم معالـج! ته اوهان جي احسانمنديءَ جو خلوصِ دل سان شڪريو اَدا ڪري اَچان. توهان منهنجي لـِـزي جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. اوهان کيس مڪمل ڇوٽڪارو ڏنو آهي. اوهان کيس گذريل خميس تي دعا ڪئي هئي ۽ مٿس شفقت ڀـَـريو هٿ به گهمايو هو. مان تڪڙي انڪري آئي آهيان، ته اُنهن پاڪ هٿن کي چمي ڏيان ۽ پنهنجي جذبات، تعظيم ۽ اطاعت جو اظهار ڪريان“.
”ڇوٽڪاري مان تنهنجو ڇا مطلب آهي، هوءَ ته اَڃا ڪرسيءَ تي پئي آهي؟“
”سندس بخار خميس کان وٺي ڇڏي ويو آهي،“ عورت نهايت اضطراب جي حالت ۾ هڪدم چئي ڏنو. نه فقط اِهو، مگر سندس ٽنگون به هاڻي طاقت حاصل ڪري رهيون آهن. اَڄ صبح جو هـُـو هشاش بشاش اُٿي هئي ۽ رات جو ننڊ به سٺي ڪئي هئائين. سندس گلابي ڳلن ڏانهن ته نهاريو، ۽ سندس چمڪندڙ اکيون! هوءَ هميشه دانهون پئي ڪندي هئي پر هاڻي ته ٻهـَـڪي ٿي. مسرور ۽ مـَـگن آهي. اڄ صبح جو زور سان مون کان اجازت وٺي، پنهنجين ٽنگن تي سڄو سارو منٽ، سواءِ ڪنهن سهاري جي، بيٺي رهي. سندس شرط آهي ته هوءَ پندرهن ڏينهن جي اندر رقص ڪري سگهندي. مان ڊاڪٽر هرز بنسيٽيوب وٽ وئي هيس. هن پنهنجي ڪلن کي جنبش ڏيندي چيو، ”تعجب آهي، مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اَچي. اوهان جي مهرباني نه مڃون ته ٻيو ڇا ڪريون؟ لزي، سندس شڪريو اَداڪر. شڪريو اَدا ڪر.“
لـِـزيءَ جو خوبصورت چهرو، هڪدم ڳنڀير ٿي ويو. هوءَ جيتري قدر ڪرسيءَ تان اُٿي ٿي سگهي، اُٿي بيٺي. مربيءَ جي اڳيان ٻئي هٿ جوڙي بيٺي. مگر ڪيتري به ضبط ڪرڻ جي باوجود، هوءَ پنهنجي کـِـلَِ کي روڪي نه سگهي.
”اِها هن تي آهي.“ هـُـن اِليوشا ڏانهن نهاريندي چيو. هــن مان سندس ٻاراڻي بيزارگي ظاهر ٿي ڏٺي ۽ هوءَ پنهنجي خوش مذاقيءَ کي روڪي نه سگهي. اُتي جيڪڏهن ڪو موجود هجي ها، ته اُهو آسانيءَ سان اِليوشا جي چهري تي بدليل رنگ کي، جنهن سندس ڳلن کي گـُـلابي بڻائي ڇڏيو، جلدي سمجهي سگهي ها. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو هيٺ نهارڻ لڳو.
”اوهان جي لاءِ هن وٽ پيغام آهي. اليگزي فيودور ووچ. توهان ڪيئن آهيو؟“ ماڻس اِليوشا ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، جنهن تي نهايت نفيس دستانو چڙهيل هو.
مربي پاسو بدلائي، مـُـڙي، اِليوشا ڏانهن غور سان نهاريو. اِليوشا، لـِـزيءَ جي ويجهو ويو ۽ عجيب بيهودي نموني سان مـُـشڪي، اُن ڏانهن پنهنجو هـٿ وڌايو. لـِـزي هاڻي پاڻ کي گهڻو اُوچو سمجهڻ لڳي.
”ڪيٽرينا ايونوا، اوهان ڏانهن هيءُ منهنجي ذريعي موڪليو آهي.“ هـُـن هڪ ننڍڙو ڪاغذ کيس وَڌائي ڏنو. ”هـُـن خاص طرح اوهان کي عرض ڪيو آهي، ته جيترو ٿي سگهي، ايترو جلد وٽس وڃو، کيس پـَـڪَ آهي، ته اوهان کيس ناراض نه ڪندا ۽ ضرور وٽس ويندا.“
”هن منهنجي لاءِ چيو آهي، ته کيس ملڻ وڃان؟ منهنجي لاءِ؟ آخر ڇا جي لاءِ؟“ اِليوشا تعجب وچان بـڙ بڙ ڪندو رهيو. سندس چهرو بلڪل تشويشناڪ ٿي لڳو.
”اُن جو واسطو ته سچ پچ دمتري فيودور پاولووچ سان آهي. مان اُهو ٻڌائيندس جو پوءِ ٿي گذريو آهي.“ ماڻس سمجهائڻ لڳي - ”ڪيٽرينا ايونوا بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي پر هوءَ اوهان سان ملڻ گهري ٿي. ڇا جي لاءِ؟ سو مان ٻـُـڌائي نه ٿي سگهان پر هوءَ اوهان سان جلد ملڻ گهـُـري ٿي. اِها پـَـڪ آهي، ته اوهان اُن ڏانهن ضرور ويندا. هيءُ هڪ مذهبي فرض سمجهو.“
”مان ته کيس هڪ ڀيرو ڏٺو آهي.“ اِليوشا، ساڳي پريشانيءَ جي حالت ۾ چيو.
”او، هـُـو ڪهڙي نه پرستش جي قابل ۽ بي نظير شخصيت آهي! جيڪڏهن فقط سندس تڪليفن خاطر ... ٿورو سوچيو، ته مٿس ڇا ڇا نه گذريو آهي ۽ ڇا نه هوءَ برداشت ڪري رهي آهي! خيال ته ڪيو، هـُـن لاءِ ڇا باقي بچيو آهي، هيءُ سڀ ڪجهه وحشتناڪ آهي، وحشتناڪ!”
”چڱو مان ويندس.“ اِليوشا ننڍڙي ڪاغذ کي پڙهندي چيو، جو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ پـُـرسرار هو، جنهن ۾ اهو عرض ڪيل هو، ته هـُـو سواءِ ڪنهن غور ڪرڻ جي وٽس ايندو.
لـِـزيءَ وٽ جيترو به آواز هو، اُن سان رڙ ڪري چيائين ته، ”اوهان ڪيترا نه مهربان آهيو! مون ڏانهن ڏسو، مان پنهنجي ماءُ کي چيو هو ته، ”هـُـو ڪنهن به قيمت تي نه ويندو. هـُـو پنهنجي نفس کي پاڪ ڪرڻ ۾ مشغول آهي. توهان ڪيڏا نه نيڪ آهيو. مان هميشه خيال ڪندي هيس ته توهان نيڪ هوندا. مان ايئن چوندي، ڪيتري نه خوش ٿي ٿيان.“
لـِـزيءَ جي ماءُ چپن ۾ مشڪي ۽ زوردار آواز ۾ چيائين ته، ”اليگزي فيودور ووچ! تو اسان کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. تون اسان ڏي اَچين ئي نه ٿو. اُن هوندي به لـِـزيءَ مون کي ٻه ڀيرا چيو آهي، ته هوءَ اوهان کان سواءِ ڪڏهن به خوش نه ٿي رهي.“
اِليوشا پنهنجين جهڪيل نگاهن کي مٿي کنيو ۽ وري سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هـُـو وري به بنا ڪنهن مطلب جي مشڪيو. مربيءَ ٻيهر کيس وري نه نهاريو. بلڪ اُن راهب سان، جنهن جي بابت ٻـُـڌائي آيو آهيان ته، هـُـو لزيءَ جي ڪرسيءَ جي ڀرسان منتظر هو، ڳالهائڻ شروع ڪيو.
اُهو راهب، سادو ۽ تنگ نظر، ڪڙمين جي گروهه مان ٿي لڳو، مگر ايمان وارو ۽ راسخ الاعتقاد ٿي ڏٺو. هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو نهايت ڏورانهين پنڌ جو، اُتر ۾ اُبدور سڪ جو ويٺل آهي ۽ سينٽ سيئلويسٽر جي غريباڻي خانقاه سان تعلق ٿو رکي، جنهن ۾ فقط ڏهه راهب رهن ٿا. مربيءَ کيس دعا ڪري دعوت ڏني، ته جنهن وقت به سندس دل چاهي، سندس حجري ۾ اَچي وڃي سگهي ٿو.
اوچتو اُن راهب، لـِـزيءَ جي شفا ڏي، واضح ۽ يقين سان اشارو ڪيو.
”بيشڪ اسان گهڻو اڳ ۾، هن جي شفا جون ڳالهيون ٿا ڪريون. جيڪڏهن ٿورو هـِـن کي افاقو ٿيو آهي، ته هيءَ مڪمل شفا ته نه چئبي. شايد ٻين سببن جي ڪري وري مرض وڌي وڃي، پر جيڪڏهن ڪا شفا ٿي به آهي، ته اها ڪنهن جي به طاقت نه آهي، پر خدا جي مرضي آهي. هيءُ سڀ خدا جي طرف کان آهي. مون کي ڏسو پيءُ!” هن راهب سان ڳالهائيندي چيو ته ”هيءُ ڪو منهنجو معمول نه آهي، ته مان ملاقاتين کي ڏسان. مان بيمار آهيان ۽ مون کي خبر آهي، ته منهنجا ڪي ٿورا ڏينهن باقي بچيا آهن.“
”اڙي، نه، نه، خدا اوهان کي اسان کان ڌار نه ڪندو. توهان اَڃا گهڻو عرصو جيئرو رهندا. تمام گهڻو وقت“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو. ”اوهان ڪيئن ٿا پاڻ کي بيمار چئو؟ اوهان ته بلڪل خوش ٿا نظر اَچو. سالم ۽ پـُـر مسرت!“
”مان اڄ دستور کان وڌيڪ خوش آهيان، پر اهو سڀ هڪ گهڙيءَ لاءِ آهي، مان پنهنجي مرض کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن مان توکي خوش نظر اَچان ٿو، ته مون کي اِن کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ خوش ڪري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو خوشيءَ لاءِ بڻايو ويو آهي. جو ماڻهو مڪمل طرح خوش آهي، اُن کي حق آهي، ته هو پاڻ کي چوي ته مان خدا جي رضا کي زمين تي پورو ڪري رهيو آهيان. سڀئي نيڪ مرد، سڀئي ولي ۽ سڀئي شهيد خوش هئا.“
”او، ڪيئن نه اوهان ڳالهائي رهيا آهيو. ڪيڏا نه جرئت وارا ۽ بلند الفاظ آهن؟“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو، ”اوهان جا لفظ دل ۾ گهڙيو ٿا وڃن. اَڃا به خوشي ۽ خوشي - اُها آهي ڪٿي؟ ڪو پنهنجي لاءِ ڪيئن چئي سگهي ٿو، ته هـُـو خوش آهي، جيئن ته اوهان اَسان سان نهايت مهربانيءَ سان هليا آهيو، اُنڪري اجازت ڏيو، ته اسان اڄ هڪ ڀيرو وڌيڪ اوهان کي ڏسڻ لاءِ اچون. مهرباني ڪري غور سان ٻـُـڌو، ته جن ڳالهين کي مان اڳ ۾ چئي نه سگهي آهيان، اُنهن جي ٻـُـڌائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي آهيان، جي ڳالهيون مون کي گهڻي وقت کان رنج ڏئي رهيون آهن، اُنهن جي بابت اوهان وٽ قبوليت ڏيان. مان نهايت دُکي آهيان، مون کي معاف ڪر، مان نهايت دُکي آهيان!”
هـُـن احساس جي جوش کان، مربيءَ جي سامهون پنهنجن هٿن کي مهٽيو.
”خاص ڪري ڪهڙي شيءِ کان ڏکي آهين؟“
”مان اعتقاد جي گهٽتائيءَ کان ڏکي آهيان.“
”خدا بابت بي اعتقادي؟“
”نه نه، مان اُن بابت ته خيال ڪرڻ جي همٿ به نه ٿي ڪري سگهان. مگر زندگيءَ جو مستقبل - اِها منهنجي لاءِ هڪ وڏي ڳجهارت آهي. ڪوبه نه، ڪوبه نه اُنهن کي حل ڪري ٿو سگهي. غور سان ٻـُـڌو، اوهان عظيم معالـج آهيو ۽ انساني روح کان ڪامل آگاهي ٿا رکو، بيشڪ مان اُنهن جي هام هڻي نه ٿي سگهان، ته اوهان کي اِها اُميد هجي، ته مون ۾ ڪو ڪامل اعتقاد آهي، پر مان اوهان کي پنهنجي عزت جو قسم ڏيندي يقين ڏياريان ٿي، ته هاڻي مان بي توجهيءَ سان نه ٿي ڳالهايان. قبر ۾ زندگيءَ جو خوف ڀريو خيال مون کي دهشت ۽ پريشاني ٿو ڏئي. مون کي خبر نه آهي، ته مان اِن لاءِ، ڪنهن ڏي رجوع ٿيان. جنهن جي مان سڄي حياتي همـت نه ڪري سگهي آهيان؟ هاڻي مون ۾ همٿ آئي آهي، ته هاڻي اوهان کان پڇان. خدايا! هاڻي اوهان مون لاءِ اَلائجي ڇا سوچيندا هوندا؟“
هن پنهنجا هٿ مهٽيا.
”تون پاڻ کي پنهنجي راءِ بابت تڪليف نه ڏئي.“ مربيءَ چيو، ”مون کي اوهان جي تڪليف جي صداقت بابت پورو پورو يقين آهي.“
”آه! ڪيتري قدر نه مان اوهان جي شـُـڪرگذار آهيان. اوهان کي خبر هجي، ته مان جنهن وقت پنهنجون اکيون ٻـُـوٽيان ٿي، فڪر ڪريان ٿي ۽ پاڻ کان پڇان ٿي، ته جيڪڏهن سڀني کي ايمان آهي، ته هيءُ ايمان ڪٿان ٿو اچي؟ ڪو چوي ته هيءُ سڀ اُن دهشت کان آهي، جو فطرت جي مظاهر جي خوف کان پيدا ٿئي ٿو ۽ اُنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. هيءُ ڏسندي به مان پاڻ کي چوان ٿي، ته سڄي حياتي ايماندار رهڻ کان پوءِ به جڏهن مرنديس تڏهن منهنجو ڪوبه نشان نه رهندو، مگر قبر تي فقط اُڀريل گاهه، جيئن مان ڪنهن مصنف جي تصنيف ۾ پڙهيو آهي. هيءُ ڀيانڪ آهي! ڪهڙيءَ ريت مان پنهنجي اعتقاد کي موٽائي سگهان، مون ننڍپڻ ۾ بنا ڪنهن فڪر جي، ڪـَـٺ پـُـتليءَ وانگر اهو اعتقاد ٿي رکيو. ڪيئن هن کي ڪو ثابت ڪري سگهندو؟ مان هاڻي اچي اوهان جي سامهون پنهنجي روح کي رکيو آهي ۽ اوهان کان اُن بابت پڇان ٿي. جيڪڏهن هيءُ اتفاق به مون کان ويو، ته سڄي حياتي، ڪوبه مون کي اُن جو جواب ڏئي نه سگهندو. پوءِ ڪيئن مان هن کي ثابت ڪري سگهنديس ۽ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهنديس؟ ڪيتري نه مان رنجيده آهيان. مان بيهي پاڻ کي ڏسان ٿي، ته مشڪل سان ڪو ٻيو منهنجي پرواهه ڪري ٿو. ڪو به دماغ هن لاءِ پاڻ کي تڪليف نه ٿو ڏئي. مان ئي اَڪيلي آهيان، جا هن کي سمجهي نه ٿي سگهان. هيءُ منهنجي لاءِ ماريندڙ آهي ..... ماريندڙ!
”بيشڪ، هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي. مگر هن کي ثابت ڪري ئي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ تون اُن کان متاثر به ٿي وڃين.“
”فعال محبت جي اثر سان حتي المقدور ۽ سرگرم محبت سان پاڙيسرين کي پيار ڪر. هن محبت ۾ جيئن تون وڌندي ۽ اُسرندي ويندينءَ، تنهنجي دل ۾ خدا جي صداقت لاءِ يقين پيدا ٿيندو ويندو، ۽ تنهنجي روح جي غيرفاني هئڻ جو دليل بڻبو. جيڪڏهن تو ۾ پاڙيسريءَ جي لاءِ مڪمل خود فراموشيءَ جي حالت پيدا ٿي، تڏهن توکي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي يقين پيدا ٿيندو، جو ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي دل جي گهرائين ۾ داخل ٿي وڃي. هن کي آزمايو ويو آهي ۽ اُن جو يقين آهي.“
”فعال محبت ۾؟ هتي ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو - هڪ عجيب سوال! اوهان غور ڪريو ته، مون کي انسانيت سان محبت آهي. اوهان کي شايد اُن جو يقين اچي؟ اَڪثر مون کي هيءُ خيال ايندو آهي ته جو ڪجهه به آهي، اُن کي ترڪ ڪري ڇڏيان، ايتري قدر جو لـِـزيءَ کي به، ۽ تارڪ الدنيا راهب بڻجي وڃان. مان اکيون بند ڪري خيال ڪندي آهيان ۽ اِهو خواب ڏسندي آهيان. اُن وقت مان پاڻ ۾ غيبي طاقت محسوس ڪندي آهيان، جا سڀني خرابين تي ڇانئجي ويندي آهي. اُن وقت مان ڪنهن به زخم يا ڏک ڀري تڪليف کان نه ڊڄندي آهيان. مان اُنهن کي قابو ڪري پنهنجن هٿن سان ڌوئي صاف ڪندي آهيان. مان مصيبت ماريلن جي مداوا ڪنديس. مان تيار آهيان ته اُنهن زخمن کي چمان“.
”هيءُ چڱو ٿيو، جو تنهنجي دل انهن خوابن سان معمور آهي، ۽ اُن ۾ غير نه آهي. ڪنهن وقت نه ڄاڻندي به تون نيڪيءَ جو ڪم، حقيقت سمجهي سرانجام ٿي ڪرين.“
”هائو، پر مان اهڙي حياتي هميشـه گذاري سگهنديس؟ هوءَ معزز عورت ڪجهه گرميءَ مان چوڻ لڳي، ”هيءَ مکيه سوال آهي ۽ نهايت تڪليف ڏيندڙ سوال! مان پنهنجون اکيون بند ڪري پاڻ کي چوندي آهيان، ته ”تون گهڻو وقت پاڻ کي هن رستي تي قائم رکي سگهندين؟ جيڪڏهن ڪو مريض، جنهن جا تون زخم ڌوئي رهين آهين، تنهنجي ناشڪر گذاريءَ ڪري ۽ اُٽلو پنهنجي هـَـوس سان مايوس بڻائي، تنهنجي فياضيءَ سان ڀريل خدمتن کي ناقدردانيءَ سان ڏسي ۽ غليظ گفتگو ڪري، شوخي سان ملائي ۽ توکان وڌيڪ اقتدار وارن وٽ شڪايت ڪري (اُهو اڪثر تڏهن جڏهن ماڻهو وڏيءَ تڪليف ۾ هوندو آهي) - پوءِ ڇا؟ اوهان جي محبت پوءِ به باقي رهي سگهي ٿي يا نه؟ هاڻي اوهان خيال ڪريو، مان ڪهڙي نه دهشت انگيز نتيجي تي پهچي وئي آهيان. جيڪڏهن ڪا به شي“، منهنجي انسانيت جي محبت کي پاش پاش ڪري ٿي، ته اِها ناشڪرگذاري آهي. مختصر ته پوءِ ايئن لڳي ٿو، ته مان مزدوريءَ تي هڪ ملازمه آهيان ۽ مون کي اُميد رکڻ گهرجي، ته اُن جي رقم مون کي هڪدم ملي وڃي - اِهائي محبت جي لاءِ محبت جي تعريف ۽ اَدائگي آهي. ٻيءَ حالت ۾ مان ڪنهن کي پيار ڪرڻ جي لائق ئي نه آهيان.“
ايئن چوندي، هن مان پنهنجي لاءِ شديد نفرت جو احساس پئي ڏٺو. هن مربيءَ ڏانهن حريفاڻين نگاهن سان نهاريو ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي.
”هيءَ ساڳي ڪهاڻي آهي، جا مون کي هڪ ڀيري هڪ ڊاڪٽر ٻـُـڌائي هئي“. مربيءَ چيو. ”هو وڏيءَ عمر وارو ” نهايت هوشيار هو. هـُـو به ايئن صاف ڳالهائي رهيو هو، جيئن اوهان. جيتوڻيڪ هـُـو مذاق هو ۽ تلخ مذاق. هـُـن چيو ته مان انسانيت سان پيار رکان ٿو، پر مان پاڻ تي عجب به کاوان ٿو. جيئن مان عام طرح انسانيت کي پيار ڪريان ٿو، تيئن مان خاص طرح انسان سان گهٽ محبت ڪريان ٿوءِ. هن چيو، ته مان اَڪثر پنهنجي خوابن ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ وڏي شوق مان رٿون تيار ڪندو آهيان. اُن لاءِ جيڪڏهن هيءُ ضروري ٿي پوي، ته مان صليب تي چڙهي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهيان. اُن هوندي به مان هڪ ڪمري ۾، ڪنهن سان به، ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهي نه سگهندو آهيان. جيئن مون کي پنهنجو تجربو آهي، ته جيئن ئي ڪو منهنجي ويجهو ايندو آهي، ته اُن جي شخصيت مون ۾ بي آرامي پيدا ڪندي آهي ۽ منهنجي آزاديءَ جي مٿان روڪ پئجي ويندي ۽ خاطر جمعي کسجي ويندي آهي. چوويهن ڪلاڪن جي اندر اندر مان بهترين انسان کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان، ڇو؟ هڪ ته هـُـو رات جي مانيءَ تي گهڻو وقت وٺي ٿو. ٻيو ته کيس زڪام آهي، ۽ هر وقت نـَـڪ کي پيو ٿو سڻڪي. مان اُنهن ماڻهن جو اُن وقت دشمن بڻجي وڃان ٿو، جڏهن هـُـو منهنجي قريب اچن ٿا. مگر هميشه ايئن ضرور ٿيو آهي، ته جيئن مان انسانن سان انفرادي طرح نفرت ڪريان ٿو، تيئن انسانيت سان محبت ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي.“
”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن حالت ۾ ڪو ڇا ڪري سگهي ٿو. هـُـن کي نااُميدي ۾ رهڻ گهرجي؟“
”نه، اُهو ناخوشيءَ جو انداز خود اُميدافزا آهي. توکي جيڪي وڻي سو ڪر، اِهو فعل توکي خود جاچي ٻڌائيندو، ته تو اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. تو نهايت گهرائيءَ ۽ صداقت سان پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن واقعي تون مون سان ايڏو صداقت سان ڳالهائيندي رهي آهين ۽ اِهو فقط اِنهيءَ لاءِ آهي، ته تون فقط پنهنجي صاف گوئيءَ لاءِ، منهنجي پسنديدگي حاصل ڪرين، جا ٿورو وقت اڳ مون کان حاصل ڪئي اَٿئي، ته اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪڏهن به سچي محبت جي مسرت حاصل ڪري نه سگهندينءَ. تنهنجون سڀئي شيون خوابي حيثيت ۾ رهنديون ۽ تنهنجي سڄي حياتي وهمي صورت بڻجي پوندي. اهڙيءَ حالت ۾ فطرتاََ تون پنهنجي آئنده حيات تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندين. تنهنجي خواهش آخر ۾ سنجيدگيءَ جو فقط نمونو بڻجي ويندي.“
”اوهان مون کي مغلوب ڪري ڇڏيو، هاڻي ۽ هن گفتگو ڪرڻ سان. مان ڄاڻان ٿي ته سچ پچ کان پنهنجي صداقت لاءِ فقط اوهان جي پسنديدگي تي ڳولي، اُن وقت جڏهن مان اوهان کي چيو ٿي، ته مان ناشڪرگذاريءَ کي برداشت ڪري نه ٿي سگهان. اوهان مون کي، منهنجي سامهون ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اوهان منهنجي اندر جي گهراين کي ڏٺو آهي ۽ منهنجي سامهون ئي منهنجي تشريح ڪئي آهي“.
”تون سچ ڳالهائي رهين آهين. هاڻي تنهنجي هن اعتراف کان پوءِ، مان خيال ٿو ڪريان ته تون سچ ٿي چوين ۽ تنهنجو قلب پاڪ آهي. جڏهن توکي ڪا خوشي حاصل نه ٿي ٿئي، ته توکي هميشه ياد رکڻ گهرجي ته سنئين رستي تي آهين. پوءِ توکي ڪوشش ڪري اهو ڇڏڻ گهرجي. سڀ کان مٿي ڪوڙ کان پاسو ڪر، سڀ ڪنهن قسم جي ڪوڙ کان. خاص ڪري اُن ڪوڙ کان، جو پاڻ سان ٿي ڳالهائين. تون پنهنجي فريب تي نظر رک. گهڙي گهڙي ۽ هر منٽ ۾ اُن کي ڏِسُ. اِهڙيءَ ريت پاڻ کان ۽ ٻين کان نفرت ڪرڻ ڇڏي ڏئي. جا به تو ۾ خرابي ڏسڻ ۾ اَچي ٿي، اُها اهڙيءَ ريت نظر ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ صاف ٿي ويندي. خوف ۽ خطري کان پاسو ڪر، ڇو ته خوف به ڪوڙ جي پيداوار آهي. محبت جي حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي قلب جي ناتواني کان نه ڊڄ. تون پنهنجي بدعمليءَ کان به خوف نه کاءُ. مون کي ڏک آهي، جو مان هن کان وڌيڪ تنهنجي تسليءَ لاءِ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته عملي محبت، خوابي محبت کان وڌيڪ ڏکي ۽ خوفائتي شيءِ آهي. رويائي محبت جو عمل تڪڙو ۽ فوري ٿئي ٿو، جو سڀني جي توجهه کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اُن جو عامل اُن موقعي تي، پنهنجو سر به فدا ڪري ڇڏي، پر هيءَ آزمائش جٽاءَ واري نه ٿي ٿئي ۽ جلد ئي ختم ٿي وڃي ٿي. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن ڪنهن کي اسٽيج تي ويهاريو وڃي ۽ سندس ساراهه ڪئي وڃي. مگر عملي محبت، محنت ۽ مصيبت ۾ تحمل آهي. ڪن ماڻهن لاءِ ته مڪمل علم آهي. مان اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ گهران ٿو ته اُن وقت جڏهن اوهان وحشت سان هيءُ ڏسو ته پنهنجن ڪوششن هوندي به پنهنجي منزل کي قريب تر هئڻ جي بجاءِ پري وڃي رهيا آهيو - اُن وقت ئي اوهان پنهنجي مراد کي پهچو ٿا ۽ خالق جي پراِسرار طاقت کي گرفت ۾ آڻيو ٿا، جو هميشه اوهان کي پيار ڪري ٿو ۽ اوهان جو رهنما آهي. مون کي معاف ڪيو، جو مان گهڻو وقت اوهان وٽ ترسي نه سگهان. ٻيا منهنجي انتظار ۾ آهن. خدا حافظ!”
معزز عورت روئي رهي هئي. هن اوچتو رڙ ڪري چيو:
”لزي، لزي، هن کي دعا ڪريو.“
مربيءَ مذاق مان چيو، ”هيءَ محبت ڪرڻ جي لائق نه آهي. مان سمورو وقت سندس شرارتن کي ڏسندو رهيو آهيان. تون اليڪسي تي ڇو کلي رهي هئين؟“
لزي سچ پچ سمورو وقت مٿس ٺٺولي ڪندي ٿي رهي. هـُـن اڳ ۾ سمجهي ڇڏيو هو، ته اليوشا شرميلو ۽ اُن ڏانهن ڏسڻ کان ڪيٻائي ٿو، جو کيس نهايت وڻندڙ ٿي لڳو. هـُـن ڄاڻي ٻجهي انتظار ٿي ڪيو، ته سندس اکين سان پنهنجون اکيون ملائي. مگر اليوشا ثابت قدميءَ سان، اُنهن نگاهن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهيو. هـُـن اُن قابلِ مزاحمت نگاهه کي اوچتو کنيو ۽ لزيءَ ڏي نهاريائين. هـُـن خوشيءَ مان مشڪي سندس چهري ڏانهن ڏٺو. اليوشا زياده بي حواس بڻجي ويو ۽ آخر اُتان ڦـِـري وڃي مربيءَ جي پٺيان لڪو. ٿوري وقفي کان پوءِ، ڪنهن ناقابلِ برداشت ڪشش کان هن اکيون کڻي ڏٺو، ته اَڃا به اُن ڏانهن نهاريو وڃي ٿو يا نه؟ هن ڏٺو ته لـِـزي، ڪرسيءَ مان لڙڪي، پاسي کان ليئا پائي رهي آهي ۽ شوق مان انتظار ڪري رهي هئي، ته هـُـو اُن ڏانهن نهاري به ٿو يا نه؟ سندس نگاهه کي ڏسندي، ايترو ته کلي جو مربيءَ کي چوڻو پيو، ته ”شرير ڇوڪري! هن سان ايترو مذاق ڇو ڪري رهي آهين؟“
لـِـزيءَ جو چهرو اوچتو ۽ اُميد جي خلاف ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چهرو بلڪل سنجيده ٿي ويو. هن نهايت تڪڙي ۽ بي چين آواز ۾، جو شڪوه سان ڀريل هو، چيو ته:
”هن، سڀڪنهن شيءِ کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ مان جڏهن ننڍڙي هيس، ته هيءُ مون کي کڻندو هو. اَسان گڏجي کيڏندا هئاسون. هـُـو مون کي پڙهائڻ لاءِ ايندو هو. اوهان کي هنن ڳالهين جي خبر آهي؟ ٻه سال گذريا، جڏهن ويو ٿي، تڏهن مون کي چيو هئائين، ته هـُـو مون کي نه وساريندو. اسان هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ! هڪ ٻئي جا دوست آهيون. مگر هاڻي هـُـو هڪدم مون کان خوف کائڻ لڳو آهي. ڇا مان هن کي ڳڙڪائي وينديس؟ هـُـو ڇو نه ٿو منهنجي ويجهو اَچي؟ ڇو نه ٿو مون سان ڳالهائي؟ ڇو، هـُـو اسان کي ڏسڻ لاءِ نه ايندو؟ اوهان ئي آهيو، جو کيس اسان ڏي اَچڻ جي اجازت نه ٿا ڏيو. اسان کي خبر آهي ته هـُـو جاڏي ڪاڏي وڃي ٿو. هيءُ منهنجو اخلاق نه آهي، جو مان کيس دعوت ڏيان. کيس اِهو پاڻ، پهريائين خيال ڪرڻ کپندو هو، جيڪڏهن واقعي، هـُـن مون کي نه وساريو آهي. نه، هاڻي هـُـو پنهنجي روح جو بچاءُ ڪري رهيو آهي! اوهان کيس اِهو ڊگهو جـُـبو ڇو پهرايو آهي؟ هن سان جيڪڏهن هـُـو ڊوڙندو ته ڪـِـري پوندو.“
اوچتو هن پنهنجي چهري کي هٿن ۾ لڪايو. اَڻ سهڻ جهڙي اعصابي دوري ۾ مبتلا ٿي ڏڪي به رهي هئي ۽ کـِـلي به رهي هئي. مربي مـُـشڪي، کيس غور سان ٻـُـڌو. نهايت پيار مان کيس دعا ڪيائين. جيئن ئي لـِـزي سندس هٿ کي چميو، هـُـن اُوچتو، اُن کي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ دانهون ڪرڻ لڳي.
”مون تي غصو نه ڪريو. مان بيوقوف آهيان ۽ ڪنهن به ڪم جي نه آهيان ... شايد اليوشا صحيح هجي، بلڪل صحيح. شايد هـُـو مون جهڙي نامعقول ڇوڪريءَ کي اَچي، ڏسڻ نه چاهيندو هجي!”
پر مربيءَ کيس چيو، ته ”مان پـَـڪَ سان کيس اوهان ڏي موڪليندس“.