ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب ٽيون: ٻي شادي، ٻيو گهر

چئن سالن جي ننڍڙي مـِـتيا کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ بعد، هن جلد ئي ٻي شادي ڪئي هئي. فيودور پاولووچ جي هيءَ شادي اَٺن سالن تائين رهي. سندس ٻي شادي صوفيا ايونونا سان ٿي، جيڪا پڻ ننڍي عمر جي هئي. هوءَ هڪ ٻئي علائقي سان تعلق رکندڙ هئي، جتي هـُـو ڪنهن ڪم سانگي هڪ يهوديءَ سان گڏجي ويو هو. فيودور پاولووچ جيتوڻيڪ شرابي هو، مگر ڌنڌي ۾ پيسي سيڙائڻ ۽ اُن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ هو ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪندو هو. صوفيا ايونونا هڪ گمنام پادريءَ جي نياڻي هئي، جا ننڍڙي هوندي ئي يتيم ٿي وئي هئي. سندس هڪ فوجي آفيسر جي بيواهه زال جي گهر ۾ پرورش ٿي، جيڪا ڪافي مالدار هئي. اها بيواهه عورت جيتوڻيڪ سندس خيرخواهه هئي، پر گهٽ تڪليف ڏيندڙ به نه هئي. مون کي وڌيڪ ته خبر نه آهي، مگر ايترو سو ٻڌو اٿم ته هڪ ڀيري هن يتيم، نماڻي ۽ حليم سـُـڀاءَ واري ڇوڪريءَ کي، اُن عورت مٿي، ڇـَـتِ نوڙيءَ سان ٽنگي، پوءِ اُن نوڙيءَ کي کڻي ڪپيو هو. هن ٻڍي عورت مان، کيس هميشه اهڙيون ئي تڪليفون ۽ سختيون پهچنديون هيون. ٻڍي ظاهر ۾ دل جي ايتري خراب نه هئي، پر مستقل ڪاهليءَ سبب سندس طبعيت چيڙاڪ ٿي پئي هئي.

فيودور پاولووچ، کيس پهريائين شاديءَ جي آڇ ڪئي، مگر پڇاڳاڇا کان پوءِ کيس جواب مليو. پر اڳئينءَ شادي وانگر، هن وري به هن يتيم ڇوڪريءَ کي ساڻس ڀڄي هلڻ لاءِ تيار ڪيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي بروقت هن جي متعلق ٿورو وڌيڪ معلوم ٿئي ها، ته هوءَ شايد ڪڏهن به ساڻس شادي نه ڪري ها. هڪ ته ٻئي علائقي ۾ رهندڙ هئي، تنهن کانسواءِ هڪ سورنهن سالن جي ڇوڪريءَ جي سمجهه ئي ڪهڙي جو هوءَ اُنهن سڀني ڳالهين کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهي؟ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هـِـن پاتار ۾ رهڻ جي بجاءِ هـُـن پنهنجي مشفق وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪيو هجي! ڇوڪري آخرڪار هڪ همدرد وٽان ٻي همدرد وٽ پهچي وئي. فيودور پاولووچ کي هن ڀيري ڪجهه به نصيب نه ٿيو، ڇو ته پوڙهي عورت، جيڪا سندس سنڀاليندڙ هئي، غصي ۾ باهه ٿي وئي ۽ سواءِ پٽ پاراتي جي، کيس ٻيو ڪجهه به نه ڏنائين. فيودور پاولووچ کي ڏاج جي ڪا به ڳڻتي ڪانه ٿي، ڇو ته ڇوڪريءَ ۾ سندس ڪشش جو ڪافي سامان موجود هو. سونهن ۽ سوڀيا، سندس وڻندڙ معصوم چهرو، هن لاءِ سڀ ڪجهه هو. سندس بدڪاريءَ جي تسڪين لاءِ هن جو حسن اُن بازاري سونهن کان مٿي هو، جنهن جي ساراهه ڪندي هو ڍاپندو ئي نه هو. هـُـو اڪثر پوءِ چوندو هو ته ”هن جي معصوم اکين، منهنجي دل کي بنهه ڇـُـريءَ جيان چيري ڇڏيو آهي.“ فيودور پاولووچ جا اهي لفظ سندس شهواني (جنسي) خواهش کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. هن شاديءَ مان، جيئن ته کيس نه ڏاج مليو هو ۽ نه پيسو ڏوڪڙ ۽ کيس اها به ڄاڻ هئي، ته هـُـن ئي ڇوڪريءَ کيس تڪليفن مان ڇوٽڪارو نه ڏياريو آهي، اُن ڪري هو ساڻس اَڻ سهائيندڙ هلت هلڻ لڳو. کيس اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته سندس شاديءَ مان کيس ڪجهه به پـَـلئه نه پيو آهي، هو اڪثر هـُـن جي نماڻائي ۽ نهٺائيءَ جو غلط فائدو وٺندو هو ۽ ساڻس اُبتا پير کڻندو هو. هـُـن پنهنجي گهر کي بدڪار عورتن جو اَڏو بڻائي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي زال جي سامهون، هو ساڻن نازيبا حرڪتن ڪرڻ کان به نه گسندو هو. گذريل ڳالهين کي دهرائڻ کان اڳ ۾ ايترو ٻڌائڻ لازمي آهي، ته سندس نوڪر گريگري، جو ساڳئي وقت، هڪ بيوقوف، ضدي ۽ ڪجهه بحثي هو، جيترو سندس پهرئين زال ايڊيليڊيا ايونونا کي نفرت ۽ ڌڪار سان ڏسندو هو، ايترو ئي وري هن جي نئين زال جو پاسو وٺندو هو ۽ پيار ڪندو هو. هـُـو سندس ايتري ته طرفداري ڪندو هو، جو هڪ دفعي فيودور پاولووچ کي اهڙا ته ناشانائتا لفظ چئي ويو، جيڪي هڪ نوڪر کي ڪڏهن به نه چوڻ کپندا هئا. آخر نتيجو اهو نڪتو جو هيءَ بدنصيب عورت، جيڪا ننڍپڻ کان وٺي خوف ۽ دهشت جي دنيا ۾ پلي هئي، سا اعصابي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پئي. جيڪا بيماري ڳوٺاڻين عورتن ۾ عام ٿيندي آهي ۽ جنهن کي عام محاوري ۾ ’جن ورتي‘ چوندا آهن. انهن تڪليفن جي باعث هوءَ دماغي توازن به وڃائي ويٺي، پر ان هوندي به کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. ايون شاديءَ جي پهرئين سال ۾ ۽ اليگزي ٽن سالن کان پوءِ. جڏهن هوءَ مري وئي، ته اليگزي چئن سالن جو هو پر عجب هيءُ آهي ته هو عمر ڀر کيس وساري نه سگهيو. جيتوڻيڪ اُن لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪنهن خواب کان وڌ نه هو. موت کان پوءِ، سندس ٻن پٽن سان به اهائي ويڌن ٿي، جيڪا سندس وڏي پـُـٽَ مـِـتيا سان ٿي هئي. هو پنهنجي پيءُ کان بنهه وسري ويا هئا يا هن کين ڇڏي ڏنو هو. گريگري سندن سنڀال ڪرڻ لڳو. ڇوڪرا ان جي جهوپڙيءَ ۾ تيستائين رهيا، جيستائين ان بي رحم عورت، جنهن سندن ماءُ جي پرورش ڪئي هئي، کين پنهنجي قبضي ۾ نه آندو. هو اڃا زندهه هئي ۽ اٺن سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ کان پوءِ به کانئس اها بي عزتيءَ واري هلت نه وسري هئي، جيڪا ساڻس ڪئي وئي هئي. هوءَ هميشه کانئن صوفيا جي متعلق پڇندي رهندي هئي، ته هن ڪهڙي نموني حياتي گذاري؟ اهو هيبتناڪ ماحول، جنهن ۾ هن پنهنجي حياتيءَ جون گهڙيون ڪاٽيون ۽ سندس بيماريءَ جو احوال، جنهن سندس حياتيءَ کي ختم ڪيو. هن انهن ننڍڙن اڳيان هيئن به چيو ته: ”هن پنهنجو ڪـِـيتو لوڙيو آهي ۽ خدا کيس ناشڪريءَ جي سزا ڏني.“

صوفيا جي موت کي ٽي مهينا مس گذريا هئا، جو هوءَ اوچتو اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ۽ سڌو فيودور پاولووچ وٽ لنگهي وئي. هوءَ اسان جي ڳوٺ ۾ اڌ ڪلاڪ کن ترسي، پر اُن ٿوري عرصي ۾ هوءَ گهڻو ڪجهه ڪري وئي. اهو شام جو وقت هو. فيودور پاولووچ، جنهن کي هن اٺن سالن جي عرصي ۾ وري نه ڏٺو هو، سو شراب ۾ مست، سندس منهن پئجي ويو. ڳالهه هيئن ڪئي وڃي ٿي، ته سواءِ ڪجهه ڳالهائڻ جي، هن کيس ڀر ڪري ٻه زوردار چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ وارن کان جهلي، چڱيءَ ريت زمين تي ليٿڙايو. پوءِ سڌو ان جهوپڙيءَ ڏانهن ويئي، جتي ڇوڪرا رهندا هئا. ٻارن کي گدلو ۽ ميرو ڏسي، اَچي گريگريءَ تي مڇري ۽ چڱي ڇنڊ ڪڍيائينس. پوءِ ٻارن کي اُن ئي حالت ۾، جنهن ۾ هئا، کڻي گاڏيءَ ۾ وڌائين ۽ سڌو اچي پنهنجي ڳوٺ نڪتي. گريگري پنهنجي ذلت تي ٻڙڪ به نه ڪڍي، پر جڏهن هو کيس گاڏيءَ تائين پهچائڻ آيو تڏهن نوڙي فقط ايترو چيائين ته ”خدا توکي هنن يتيمن جي پرورش جي عيوض اجر ڏيندو“ مگر ٻـُـڍيءَ رڙ ڪري چيو ته ”اوهان سڀ ڪند فهم آهيو.“
فيودور پاولووچ جڏهن اُن تي سوچيو، ته کيس اُهو سڀ ڪجهه، جيڪو ٿي گذريو هو، سو ٺيڪ نظر آيو. اُن کان سواءِ ٻڍيءَ جي هيءَ آڇ ته - هوءَ سندس ٻارن جي تعليم جو بندوبست پاڻ ڪندي - کيس بـُـري نه لڳي. چماٽون، جيڪي کيس لڳيون هيون يا ذلت، جيڪا ساڻس ٿي گذري هئي، تنهن کي هڪ دلگداز داستان بڻائي، هو شهر جي هر گهٽيءَ ۽ چوراهي تي دهرائيندو رهيو.
پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اها ٻڍي ستت ئي گذاري وئي، پر هوءَ پنهنجي وصيت ۾ ٻه هزار روبل هن شرط تي وقف ڪري وئي، ته اهي صرف ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪيا وڃن. اهڙيءَ ريت جيئن اها رقم سندن ويهن ورهين جي عمر تائين خرچ ٿيندي رهي. مون ان وصيت نامي کي پاڻ ڪونه پڙهيو هو پر ٻڌم ته هڪ عجيب منجهائيندڙ ڍنگ ۽ طرز تي لکيل هو. پيسن جو امين بيفيم پيٽروويچ پولينيوف، جيڪو علائقي جو فوجي عملدار هو، تنهن کي بڻايو ويو هو. هو نهايت ئي ايماندار هو. فيودور پاولووچ بار بار کيس لکندو رهيو ته انهن پيسن مان کيس به ڪجهه ڏنو وڃي، پر هن هڪ ڪوڙي ڪوڏي به ڪانه ڏنس، ڇو ته کيس خبر هئي ته اهي پيسا فقط ٻارن جي تعليم لاءِ ئي آهن. بيفيم پيٽروويچ جي دل ڪشادي ۽ سخي هئي. هن جهڙا ماڻهو اڄڪلهه ملڻ مشڪل آهن. ننڍڙا نينگر، سندس ڏاڍا ٿورائتا آهن، جو سندن تعليم ۽ تربيت تي هن خاص ڌيان ڏنو هو. ٻڍيءَ جي هن سموري رقم کي هن پاسيرو ڪري رکيو، جيئن عمر رسيده ٿيڻ تي، اهو سمورو پيسو کين وياج سميت ٻيڻو ڪري ڏئي. هن پنهنجي هڙؤن خرچ ڪري کين پڙهايو ۽ هر هڪ تي هڪ هزار روبل خرچ ڪيا. مان هن جي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ بابت ڪجهه به نه چوندس، پر ڪن لازمي ڳالهين جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
ايون جي متعلق مان ايترو چوندس ته هو بدمزاج ۽ رکو روح ٿي ساماڻو، جيتوڻيڪ لڄارو به نه هو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن محسوس ڪيو، ته هو پنهنجي بلڪه ڌاريي گهر ۾ رهي ٿو ۽ ٻين جي خيرات تي پلجي رهيو آهي، کيس اهو به معلوم ٿيو، ته سندس پيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي.جنهن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ بي شرميءَ ۽ خواريءَ کان گهٽ نه آهي. ننڍپڻ ۾ ئي هي ٻار جيئن چيو وڃي ٿو، غير معمولي ذهانت وارو هو ۽ کيس سکڻ لاءِ بيحد چاهه هو. مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ نه آهي ته ڇو، پر تيرهن سالن جو اَڃا مس هو، ته بيفيم پيٽروويچ جو گهر ڇڏي، وڃي ماسڪو جي ڪسرت گاهه ۾ داخل ٿيو. هو اُتي هڪ هوشيار ۽ قابل استاد سان رهڻ لڳو، جو بيفيم پيٽروويچ جو پراڻو دوست به هو. ايون پوءِ هميشه بيفيم پيٽروويچ جي تعريف ڪندو هو، ته اهو سڀ ڪجهه سندس ئي غير معمولي شوق جو نتيجو آهي. هو هن ڳالهه جو قائل هو ته هڪ ذهين شاگرد جي تربيت، هڪ ذهين استاد جي هٿن سان ئي ٿيڻ گهرجي. مگر افسوس، ايون جڏهن جوان ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جي قابل ٿيو، ته نه هن جو استاد ئي زندهه رهيو ۽ نه وري بيفيم پيٽروويچ ئي جيئرو رهيو. پر جيئن ته بيفيم پيٽروويچ ٻڍيءَ جي وصيت نامي ۽ پنهنجي طرفان ڪوبه شرط شروط داخل نه ڪيو هو ۽ هڪ هزار روبل، ٻن هزارن تائين وڃي پهتا هئا، انهيءَ ڪري، انهن جي ادائگيءَ ۾ ڪجهه دير ٿي، ڇو ته رشيا جي قانون موجب، ڪن رسمن جي پوئواري ڪرڻ ضروري هئي. ڇوڪري ان ڪري پهريان ٻه سال يونيورسٽيءَ ۾ سختي ۽ تنگدستيءَ ۾ گذاريا. هن پوري عرصي ۾، هن پنهنجي پيءُ کي ان بابت ڪجهه به نه لکيو. اها ان جي مغروري هئي، يا نفرت سندس ٿڌي طبعيت يا تيز ذهانت جو اهو نتيجو هو، جو هن سمجهيو ٿي، ته اهڙي پيءُ مان آخرڪار ڪجهه به پـَـلئه نه پوندو. اُن هوندي به هـُـو مايوس ۽ نااميد نه ٿيو، بلڪه ڪم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شروع ۾ هو خانگي طرح پڙهائيندو هو، پر پوءِ کيس جلد ئي هڪ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو ڪم ملي ويو. ان ڪالم ۾ هو شهر ۾، جيڪي واقعا ٿيندا هئا، انهن تي لکندو هو. اهي ڪالم ايتري قدر ته دلچسپ ۽ ساڳئي وقت چڀندڙ به هئا، جو ماڻهن ۾ تيزيءَ سان پسند پوڻ لڳا. حقيت ۾ اها ئي اڪيلي شئي هئي، جنهن سندس ذهانت ۽ ڄاڻ، انهن حاجتمند ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان کانئس مٿڀرو ٿي ڪيو، جيڪي اخبارن ۾ فرينچ زبان مان خبرن ترجمي ڪرڻ جي نوڪريءَ لاءِ به محتاج هئا. ايون فيودور پاولووچ، جڏهن هڪ دفعو ايڊيٽرن جي لهه وچڙ ۾ آيو، ته هو ان ناتي کي هميشه نڀائيندو آيو. ايڊيٽر سندس ذهانت کان ايترو ته متاثر ٿيا، جو جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو ٿي، تڏهن مختلف موضوعن تي سندس لکيل تبصرا، بنا ڪنهن ڍرائيءَ جي فخر سان شايع ڪندا هئا، جيڪي واقعي تحسين جي نگاهه سان ڏٺا ٿي ويا. اهڙيءَ ريت هو ادبي حلقن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. يونيورسٽيءَ جي پوين ڏينهن ۾ کيس وڌيڪ مشهوري حاصل ٿي. ايتري قدر جو يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو وڏو طبقو کيس ساراهڻ لڳو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو رهيو. هي عجب اتفاق هو ته جڏهن هو، يونيورسٽيءَ جي تعليم پوري ڪري چڪو ۽ ٻاهر وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو ته سندن مختلف لکيل مضمونن جو مجموعو شايع ٿي نڪتو. هن مجموعي ۾ هن انهن موضوعن تي لکيو هو، جن بابت عام ماڻهن کي اها ڄاڻ هئي، ته هو انهن کان بنهه بي خبر آهي. هو فطري علم جو طالب العلم هو، مگر انهن مضمونن ۾، هن گهڻو ڪري ڪليسائي مذهب جو ذڪر ڇيڙيو هو. جنهن تي ان وقت تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيندو ٿي رهيو. جدا جدا راين تي بحث ڪرڻ کان پوءِ، هن پنهنجي نڪتئه نظر جي وضاحت ڪئي هئي. سندس لکڻ جي طرز ماڻهن جي دلين تي هڪ اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏيو هو. هنن مضمونن جو ايترو اثر پيو جو ڪليسا جي ڪيترن ماڻهن، بنا ڪنهن هٻڪ جي کيس پنهنجو طرفدار ٿي سمجهيو. نه فقط ايترو، پر دينوي ماڻهن سان گڏ ڪيترن دهرين به سندس ساراهه جا ڍڪ ٿي ڀريا، پر آخرڪار ڪن ذهين ۽ هوشيار ماڻهن تاڙي ورتو، ته هنن مضمونن ۾ ڪجهه به نه آهي. رڳو غليظ ۽ کل جهڙي هـِـجو ۽ طعني زني ڪيل آهي. مان هيءُ ذڪر خاص اُن ڪري ٿو ڪريان، ڇو ته اسان جي پاڙي واري خانقاه ۾ رهندڙ ان ڪليسائي مذهب واري بحث ۽ مباحثي ۾ گهڻو چاهه وٺي رهيا هئا، سي بلڪل منجهي پيا. هو جڏهن مصنف جي نالي کان واقف ٿيا، تڏهن ان ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳا. ڇو ته هڪ ته هو سندن هم وطن هو ۽ ٻيو فيودور پاولووچ جو پٽ هو. پوءِ ستت ئي اسان جي ڳوٺ اَچي سهڙيو.
ايون فيودور پاولووچ اسان وٽ ڇو آيو، تنهن بابت مون کي پڪي يادگيري آهي. ان وقت مون خود پاڻ هن کان ڪجهه پڇيو هو، جيڪو مون کي ڪي قدر بي چين ٿي نظر آيو. سندس ڏک ڀريو اَچڻ، پوءِ ڪيترين ئي خرابين لاءِ پهريون قدم ثابت ٿيو، جنهن کي مون ان وقت خود به سمجهي نه ٿي سگهيو. ظاهر ۾ اهو عجب جهڙو ٿو لڳي ته ايون جهڙو پڙهيل ڪڙهيل، هٺيلو ۽ هوشيار نوجوان، ڪيئن اوچتو ئي اوچتو، بدنام گهر ۾، بدنام پيءُ وٽ گهڙي آيو، جنهن حياتيءَ ڀر ياد ته ڇا پر ڪڏهن هن بابت سوچيو به نه هوندو. هو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾ کيس پيسن ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جيتوڻيڪ کيس هميشه هن ڳالهه جو کٽڪو رهندو هو، ته هڪ نه هڪ ڏينهن ايون ۽ اليگزي کانئس ضرور پيسن جي تقاضا ڪندا. هيڏانهن هيءُ جوان پيءُ جي گهر ۾ ٻن مهينن کان رهيو پيو هو ۽ نهايت ئي ساز ۽ سلوڪ سان وقت پئي گذريو. هيءَ پوئين حقيقت گهڻن لاءِ ۽ خاص طرح منهنجي حيرت جو سبب بڻي. پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف جيڪو فيودور پاولووچ جي پهرئين زال جو سؤٽ هو ۽ جنهن جو اسين ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، سو اتفاق سان، اسان جي پاڙي ۾ رهيل هو. هو پنهنجيءَ زمين جي سلسلي ۾ آيل هو. هو پئرس کان آيو هو، جتي هو هميشه رهندو هو.
مون کي ياد آهي، ته ايون سان واقفيت پيدا ڪري، جيتري هن کي حيراني ٿي، ايتري شايد ئي ڪنهن کي ٿي هوندي. هو ايون کان بيحد متاثر ٿيو ۽ اڪثر ساڻس بحث مباحثو ڪندو نظر ايندو هو. هو سندس ڏاڍي تعريف ڪندو هو.
”هو ڏاڍو هٺيلو آهي“، هو هميشـه چوندو هو، ”هن کي هڪ ڪوڏيءَ جي به ضرورت نه پوندي، ڇو ته وٽس ايترو پيسو آهي، جو هو آسانيءَ سان ٻاهر وڃي سگهندو. آخر هن کي هتي ڇا گهرجي؟ ۽ اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. هو پيسن لاءِ ڪونه آيو آهي ۽ کيس پيءُ ڪڏهن به ڪجهه به نه ڏيندو. کيس شراب ۽ عياشيءَ سان ڪابه دلچسپي ڪانه آهي، مگر ان هوندي به پڻس کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ڏسو ته هو پاڻ ڪيترو نه رلي ملي ويا آهن.“
اُن ۾ سچ به هو. نوجوان پنهنجي پيءُ تي چڱو اثر پيدا ڪيو هو، جو هو سچ پچ ته ڏاڍي فضيلت ۽ ماڻهپي سان ملندو هو. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن ايئن پيو لڳندو هو، ڄڻ ته پيءُ پٽ جي حڪم مڃڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. جيتوڻيڪ فيودور پالووچ انتهائي درجي جو ڪينه پرور، ضدي ۽ تڪليف ڏيندڙ هو.
اسان کي پوءِ معلوم ٿيو، ته ايون پنهنجي وڏي ڀاءُ دمتريءَ جي چوڻ تي آيو هو، ۽ سندس ئي ڀلي خاطر، دمتريءَ کي هن پهريون ڀيرو، هت اچڻ کان پوءِ ڏٺو. جيتوڻيڪ ماسڪو ڇڏڻ کان اڳ هو ساڻس ڪنهن اهم معاملي تي خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو، ۽ جنهن جو واسطو هن کان وڌيڪ دمتريءَ سان هو. اهو ڪهڙو معاملو هو، تنهن بابت اسان کي اڳتي هلي خبر پوندي. ان هوندي به، جڏهن مان انهن حالتن کان واقف ٿيس، ته ايون فيودور پاولووچ، مون کي هڪ پراسرار شخصيت ٿي لڳو ۽ سندس اَچڻ هڪ لڪل راز ٿي محسوس ڪيم. مان جيڪر ايترو به چوان، ته ايون مون کي اُن وقت پيءُ ۽ ڀاءُ دمتريءَ جي وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ ٿي لڳو. ڇو ته دمتريءَ پيءُ سان نه فقط کـُـليو کـُـلايو ٿي لڙيو، بلڪ هن جي خلاف ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ به سوچي رهيو هو.
ڪٽنب پهريون ڀيرو اَچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو هو. ڪيترا ڀاتي ته حياتيءَ ۾، پهريون دفعو پاڻ ۾ مليا هئا. ننڍو ڀاءُ اليگزي، ٽنهي ڀائرن ۾پهريون هو،جيڪو اسان وٽ آيو. هو سال کن کان هت رهيل هو. اليگزيءَ بابت شروع ۾ ڪجهه چوڻ ته ڏکيو ٿو لڳي، ان هوندي به منهنجي لاءِ لازمي آهي، ته آءٌ هت هن بابت ڪجهه ابتدائي احوال ڏيان، ڇو ته پنهنجي ’هيرو‘ بابت هڪ حقيقت ٻڌائڻ ضروري آهي، ته هو اسان وٽ هڪ مبتدي راهب جي لباس ۾ ڍَڪيل آيو هو. گذريل سال کن کان هو اسان جي خانقاهه ۾ هو ۽ اها سندس خواهش هئي ته هو پنهنجي باقي حياتي هڪ حجري ۾ گذاري.