ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

باب پنجون: اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو

مـُـربيءَ پنهنجي حـُـجري مان قريباََ پنجويهه منٽ غيرحاضر رهيو. اُن وقت ساڍا ٻارنهن ٿيا هئا، پر دمتري، جنهن لاءِ هـُـو سڀ اُتي اَچي گڏ ٿيا هئا، اَڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. معلوم ايئن پئي ٿيو، ته هن کي ڄڻ ته سڀني وساري ڇڏيو آهي. مربي وري جڏهن پنهنجي حـُـجري ۾ داخل ٿيو، ته هن ڏٺو ته سڀئي مهمان نهايت شوق مان گفتگوءَ ۾ مشغول آهن. ايون ۽ ٻه راهب اُن ۾ وڏو حصو وٺي رهيا هئا. موسيوف به اُن ۾ حصي وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر هن ۾ به هـُـو ڪامياب ٿي نه سگهيو هو. کيس فرصت ئي نه ٿي ملي، جو پاڻ کي نمايان بڻائي سگهي. هـُـن جو به ڳالهايو ٿي، اُن ڏانهن ڪنهن به توجهه نه ٿي ڏنو، جنهن ڪري سندس غصو وڌندو ٿي ويو. ايونا سان سندس اڳ ۾ گهڻيون ئي شعوري ۽ ذهني ملاقاتون ٿي گذريون هيون، مگر هن دفعي، هـُـو سندس بي توجهيءَ کي، جو ساڻس ڏيکاري رهيو هو، برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. هن خيال ڪيو ته:
”هن کان اڳ ۾، مان ترقي پذير يورپ جي پهرئين قطار ۾ اول هئس، مگر هتي، هن نئين نسل، اسان کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيو آهي.“
فيودور پاولووچ، جنهن واعدو ڪيو هو، ته هـُـو خاموش ۽ چـُـپ رهندو، ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ رهيو، پر هـُـو پنهنجي پاڙيسري موسيوف کي ٽوڪ ۽ طنزيه نموني زيرلب مـُـشڪ سان نهاريندو رهيو ۽ اُن جي اعصابي تڪليف کي ڏسي خوش پئي ٿيو. گهڻي وقت کان هن چاهيو ٿي، ته اُن کان انتقام وٺي. انڪري هيءُ موقعو به سندس هٿ ۾ آيو هو، اُن کي هن وڃائڻ نه ٿي گهريو. آخر، هـُـو پنهنجي خودداريءَ کي روڪي نه سگهيو، سندس ڪلهي جي ويجهو ٿي، چيڙائڻ جي نموني سرگوشي ۾ چيو ته:-
”اوهان اُن وقت ئي ڇو نه هليا ويا، جڏهن خوش خلقي سان مربي کي چمي ڏني هـُـيوَ؟ اوهان ڇو هن فاسد سنگت ۾ موجود رهڻ جي قبوليت ڏني؟ هيءُ سڀ شايد اِن لاءِ هو، ته اوهان کي، جا تڪليف پهتي ۽ بي عزت ڪيو ويو، اُن لاءِ اوهان ترسي، پنهنجي هوشياريءَ سان انتقام وٺڻ گهريو آهي. هاڻي اوهان ايستائين وڃي به نه ٿا سگهو، جيستائين اوهان پنهنجي هوشياريءَ کي هـِـنن تي ظاهر نه ڪريو.“
”تون وري ...... تنهنجي ڳالهين جي برعڪس مون کي وڃڻ گهرجي.“
”تون ڪٿان ويندين؟ تون ته پويون هوندين جو هتان ويندين؟“ فيودور پاولووچ طعني طور کيس ٻي ضرب هنئين. عين اُن وقت زوسيما به اَچي پهتو.
سڄو بحث هڪ لحظي لاءِ بند ٿي ويو. مگر مربيءَ پنهنجي اڳينءَ نشست تي ويهندي، سڀني کي اهڙيءَ طرح پيار سان ڏٺو جو ڄڻ چاهيائين ٿي ته اِهو گفتگو جاري رهي. اِليوشا، جو سندس چهري جي نشيب ۽ فراز جو ڄاڻو هو، ته هـُـو حد کان وڌيڪ ٿڪل آهي ۽ ڏاڍيءَ ڏُ کيائيءَ سان استقامت اختيار ڪئي اَٿس. سندس ناتواني اِنهيءَ حد تي پهتل هئي، جو ٿي سگهيو پئي، ته هـُـو بيهوش ٿي وڃي. سندس چهرو گوماٽجي ويو هو، جو اڪثر اِهڙي دوري کان اڳ ۾ لڳندو آهي. سندس چـَـپَ سفيد ٿي ويا هئا، پر اُن هوندي به هـُـن نه ٿي چاهيو، ته اُن جماعت کي منتشر ڪري. ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ته اُن جماعت کي ترسائڻ ۾ سندس ڪو خاص مطلب هو. ڪهڙو مطلب هوندو؟ اليوشا نهايت غور سان کيس جاچي رهيو هو.
پادري ايوزف، لئبررين، اَيون ڏي اشارو ڪري، مربيءَ کي چيو ته، ”مان سـَـکر ماڻهوءَ سان هڪ دلچسپ مضمون تي بحث ڪري رهيو آهيان. هيءُ اهڙيون شيون پيش ڪري رهيو آهي، جي جديد آهن، پر مان خيال ڪريان ٿو، ته دليل ٻنهي طرفن جا مضبوط آهن. هن سکر ماڻهوءَ، هڪ ڪتاب جو، جنهن کي ڪليسا وارن، ڪليسائي ضابطي ۾ اُن جي حدن بابت لکيو آهي، جواب ڏنو آهي.“
”مون کي ڏک آهي جو مون اِها تحرير نه پڙهي آهي، پر مون اُن جي لاءِ ٻـُـڌو ضرور آهي.“ مربي ايون ڏانهن پـُـر شوق ۽ سواليه نگاهن سان ڏٺو.
پادري ايوزف لئبررين، پنهنجي گفتگو جي سلسلي کي جاري رکندي چيو ته، ”هـِـن بحث ۾ هـِـن سکر ماڻهوءَ، نهايت دلچسپ مقام حاصل ڪيو آهي. هيءُ صاف طرح هن حقيقت جو انڪاري آهي، ته ديول کي رياست کان جدا ڪيو وڃي.“
مربي زُوسيما، اَيون کان پڇيو ته، ”هيءُ دلچسپ ته آهي پر ڪهڙي مراد سان؟“
ايون، اِليوشا جي تصـور جي خلاف، جنهن کي خوف هو، ته هـُـو شـُـتر بي مهار ٿي گفتگو ڪندو، گستاخيءَ واري آواز کي ڇڏي، نهايت نهٺائيءَ ۽ ادب واري آواز ۾ چيو ته:
”منهنجو عقيدو هن نظريي تي آهي، ته هيءُ ٻه شيون، يعني ڪليسا ۽ رياست، جيڪڏهن گڏ رهن، ته کين ابديت حاصل ٿي ويندي. جيتوڻيڪ هيءُ به ناممڪن ٿو نظر اَچي، ته هي ٻئي پاڻ ۾ شامل رهي سگهنديون. ڇاڪاڻ ته هنن جي بنيادي اُصولن جي مونجهاري سبب، سندن يڪسانيت مان مفيد نتيجا ظاهر ٿين، ناممڪن آهي، ڇو ته ٺاهه جي بنياد ۾ ئي دروغ گوئي هوندي. ڪليسا ۽ رياست ۾ ساز ۽ سـُـلوڪ اَچي، خاص طرح اهڙن سوالن ۾ مثلاََ: اختيار سماعت جو حـَــدون - صحيح معنيٰ ۾ ٺاهه جو باعث ٿينديون؟ منهنجي خيال ۾ هيءُ نهايت مشڪل آهي.
هيءُ مذهبي جماعت جو نمائندو، منهنجو مخالف ٻـُـڌائي ٿو، ته ڪليسا کي رياست ۾ صحيح ۽ واضح مقام حاصل آهي. مان ته سندس برعڪس، هن خيال جو آهيان، ته سڄيءَ رياست کي ڪليسا ۾ ضم ڪرڻ گهرجي. نه ايئن ته اُها اُن جي ڪنهن گوشي ۾ هجي! جيڪڏهن اِهو ڪن سببن جي ڪري هاڻي ناممڪن آهي، ته اُن کي حقيقي معنيٰ ۾ ترتيب ڏيڻ گهرجي، ته جيئن عيسائي سماج ۾ آئندي ترقيءَ کي سنئون سـِـڌو، حاصل ڪري سگهجي.“
”بلڪل صحيح“. پاديسي راهب، جو خاموش ۽ وڏو عالم هو، پنهنجي فيصلائتي راءِ ڏني.
”هيءُ خالص مذهبي تعصب آهي“. موسيوف بي صبريءَ مان ٽنگن کي هيڏي هوڏي لوڏيندي چيو.
راهب ايوزف رڙ ڪري چيو ته، ”ٺيڪ آهي، اسان جي اڳيان ڪوبه پهاڙ نه آهي“. هن مربيءَ ڏي رُخ ڪري، گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکيو ته، ”اوهان مهرباني ڪري منهنجي مخالف جي جواب تي غور ڪريو. هيءُ هڪ بنيادي ۽ ضروري مسئلي تي ڳالهائي رهيو آهي. سندس گفتگو مان اوهان کي معلوم ٿيندو، ته هيءُ ڄڻ ته ڪليسا جو ڪو عهديدار آهي. هيٺيون بنيادي ڳالهيون وضاحت طلب آهن.
پهريون، ڪنهن به جماعت کي هيءُ حق نه ٿو پهچي، ته هـُـو پنهنجي ارڪان جي شهري ۽ سياسي حقن کي پنهنجي تصرف ۾ رکي. ٻيو ڪليسا کي ڪنهن به ريت هيءُ حق نه آهي، ته سماجي ۽ فوجداري ڳالهين کي پنهنجي اختيار سماعت ۾ آڻي، ڇاڪاڻ ته هي خدائي اداري سان گڏ، انسانن لاءِ مذهبي ڳالهين جو هڪ خالص ۽ پاڪ نظام آهي. آخري ۽ ٽئين ڳالهه هيءَ ٿي اَچي، ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي“.
”هيءَ غلط گوئي ۽ لفاظي، هڪ ڪليسا جي عهديدار کي نه ٿي سونهي!” راهب پاديسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته، ”مون اُن ڪتاب کي پڙهيو آهي، جنهن جو تو جواب ڏنو آهي“. هن اَيون کي خطاب ڪري چيو، ” ۽ مان هنن لفظن تي ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي - عجب کاڌو. واقعي جيڪڏهن هيءَ جهان جي بادشاهت نه آهي، ته پوءِ هن جو وجود زمين تي ڪونه آهي. انجيل ۾ جي لفظ - هن جهان مان نه آهي - چيا ويا آهن، اُنهن کان اِها مراد نه آهي، جا ورتي وڃي ٿي. هنن لفظن سان کيڏڻ، ناقابل حمايت آهي. يسوع مسيح دنيا ۾ ڪليسا کي برپا ڪرڻ لاءِ آيو. آسماني بادشاهت بيشڪ هن جهان جي نه آهي، پر آسماني آهي، پر ڪليسا جي وسيلي ئي، جنهن کي هن زمين تي قرار آهي، آسمان ڏي وڃي سگهجي ٿو. پوءِ اهڙن لفظن سان ٻٽي معنيٰ ۾ کيڏڻ نه فقط غلط آهي، پر اُن کي ڪڏهن به بخشي نه ٿو سگهجي. حقيقت ۾ ڪليسا هڪ بادشاهت آهي ۽ حڪومت ڪرڻ جي حقدار آهي. اهـُـا سڄي زمين تي قابض ٿي ويندي، جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي“.
اَيون فيودورووچ، جو نهايت احترام سان کيس ٻـُـڌي رهيو هو، ٻيهر زوسيما کي خطاب ڪيو، سندس گفتگو ۾ اڳي وانگر سنجيدگي ۽ سادگي ٿي ڏٺي.
”منهنجي مقالي جو بنيادي فڪر هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ يعني ٽي صديون اڳ، مسيحت اڪيلي، فقط ڪليسا جي صورت ۾ زمين تي ظهور ڪيو. اُن وقت روم جي مشرڪ حڪومت جي خواهش هئي، ته مسيحي دين ۾ اَچي. هـُـو عيسائي بڻجي ويا ۽ ڪليسا کي پاڻ سان شامل ڪيائون، پر سندن رياست سڀڪنهن طور ۽ طريقي سان مشرڪ ٿي رهجي وئي. حقيقت ۾ اِهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته روم جي شهنشاهيت رياست جي حيثيت ۾، حد کان وڌيڪ مشرڪاڻي تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي اندر محفوظ ٿي رکيو. مثال طور، ڪيئي بنيادي رياست جا اُصول. عيسائي ڪليسا، رياست ۾ شامل ٿيندي ئي بيشڪ اُن جي بنيادي اُصولن جي ڪنهن به حصي جي سامهون نه جـُـهڪي. هـُـو پهاڙ وانگر قائم رهي، هـُـن ڪنهن به ٻئي مقصد ۽ اِرادي کي گرفت ۾ آڻڻ نه گهريو، پر جو ڪجهه خدا جي طرف کان الهامي طور مقرر ٿيو. هـُـن سڄي دنيا کي پاڻ ڏي ڇـِـڪيو ۽ قديم مشرڪ رياست پاڻ ڪليسا ۾ شامل ٿي وئي. اهڙيءَ ريت (جنهن تي مستقبل جي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي) هيءُ ڪليسا جو ڪم نه آهي، ته پنهنجي مقرر ٿيل مقام کي رياست ۾ ڳولي. جيئن هر ڪو سماجي نظام يا انسان جي مذهبي مقصدن جو نظام چاهي ٿو. (جنهن کي منهنجو مخالف ڪليسا سڏي ٿو.) برعڪس اُن جي، سڀ ڪا زميني رياست، آخر ۾ مڪمل طور تي ڪليسا ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن سڀني مقصدن کي رد ڪري ڇڏي، جن جو ڪليسا سان ٽڪراءُ ٿئي. هيءُ، هن کي خفيف نه ڪندو نه وري اُن جي حيثيت گهٽجي ويندي، نه وري اُن جو شان ۽ شوڪت، هڪ عظيم رياست کان گهٽ ٿيندا نه وري اُن جي حاڪمن جي شان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي. هي تنهن کي ڪوڙي، مشرڪاڻي ۽ غلط رستي کان بچائي، صحيح ۽ سچي راهه ڏي وٺي ويندي، جو تنها رستو ان کي غير فاني منزل ۽ مقصد ڏي وٺي ويندو. اِهوئي سبب آهي، جو ’اُصول عدالت مذهبي‘ جي مصنف پوري تور ۽ تڪ سان، اُنهن بنيادي حقيقتن کي ڳولي ۽ لکيو آهي، جنهن کي هـُـو اسان جي پـُـر گناهه ۽ نامڪمل دور جي لاءِ عارضي ٺاهه ٿو سمجهي. پر جڏهن مصنف هي خوفائتو اظهار ٿو ڪري، جنهن جي ڪجهه حصي کي راهب ايوزف هاڻي شمار ڪيو آهي - دوامي آهن. تڏهن هـُـو سنئون سڌو ڪليسا جي مخالفت ٿو ڪري. هيءُ هڪ مقدس ۽ جاوداني شغل آهي ۽ بس. هيءُ منهنجي مقالي جو تـَـتُ آهي.“

”اِها ئي مختصر حقيقت آهي“. راهب پاديسي پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکندي چيو. هـُـو هر هڪ لفظ کي ڇنڊڻ ۽ ڇاڻڻ لڳو. ”ڪن اُصولن جي مطابق، جي اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ وضاحت سان بڻايا ويا آهن، ڪليسا کي رياست ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي. اِها ڄڻ ته نشيب کان فراز ڏي چڙهائي ٿيندي. اُن ۾ غائب ٿي وڃڻ سان اسان علم لاءِ هڪ راهه بڻايون ٿا، جا هن دور جي تهذيب ۽ تمدن جي روح ڏي وٺي ويندي، پر ڪليسا جيڪڏهن ابتڙ زور ڏنو ۽ آمادگي نه ڏيکاري، ته اُن جو ڪو حصو جدا ٿي رياست سان وڃي ملندو ۽ اُن جي پوري ضابطي هيٺ هوندو. هيءُ جديد مغربي ملڪن ۾ جتي ڪٿي عام ٿي ويندو. مگر روسين جون اُميدون ۽ ذهني تصور، هيءُ نه ٿو چاهي ته ڪليسا نشيب کان گذري، رياست جي مٿاهين قسم تي پهچي. ان جي برعڪس هـُـو چاهين ٿا، ته رياست جي پڇاڙي تڏهن سـَـرهي ٿيندي، جڏهن هـُـو محض ڪليسا بڻجي وڃي ۽ نه ٻيو ڪجهه. اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو!”
موسيوف پنهنجي ٽنگ وري ڦيرائيندي ۽ مشڪندي چيو ته، ”مان قبول ٿو ڪريان ته تو مون کي ڪجهه نه ڪجهه تسلي ڏني آهي. جيستائين مان خيال ٿو ڪريان ته معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته هيءُ معيار گهڻو دور آهي، ايترو دور، جو جيستائين مسيح دنيا ۾ وري اَچي. لڙائي تي بندش، سياست ۽ بئنڪاري، هي يوٽوپيا جو هڪ خواب آهي. يعني جهان تي سوشلزم جي حڪومت قائم ٿي ويندي. مان ڏسان ٿو ته ڪليسا دادرسيءَ جي لاءِ تيار ٿي ويندي. ڏوهارين تي مقدمو هلائڻ ۽ اُنهن کي چهبڪ هڻائڻ، قيد جي سزا ڏيڻ ۽ موت جي حد تائين، اُن جا اختيار رهندا.“
”پر جيڪڏهن فقط ڪليسا جي عهديدارن جي ڪورٽ رهي ته پوءِ اُنهن کي هن سزائن ڏيڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. ڏوهه ۾ اُنهن تي مقدمي هلائڻ جون راهون ئي بدلجي وينديون. اِهو ڪم يڪدم ته ٿي نه سگهندو، پر آهستي آهستي.“ ايون، گهٻرائڻ کانسواءِ نهايت ڳنڀير ٿي چيو.
”توکي هن جي پـَـڪ آهي،“ موسيوف کيس پر شوق نگاهن سان ڏٺو.
”جيڪڏهن ڪليسا کي اِهي اختيار مليا، ته هـُـو پنهنجي اندر سڀني ڏوهارين ۽ نافرمانن کي شامل ڪندي، سندن مٿا ڪونه وڍيندي.“ ايون گفتگو جو سلسلو جاري رکندي چيو. مان اوهان کان پڇان ٿو، ته هن شموليت جو ڪهڙو اَثر پوندو؟ ڪوبه ڏوهه ڪرڻ سان، ماڻهن کان نه پر جناب مسيح کان پري ٿي ويندو. هن گويا ڏوهه ڪرڻ سان انسانيت جي خلاف ورزي نه ڪئي هوندي، پر خود جناب مسيح جي. مان يقين سان چوان ٿو بي شڪ هاڻي به ايئن آهي، پر اُن جي صاف وضاحت نه آهي. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اَچي ته ڪو ڏوهاري، پنهنجي ضمير کي هيئن چئي تسلي ڏئي ٿو، ته ’مان وري ڪريان ٿو، پر ڪليسا جي خلاف ته نه ٿو وڃان. مان جناب مسيح جو دشمن نه آهيان.‘ پر جيڪڏهن ڪليسا، رياست جي بجاءِ جاءِ وٺندي ته، هن جي لاءِ هيءُ مشڪل ٿي پوندو جو ڪليسا جي مخالفت ڪري، جا سڄي دنيا تي ڇانيل آهي. ۽ اِيئن چوڻ ته سڀ ماڻهو غلطيءَ تي آهن ۽ سڄي انسانيت، ڪليسا جي ڪوڙ ۽ فريب ۾ ورتل آهي، بيهودگي ٿيندي. مان چور ۽ قاتل جي هوندي به پـَـڪو مسيحي آهيان، ڪليسا جي ضابطي هيٺ چئي نه سگهبو. اُن جي لاءِ غير معمولي اسباب جي ڪامياب جوڙجڪ هئڻ کپي.
ٻئي طرف ڪليسا جي ڏوهه بابت پنهنجو تصور ملاخطه ڪريو. ڇا ُها پنهنجي موجود مشرڪاڻي طور ۽ طريقي کي شهرت نه ٿي ڏئي؟ ڇا هـُـن سماج جي حفاظت ڪرڻ لاءِ، داغدار ارڪان کي، مشيني طريقي سان علحده ڪرڻ جي ڪا ڪوشش به ڪئي آهي؟ صداقت سان تبديل آڻڻ لاءِ، موجوده دور ۾، انسان جي نئين نسل جي اصلاح لاءِ ڪو خيال به پيش ڪيو آهي؟“
موسيوف اُن جي گفتگوءَ کي وچ مان ڪٽيندي چيو ته:
”تنهنجو مطلب ڇا آهي، مان ٻيو ڀيرو به تنهنجي مطلب کي سمجهي نه سگهيو آهيان، اوهان ته ناسمجهيءَ واري ۽ مبهم گفتگو ٿا ڪريو. ڪليسائي حق کان محروم ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي قسم جي نيڪالي آهي؟ ايون فيڊرووچ، اوهان پاڻ کي فقط وندرائي رهيا آهيو“.
”هائو، توکي ڄاڻڻ گهرجي، ته حقيقت ۾اَڄ ايئن آهي.“ مربي اوچتي چيو ۽ سڀني جو رخ اُن ڏانهن ڦـِـري ويو.
”جيڪڏهن ڪليسا جو وجود نه هجي ها، ته ڏوهن کي ڪابه روڪ نه ٿئي ها، ڪابه صحيح سزا مقرر ٿي نه سگهي ها. منهنجو اُن سزا سان مطلب نه آهي، جو مشيني طور تي، روح جي لاءِ وڌيڪ غصو پيدا ڪري ۽ گناهه کي وڌائي. منهنجو اُن سزا سان مقصد آهي، جا گنهگار جي دل ۾ خوف پيدا ڪري ۽ اُن طوفاني حالت ۾ سندس قلب ۾ تسڪين پيدا ڪري. اُها سزا، جا گنهگار جي دل ۾ پنهنجو پاڻ نيڪي جي مشعل روشن ڪري.“
موسيوف سخت حيرت مان چيو ته، ”منهنجي تمنا آهي، ته هن جي ٿوري تشريح لازمي آهي، جيئن مطلب جي وضاحت ٿي وڃي.“
مربيءَ چيو: ”منهنجو مطلب آهي، ته هيءُ قيد ۽ بند، جسماني ايذاءَ جون ڪاروايون، ڪنهن به ماڻهوءَ جي اصلاح نه ڪري سگهيون آهن. گنهگارن جي دل ۾ ڪوبه خوف پيدا نه ڪري سگهيون آهن. گناهه کي ڪنهن به تارازيءَ ۾ تورڻ جي بجاءِ تباهڪاريءَ کي وڌ کان وڌ رواج ٿو ملي. هن مان آسانيءَ سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته هنن سزائن مان ڪوبه فائدو نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ ڪو بـُـرو عضوو مشيني وسيلن سان وڍجي ته وڃي ٿو پر اُن جي بجاءِ ٻيا گنهگار اَچي سندس جاءِ ٿا ڀرين.
اسان جي دور ۾ امدادي طريقي جو هئڻ لازمي آهي، جيئن گنهگار جي اصلاح ڪري کيس نيڪيءَ جي طرف آندو وڃي. هيءُ طريقو فقط مذهب آهي، جو تنها انسان جي ضمير کي بيدار ڪري ٿو. جڏهن گنهگار پاڻ کي ڪليسا جي سامهون ڏوهي سمجهندو، تڏهن ئي پاڻ کي مسيح جي گروهه مان سمجهي، هو اُن جي قبوليت ڏيندو. اِهوئي سبب آهي، جو اَڄ به گنهگار، ڪليسا جي سامهون پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪري ٿو پر رياست جي سامهون نه. جيڪڏهن سماج، ڪليسا جي صورت اختيار ڪري، ته هـُـو ڄاڻي سگهي، ته اَسان جن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، اُنهن کي ڪيئن پاڻ سان ملايون. جيئن ته ڪليسا کي هاڻي ڪوبه اختيار ٻڌڻو نه آهي، ۽ اخلاقي طور ۽ طريقي تائين محدود آهي، اُنڪري اُها پنهنجو پاڻ ڏوهين جي سوچڻ کان ئي عاري آهي. اُن هوندي به اُها گنهگارن کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي اَچي ٿي. اُها کين ديول جي عبادت لاءِ اجازت ڏئي ٿي، سندن مادي ضرورتون پوريون ڪري ٿي ۽ کين خيرات ڏئي ٿي. هوءُ اُنهن کي قيدي ته سمجهي ٿي، پر نه گنهگار.
جيڪڏهن ڪليسا به هنن کي حڪومت وانگر سمجهي ۽ پاڻ وٽان هڪالي ڇڏي ته پوءِ خدايا! هنن تي ڇا گذرندو؟ بيشڪ اهڙيءَ حالت ۾ گنهگارن جي لاءِ، خاص طرح روسي گنهگارن لاءِ ڇا ٿيندو، جن اَڃا تائين، ايمان پنهنجي هٿن مان نه وڃايو آهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي هن حالت ۾ گنهگارن جون دليون ايمان کي هٿ کان ڇڏي ڏين. ڪليسا ته هنن تي ماءُ وانگر مهربان آهي ۽ محبت کان سخت سزا ڏيڻ کان گريز ڪندي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ويچارن، حڪومت کان گهڻي ئي جسماني تڪليف ڏٺي آهي. هاڻي جڳائي ٿو ته مٿن رحم آڻجي.
هن مان ظاهر آهي، ته اهڙيءَ صورت ۾ ڪليسا، گناهه ۽ گنهگار کي خيريت جي نگاهه سان نه ڏسندي ۽ لازمي ٿيندو، ته اهڙن ڌڪاريل انسانن کي، راهه راست تي آڻڻ جي هدايت ڪندي، بدڪاريءَ کان بچائيندي ۽ کين نئين زندگي بخشيندي. هيءُ به برابر آهي، ته (مربي، مشڪڻ لڳو) ڪليسا هن ڳالهه تان هٿ به کڻڻ لاءِ اَڃا تيار نه آهي. اُها پنهنجي اڳئين بنياد تي برقرار آهي. جيئن ته اُن جي ارڪان ۾ اَڃا ڪوبه فتور نه آيو آهي، اُنڪري اُها ڪنهن ڪامل تبديليءَ جي انتظار ۾ آهي، جا هڪ واحد ۽ بين الاقوامي طاقت واري ڪليسا هوندي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو، توڙي جو زمانا گذري وڃن. اِهو مقدر آهي، ته ايئن ٿيندو. اُنڪري اسان کي اُن وقت جو ڪوبه اندازو لڳائڻ نه گهرجي. وقت ۽ موسمن جو راز خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي، جو اُن جي وسيع حڪمت ۽ محبت ۾ پوشيدو آهي. انساني فهم اُن کي پري خيال ڪندو هجي، پر اُهو جاودان فيصلو شايد قريب هجي. شايد اُن جي صبح جو ظهور هجي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!”
”ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!” راهب پاديسي، ايمان ڀريل وڏي آواز سان چيو.
”عجيب آهي، عجيب” موسيوف، گرم ۽ درشت آواز ۾ چيو.
”ڪهڙي ڳالهه توکي عجيب لڳي؟“ راهب ايوزف ، کانئس خبرداريءَ سان پڇيو.
”هيءُ اعتبار کان ٻاهر آهي“ موسيوف بي صبريءَ سان چيو. ”رياست کي جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪليسا کي وڌائي رياست جو مقام ڏنو ٿو وڃي. هيءُ ته مذهبي تعصب آهي. پوپ گريگري ستين به هن جو خواب نه ڏٺو هوندو.“
راهب پاديسي، پنهنجي تلخ آواز ۾ چيو، ”نهايت غلط، ڪليسا کي ڪٿي ٿو رياست سان منسلڪ ڪيو وڃي؟ هيءُ ته غلط فهمي ٿيندي. اِهو ته روم جو خواب آهي. هيءُ ٽيون شيطاني حوس ٿيندو. اسان جو مقصد آهي، ته رياست کي ڪليسا ۾ آندو وڃي ۽ ڪليسا کي بين الاقوامي بڻايو وڃي. هيءُ ستارو اوڀر کان ضرور اُڀرندو.“
موسيوف ظاهر ظهور خاموش ٿي ويو. سندس شڪل ۽ صورت مان غير معمولي شخصي وقار پئي ڏٺو. چپن ۾ مشڪي، هـُـن ڄڻ ته اُن جي تصديق ٿي ڪئي. اليوشا کيس سمورو وقت پريشانيءَ مان پئي نهاريو. هن بحث کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. اُن ڪڏهن ڪڏهن ريڪٽين ڏانهن پئي ٿي ڏٺو، جو دروازي جي ڀرسان، بلڪل خاموش، اکيون هيٺ ڪريو، هن سڄي بحث کي ٻڌي رهيو هو. مگر اليوشا، سندس ڳلن جي رنگ مان سمجهي ورتو هو، ته ڪيتري قدر نه هو جوش ۾ آهي! هن ڀـَـليءَ ڀت ڄاتو ٿي، ته سندس جوش جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ اوچتو موسيوف اَثر واري آواز ۾ پنهنجي وقار کي قائم رکندي چيو ته، ”جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي، ته مان هڪ ننڍڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌايان. ٿورا ورهيه اڳي، ڊسمبر جي جشن جي پوري ٿيندي ئي، مان پئرس ۾ هڪ وڏي اثر واري سرڪاري آفيسر جي دعوت تي وٽس مهمان ٿيس. اُن وٽ مان هڪ نهايت مزيدار ماڻهوءَ سان مليس. هـُـو پاڻ ته جاسوس نه هو، پر سياسي جاسوسن جي سڄي گروه جو نگران هو - پنهنجي ليکي سندس مقام نهايت اهميت وارو هو.پنهنجي شوق جي مدنظر، مون کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو. جيئن ته هـُـو ملاقاتي نه هو پر هـُـو سرڪاري آفيسر مون سان نهايت عزت سان پيش اَچي رهيو آهي. اُنڪري هـُـو، مون سان مروت کان وڌيڪ کليل دل سان مليو، جو فرينچن جو شيوو آهي، هـُـو بامروت ٿيڻ ڄاڻندا آهن، خاص ڪري ٻاهرين ماڻهن سان. مون کيس چڱيءَ طرح سمجهي ورتو. گفتگوءَ جو موضوع هو انقلابي اشتراڪي، جن تي اُن وقت مقدمو هلي رهيو هو. مان هتي فقط اُن شخص جي عجيب راءِ پيش ڪندس، جنهن جو هن اظهار ڪيو هو. هن چيو ته، ”اسان هنن اشتراڪين، شرپسندن، ملحدن ۽ انقلابين کان خوفزده نه آهيون، اُن هوندي به اسان جي مٿانئن ڪـَـڙي نظر آهي. اسان سندن هر چرپر کي ڄاڻندا رهون ٿا. هن مان ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جي خدا ۽ مسيح کي مڃين ٿا، پر هـُـو ساڳئي وقت اشتراڪي به آهن. اسان کي اهڙن ماڻهن کان بيحد خوف ٿيندو آهي. هي نهايت خطرناڪ انسان آهن! هڪ بي دين اشتراڪي کان هڪ عيسائي اشتراڪي وڌيڪ خطرناڪ آهي!” مون تي سندن لفظن بيحد اَثر ڪيو.
”ساڳي ڳالهه، هتي اتفاقي طور تي مون کي پيش آئي آهي.“
”تون شايد اِها ڳالهه اَسان تي مڙهڻ گهرين ٿو.“ پاديسي راهب کيس سنئون سڌو چئي ته ڏنو، پر اُهو سڄو بي اَثر ٿي ڏٺو.
اُن کان اڳ ۾ جو پيٽر اليگزينڊرووچ خيال ڪري، کيس ڪو جواب ڏئي، دروازو کـُـليو ۽ دمتري فيودورووچ، جنهن جي لاءِ مهمان گهڻي وقت کان انتظار ۾ هئا. اَندر گهڙي آيو. حقيقت ۾ هنن کيس وساري ڇڏيو هو، پر سندس اوچتي آمد سبب ٿوري وقت لاءِ سڀئي حيران ٿي ويا!