شاعري

نظمن سان ڀريل ٽرين

شڪيل جي ھن مجموعي ۾ فطرتي سونھن ۽ احساسن سان ڀريل نظم موجود آھن. شڪيل لکي ٿو: ”فطرت جو اظھار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن تہ سمجهو اهي ناڪارہ  ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي  هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظھار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو تہ هيءَ انساني دنيا جنت  جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنھنجي معراج کي پھچي ويندي“.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نظمن سان ڀريل ٽرين

پنهنجي پاران

فنڪار ڪيمياگر آهي ۽ فنڪاري ڪيمياگري وکرموجود آهن ڪچي مال جي صورت ۾ ترتيب ۽ پيشڪش فن آهي. جيڪا فنڪار کي ڏيڻي آهي. ان ڪري ڪاوش جو نتيجو فنپاري جي شڪل ۾ ظاهر ٿيڻو آهي. اهو فنڪار جو ڪم آهي ته ڪهڙين شين کي ڪهڙي طريقي سان ترتيب ٿو ڏئي ۽ پيش ڪري.
آرٽ اوپرائپ ختم ڪندو آهي.ڄاڻ سڄاڻ پيدا ڪري پنهنجائپ کي جنم ڏيندو آهي. ه ٻئي جي جذبن،دردن،مسئلن ۽ خوشين جي واقفيت ڪرائيندو آهي هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندو آهي ته تنهنجون منهنجون ساڳيون گهرجون آهن. تنهنجي منهنجي اهنجن جو ساڳيو حل آهي.
اسان پنهنجي اندر ۾ ڏک کي قيد ڪيون ويٺا آهيون. جنهن ڪري اذيت ۾ مبتلا رهندا آهيون ۽ اسان جي اندر ۾ خود رحمي يا اذيت پسندي جنم وٺندي آهي. جيڪا اسان کي کوکلو ڪري سماجي طور ناڪارهه بڻائي ڇڏيندي آهي. پرفن پنهنجي طاقت جي زور تي ڏک کي اسان جي اندر مان آزادي ڏياري اسان کي راحت پهچائندو آهي. ۽ اسان سماجي حوالي سان ڪارگر ٿي پوندا آهن فن ڏک کي موقعو ڏيندو آهي. جيترو آزاد ٿي ڦهلجي سگهين ٿو ڦهلج .فن جي ذريعي آزاد ٿي جيترو ڏُکُ ڦهلاءُ کائيندو آهي اوترو لطف ۽ تحريڪ ۾ بدلجندو ويندو آهي. يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جڏهن ڏُک فن جي ذيعي آزادي ماڻي ۽ ڦهلاءُ کاڌو ته انقلاب مٿان انقلاب برپا ڪرڻ شروع ڪيائين.
جيڪڏهن سنڌ ۾ به مجموعي طور فن ڏُک تي آزادي ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته صدين جي غلاميءَ جو ازالو ڪري وٺندو. فن اڪيلو ناهي هوندو ان جي پويان ڪو فڪر ۽ تڪميل توريل رٿابندي هوندي آهي. ان جي آڏو ڪي مقصد هوندا آهن. فن پاڻ انساني خوبين جوڪرشماتي اظهار آهي فن به ٻين فطري مظهرن وانگر پيو ڦيرا کائيندو آهي ۽ان جا پلٽا انساني تقدير پٺتي رکندا آهن.
فطرت جو اظهار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن ته سمجهو اهي ناڪاره ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظهار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو ته هيءَ انساني دنيا جنت جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنهنجي معراج کي پهچي ويندي.
شاعريءَ ۾ ڪائنات پنهنجي ازل کان ابد تائين واري سموري وقت ۽ واقعي سميت ڇلندي آهي. شاعري سمورن علمن جو مرڪب آهي ته نچوڙ به حال، ماضي ۽ مستقبل شاعريءَ جا خاص محرڪ آهن، شاعري وقت کان به وسيع آهي. شاعري اها حقيقت آهي جنهن جو اظهار علامتي ۽ ڏند ڪٿائي آهي. جڏهن حقيقت کي اظهار لئه ڏند ڪٿائي زبان ملي ٿي ته اهو ميلاپ شاعري کي الهامي بڻائي ڇڏي ٿو.
هيءَ به هڪ اچرج ۾ وجهندڙ حقيقت آهي ته شاعر ۽ شيطان شروع کان وٺي انسانن جي فنڪار جو شڪار رهيا آهن۽ هيءَ به حقيقت آهي ته ازل لاڪون انسانن،شاعرن ۽ ديوتائن جي چاهيندي نه چاهيندي به پرستش پئي آهي.
دراصل شاعر باهه جو جهنگ آهي جنهن ۾ خيالن جا شعلا شعلا پڻ آهن. شاعري باهه جو سمنڊ شاعري آتشي جنت آهي. جنهن جون نعمتون دوزخ کي به ٿڌو ڪري سگهن ٿيون. شاعري اهو وڻ آهي جنهن ۾ جنت ستارن جو ميوو ٿيندو آهي. شاعريءَ کي ڪاٺ ڪٽي واري چهنب ٿيندي آهي. جنهن سان اها دلين کي ٽُڪي پور ڪري انهن ۾ رهندو آهي.
مان هميشه فطرت کي به اهو ئي چوندو ٻڌو آهي ته شاعرو! اوهان جي لفظن کان سواءِ هي ڪائنات گونگي آهي. زمانو لفظن ۾ محفوظ رهندو. فظ حافظو آهن. لفظ آواز آهن يادگيرين جو لفظ ماضيءَ جون شڪليون آهن. لفظن ۾ ئي مستقبل جو عڪس آهي. لفظ حال ۾ جيئڻ جي آهن نشاني. لفظ زبان جي سونهن ۽ ٻوليءَ جو بدن آهن. ڪهاڻيون لفظن ۾ رهاڻيون لفظن ۾، لفظن ۾ ئي آهن ڪائنات جي ڪٿا. وهن ٿا سڀ رنگ لفظن ۾ نسرن ٿا سڀ سنگ لفظن ۾. شين جي غير موجودگيءَ ۾ موجودگي لفظ آهن سڃاڻپ شين جي.
جيئن ڳورهاري عورت کي خبر پئجي ويندي آهي ته اها ٻار ڄڻڻ واري آهي. مان به پنهنجي اندر ۾ اهڙي اُڻ تُڻ ۽ آنڌ مانڌ محسوس ڪندو آهيان ۽ لکڻ ۾ جُنبي ويندو آهيان. منهنجو ضمير واڪا ڪري چوندو آهي مون کي نظم لکڻو آهي. ريگستان لاءِ نخلستان جهڙو. مون کي نظم لکڻوآهي. جيڪو بي دماغن لاءِ دماغ جو ڪم ڏئي سگهي. مون کي مئل دلين لاءِ ڌڙڪنن جهڙيون سٽون سرجڻيون آهن. مونکي نظم لکڻو آهي.خزان رسيده اکين لاءِ رنگن ۽ روشنين جي بهار جهڙو مونکي اهڙو نظم لکڻو آهي. جيڪو ٻارن لاءِ رانديڪو ٿي پئي. مون کي اهڙو نظم لکڻو آهي جنهن ۾ ايترا ته آسرا هجن ايترو ته اميدن ڀريو هجي جو پڙهڻ کانپوءِ ڪو به خودڪشي ڪري نه سگهي.
مان اهو ڄاتو آهي ته انسانيت جو سگهارو دليل شاعري آهي.

شڪيل احمد
CELL: 0335 0027884