خلا جي خمير مان پيدائش ٿي آ منهنجي
مان موت جو پهريون عاشق آهيان
غم پنهنجي ڪنوار پ مون کي ئي ارپي هئي
مان اهو شعر آهيان
جنهن کي ان جا سڀ رهواسي
وبا جي ڊڄ کان
خالي ڪري هليا ويا آهن
مون وٽ گذريل وت جو هر پل
پنهنجن سمورين وارتائن سميت محفوظ آهي
مان اهو پوپٽ آهيان
جنهن جا پر
ڪنڊن ۾ وچڙي پيا آهن
مان دڙ ن جي ماڪ جو رهواسي آهيان
جتي تاريخ جو جنم ٿيو هو
منهنجي قوم جو هر فرد
حنوط ٿيل ممي آهي
صليب جهڙي صحرا ۾
هر جهوپڙي تابوت آهي
ڪفن ۽ ڪافور جون سچيون ڪهاڻيون
ڏند ڪٿائن جو روپ ڌاري ويون آهن
ڪيوليون قبرن مان مڙدا
کوٽي ڪڍن ٿيون
اکين مان خوابن جا ڪيڙا نڪري
ساڀيائن جي سينن تي
گيسڙيون ٿا پائن
ايڏي ڪمزوري ٿي پئي آ فضا کي
جو هوان جون دونهاٽيل رڳون ظاهر ٿي پيون آهن
ڪير مڃي يا نه مڃي
بکياري جو وطن ماني آهي
۽ اڃاري جي قوم پاڻيءَ جا قطرا
مان به پيٽ گذر واسطي
اڇوت ٻارن وانگر
پنهنجي جهول واري ٻاچڪي ۾
انساني ڍيرن تان ماڻهپي جا پاٺا
ڀڳل دلين جا شيشا
روحن جا ٽُڪر
خوابن جي پلاسٽڪ پيو ميڙيان
مان ڪيچڙ مان ڪنول پيو چونڊيان
*.*