باهه وانگر
بيچينيءَ جو ساڙيندڙ سيڪ
سک سان ويهڻ ناهي ٿيندو
تنهنجي ڀاءُ
ڇتين گرمين ۾ به
مونکي ڏڪڻيءَ وانگر
ورائي ويندي آهي
تنهنجو خيال ايندي ئي
تهه سياري ۾ به
پگهر تار ڪري وهندا آهن
انتظار هر عضوي ۾
بيچيني پيدا ڪري ڇڏيندي آهي
اوجانان!
تون ڀلي راتين کان
ننڊن جا نذرانا
۽ خوابن جا خراج
وصول ڪندي رت
پر تنهنجي فراق ۾
منهنجون اکيون
اوجاڳا روئن ٿيون
او بيخبر شهزادي
مان تنهنجي
روزمره جي ماحول وانگر آهيان
جنهن ۾ تون رهين ٿي
پر ان کي نظر انداز ڪندي تي رهين
تون مون کي هٿ ۾ جهليل قلم جيان وساري ڇڏيو آهي
ياد ڪر ننڍپڻ ۾ مون کي
پوپٽ جيان پڪڙي
ماچيس جي خالي کوکي ۾ وجهي
اڇلائي ڇڏيو هُيئي
جيڪا سونهري ننڍڙي مڇي
تنهنجيهٿ ۾ ڦٿڪي مئي هئي
اها مان هيس
پرائي هٿ ۾ ڏسي
جنهن رانديڪي لاءِ
تون ڏاڍو رُني هئينءَ!
اهو به ڪو ٻيو نه
مان ئي هيس
اوه تون مونکي اڃا به نٿي سڃاڻين
مان تنهنجي سامونڊي جهاز جهڙن خوابن جو
ڪپتان آهيان.
*.*
3.2017