شاعري

نظمن سان ڀريل ٽرين

شڪيل جي ھن مجموعي ۾ فطرتي سونھن ۽ احساسن سان ڀريل نظم موجود آھن. شڪيل لکي ٿو: ”فطرت جو اظھار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن تہ سمجهو اهي ناڪارہ  ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي  هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظھار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو تہ هيءَ انساني دنيا جنت  جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنھنجي معراج کي پھچي ويندي“.

  • 4.5/5.0
  • 73
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نظمن سان ڀريل ٽرين

تون اهو وڻ آهين

تون اهو وڻ آهين
جنهن هيٺان ويهندي
مون کي هر دفعي
نئين قسم جو نرواڻ ملندو آهي
جڏهن تون ٽهڪ ڏيندي آهين
ته ائين لڳندو آهي ڄڻ
سفيد ڪبوتر ڦڙڦڙائي رهيا آهن
تو کي سهڪندو ڏسي
مون کي اندازو ٿي ويو هو
ته ڌرتي ساهه ڪيئن کڻندي آهي
تنهنجي اکين جي معرفت ئي
منهنجي سمنڊ سان شناسائي ٿي هئي
تنهنجوارن ئي مون کي
رات جي رازن کان واقف ڪيو هو
توکي ڏسڻ کان پوءِ ئي
منهنجي اکين ۾ ايتري سگهه پيدا ٿي
جو بنا اک ڇنڀڻ جي ٽڪ ٻڌي
سج کي ابد تائين چتائي ڏسي سگهان
منهنجي سوچ جي چانڊوڪيءَ ۾ صرف تون ئي تون نظر ايندي آهين
ما توتي هميشه نئين مذهب وانگر ايمان آندو آهي
توڙي جو مان
هر ساهه ۾ سوين دفعا مرتد ٿيو آهيان
*.*

12.2014