مان پنهنجي جواني کپائي
تو تائين ڪرائو ڪري پهتو آهيان
اکين سان پٿر ٻڌي
دل کي مُٺيون ڏئي
وڇوڙي جا ڏينهن
محبت جي مفلسي ۾ ڪاٽيا اٿم
توڏانهن خط پٽ لکندي
مس طور وارن جي ڪاراڻ استعمال ڪندي
سڄو مٿو اڇو ڪري ڇڏيو
تون به انگورن واري عمر ان ٽپي
هاڻي ڪشمش بڻجي ويو آهيان
مان به رسيل ڳاڙهي ڏوڪي مان ڦري
ڇوهارو بڻجي ويو آهيان
سچ ته هاڻي
تازي تواني ناريل مان ڦري
ڏونگهي واري ڏک پيو ڏيان
پر عشق واري ٻٽيهي سلامت آهي اڃا
حسرتن جوهڪ به ڏند ناهي ڀڳو
اڃا به دشمن جي ٻنيءَ مان
پئي ڪمند ڇهلي چٻاڙي کائي سگهان ٿو
بنا چمند جي قداور کجين تي چڙهي سگهان ٿو
ٻڌو اٿم ته تون پوڙهائپ جي اڪيلائپ جي کان ڊنل آهيون ڏاڍا
ويجهو اچ ته ما توکي پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ لڪايان
سانجهي اچي سهڙي آهي
مون کي به واهيري جي ضرورت آ
مان اهو اڏامندڙ جهاز آهيان
جنهن کي ڪوبه ملڪ پنهنجي سرحدن جي اندر
ليڊنگ جي اجازت نٿو ڏئي
زندگيءَجو فيول ڪنهن مهل به ختم ٿي سگهي ٿو
دل جي دربدريءَ نستو ڪري وڌو آ
پيري اچي پهتي آهي
مون مٿان پابنديون لاهه پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري
چميءَجو ٺپ هڻي مون کي
پريت جو پاسپورٽ عطا ڪر
مون لئه ٻانهن جي سرحد کول
هڪ پناهگير سمجهي ته
پر پتي پرميشور وانگر هميشه لاءِ
مونکي پنهنجي شاديءَ جي شهريت ڏي
مان پنهنجي سموري زندگي
وطن ۽ عورت جي ڳولها ۾ گذاري آهي.
*.*
3.2017