تون آهين سڪل گلاب
جيڪو منهنجي سيني جي ڪتاب ۾ پيو آ
توکي پاڻيءَ جي نه پر ضرورت آآهي ڳوڙهن جي
سرد شوڪارن ۾ تولئه بهار جي جهوٽي جيان آ
گذرندڙ وقت تنهنجي خوشبوءَ ۾ اِضافو ڪري ٿو
تون آهين يادن جي ڪهڪشان
باهه آهي پنهنجي ميلاپ جي نشاني
عمر جي هن موڙ تي پهچي
منهنجو عشق هاڻي
عقيدت جو روپ اختيار ڪري ويو آهي
تون تقدس جو درجو حاصل ڪري وئي آهين
تون منهنجي نوجوانيءَ جو ڇڏيل ورثو آهين
تون آهين يادگيرين جي مورت
مون وٽان تنهنجو مادي روپ منسوخ ٿي چڪو آهي
ڇو جو مان دنيا جهان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي
جنهن جو مان پاڻ به هڪ حصو آهيان
هونئن به روح کي ڏسڻ لاءِ تصور جي اکين جي
۽ بيان ڪرڻ لاءِ تخيل جي زبان جي ضرورت پوندي آهي
تون اها ٻولي آهين
جنهن جو مان آخري ڳالهائيندڙ بچيو آهيان.
*.*