تون چاڪليٽي ندي آهين
نچندڙ مون جهڙيون تنهنجون اکيون آهن
تون باهه جي تاريخ آهين
ٽانڊن جا ڇڳا آهن ڏاڙهون
جيڪي تنهنجي ڇاتيءَ جي زينت بڻيا وتن ٿا
۽ مان بکايل چڪوروانگر
تنهنجي چوڌاري چڪر ڪاٽيان ٿو
تنهنجا چنڊ هميشه ڪڪرن ۾ کنوڻيون بڻجي ڊوڙن ٿيون
تو آڪاس وارو فلڪياتي نظام آهين
مان وائڙي ٻارجهڙي ڌرتي
سدائين تنهنجي سوداءُ ۾ سرگردان
گهوماٽيون کائيندو رهيو آهي
اڄ توسان ملڻ کانپوءِ ائين ٿو لڳي
ڄڻ هيءَ پهرين رات آهي جيڪا مان
غار کان ٻاهر ستارن ڀرئي آسمان هيٺان
گذاري رهيو آهيان
انسان جي روپ ۾ هيءَ منهنجو پهريون ڏينهن آهي
هيءَ چُمي پهريون لفظ آهي
جيڪو مان لکيو آ تنهنجي چپن تي
تون منهنجي زندگيءَ ۾ زرعي انقلاب وانگر ئي آهيان
توکي شايد خبر نه هجي
ته منهنجي تخليق ٿيڻ کان ي اڳ
مان تنهنجي ڪلپنا ڪئي هئي
ڏهن مون کي پنهنجوئي شعور ڪونه هو
مون کي پنهنجي پهرين پهرين گهرج
تنهنجي ئي محسوس ٿي هئي
ان کانپوءِ ئي مون کي ساهه کڻڻ جو خيال آيو هو
کاڌو ته مون گهڻو گهڻو پوءِ طلبيو هو
جيئن جبل تي ڪو پٿر هيٺ گڙڪندو ايندو آهي
مان تو وٽ ائين پهتو آهيان
تون پنهنجي زندگيءَ جي عمارت ۾
ڪنهن جاءِ تي استعمال ڪري ڇڏي مون کي
مان تنهنجي مٿي ۾ هڪ وار جيتري حيثيت ٿو چاهيان
اک۾ ڳوڙهي جيتري
جيڪو جڏهن وهي ته ڳل تي ئي سُڪي وڃي
۽ جسم به هڪ خون جي قطري جيتري
جنهن جو ڪو پتو ئي نه پوي
۽ ها منهنجي اکين جون هي ٻئي ماڻڪيون
تون پنهنجي بدن مٿان
ڪنهن به جڳهه تي تر بڻائي سجائي سگهين ٿي
تنهنجي سولائيءَ خاطر
مان پاڻ کي تنهنجي مادري زبان ۾
ترجمو ڪرائي رهيو آهي.
*.*
3.5.2018