تون اها عورت آهين
جنهن کي ياد نٿو ڪيو وڃي
مان اهو گذريل زمانو آهيان
جنهن جي ڪابه ثابتي ناهي
تون مون کي نٿي ڳولهي سگهين
مان تو تائين نٿو پڄي سگهان
پنهنجي وچ ۾ ويڳاڻپ ۽ اداسيءَ وارو رشتو آهي
تنهنجي اندر ۾ اڻ ڏٺي جي تمنا مان آهيان
منهنجي من ۾ نه بيان ٿيڻ وارو جذبو تون آهين
تون حيرت آهين
مان حسرت آهيان
پنهنجو رشتو شڪ مان جنم وٺي ٿو
وهم اهو مصور آهي جيڪومون کي چئي ٿو
وهم اهو سنگتراش آهي جيڪو توکي پيو تراشي
لا حاصل تنهنجي هجڻ جو ثبوت
فنا منهنجي ثابتي آهي
تون بهار جو جوڀن آهين
مان پن ڇڻ جي انتها آهيان
پنهنجي وچ ۾ پرهه ڦٽي ۽ شام جو هجڻ لازمي آهي
جيئن اسان ڳنڍيل رهون
پنهنجي وچ ۾ شاعري ساهه کڻي رهي آهي
ڏُک اسان جا خال ڀري ٿو
صبر ۽ ثابت قدمي عشق جي تڪميل ڪن ٿا
پر پاڻ ته ٻئي فرضي ڳوڙها آهيون
اسان کي تخيل جي اکين رُنو آهي
تون جنهن چپ تي تِرُ آهين
مان اُن جا گهنڃ آهيان
ازلي مسڪراهٽ جو نور
اسان ٻنهي کي روشن ڪري ٿو
تنهنجي حقيقت لهرون
تون جنت کي لوڏي وجهندڙ
چميءَ جي آواز وانگر آهين مَڌرُ
مان گرم ساهه وانگر آهيان زندگيءَ ڀريو
تون عقيدو آهين
هر دفعي نئون
مان نظريو آهيان
سدائين رد ٿيندو ٿو رهان.
*.*
4.12.2018