سمنڊ سهاڳ رات ملهائي رهيو آهي
چنڊ سان گڏ
پر منهنجي روح ۾ وڇوڙي جا ولوٽا پون ٿا
۽ اڪيلائي الٽيون ٿي ڪري
تنهائيءَ جو سواد ڦڪو آهي
لوڻياٺن ڳوڙهن لاءِ به اڄ ڪلهه
سڪي مئو آهيان
او مانيءَ ۾ ويڙهيل محبوبه!
مان بُک جي نقشي ۾ واقعع ملڪ آهي
زبون حال آهي زندگي منهنجي
مان چِچريل چرچ آهيان
۽ دل اهڙو قافلو آهي
جنهن جو ٻرندڙ صحرا ۾
واريءَ جي طوفان مان گذر آ
مان ڀڳل شيشن وارو محل آهيان
۽ تنهنجون نيريون اکيون
منهنجاآسمان آهن
جي چاهين
مون کي بچائي سگهن ٿيون
مان پڇڙ تاري جيان
راتين جو تنهنجي ڳولها ڪندو آهيان
مان اها دري آهيان
جنهن مان مينهن اندر داخل نٿو ٿي سگهي
جنهن سان هوائون ٽڪرائجي ڪري ٿيون پون
پنهنجي وچ ۾
آئينا رڪاوٽون بڻيل آهن
وڇوڙي جي هٿ جون نانگ آڱريون
وڪوڙي ويون آهن مون کي
اکين ۾ خواب
آنن وانگر اُٻرڻ لڳا آهن
اڄ
دل جي ڪڙهائي کائيندو وڇوڙو
اونڌي ٻيڙي آهي عشق پنهنجو.
*.*
4.2017