منهنجو جيءُ جپسن جيان آهي
سچ منهنجو گهوڙو
۽ چنڊ منهنجو خيمو آهي
موسمون منهنجو سفر آهي
شاعري ۽ ناچ تي آهي گُذر منهنجو
پراچين سنڌ جهڙو
منهنجو مهانڊو آ
۽ آفريڪين جهڙيون عادتون
صحرا جهڙي ثقافت
۽ريڊ انڊين جهڙو روح آهي منهنجو
او منهنجا پرين
تنهنجي قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ
مان پاڻ مان بگهڙن کي ٻاهر نڪرڻ ئي نٿو ڏيان
شينهن کي روح جي اونهاين ۾ واڙي ڇڏيو اٿم
۽ عقابن جي اکين تي عشق جا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن
مان پنهنجي دل ۾ پيدا ٿيل جبل ڀوريندو رهان ٿو
ڪٿي توکي ڪو جوکونه رسائي وجهن
وڻن جو ۽ منهنجو مذهب
ساڳيو آهي
سمنڊ منهنجي
سجاڳيءَ واري حالت آ
او ندين جهڙي نينگري
سمهڻ کانپوءِ
منهنجي سموري جسم تي
خواب ڦٽي پوندي آهين
۽ سڀني خوابن ۾
تون ڦٽي پوندي آهين
انيڪ روپن سان
*.*
12.2014