ڳوڙهن ۾ ٻُڏل هن شهر کي ڏسي
اچرج منجهان
اکين کي ڏندين آڱريون آهن
هي شهر منيءَ جو قطرو
جنهن ۾ لکين اڻٿيڻا انسان ڦٿڪن ٿا
هي شهر آهي ڪو ٻار حرامي
(جڏهن ته ڪوبه ٻار حرامي ناهي ٿيندو)
وڃي ٿو ناليءَ ۾ لُڙهندو
هي شهر هيرونيءَ جهڙو
زخمي حات ۾ ڍير يپيو آهي
هي شهر اهڙي وئشيا
جنهن جا سڀ گراهڪ
ايڊز جا مريض
هي شهر پلاسٽڪ جي ڦاٽل ڳوٿري
جنهن مان ماڻهو وهن ٿا
ڌرتيءَ جي بدن تي ڦُرڙيءَ جهڙو
هي ڀوائتو ڏائڻ شهر
اهڙو اڳ ته نه هو
هن آدمخور شهر منجهه
ٿي بي حسي بازارن ۾ وڪامي
۽ لوڀ پئي خريدي کپائي
هتان جي ٽرڙن رستن کي
پيرن کان سخت بُڇان آهي
هنن انڌن رستن تي
اکين کي به
سفر ڪرڻ جي اجازت ناهي
پر گاڏين کي ڇوٽ آهي
ڀلي غرور ۾ ڀرجي
غنڊا گردي ڪنديون وتن
هتڙي عمارتون عيش ٿيون ڪن
۽ بوٽن جي بادشاهي آهي
هتي بدن شيشا ۽ روح ڏامر رهن ٿا
هتي ڪپڙا ڪردار جي ڪسوٽي آهن
دراصل هن شهر ۾ ماڻهو منع آهن
هتي انسانيت لڙهي ٿي نالين۾
يا ڦيٿن جي هيٺان چيڀاٽبي آهي
هن شهر ۾ رڳو سبيل ڪپڙا ساهه کڻندا آهن
۽ بوٽ پنڌ ڪندا آهن
هي شارڪ جهڙو شهر
مون کي به حضرت يونس جيان ڳهي ويو آهي
تڏهن به مان هن جي هر گهٽي ۽ چونڪ تي
وڻ بڻجي ڦٽان ٿو
پر هي پَيغمبرن جهڙن بکين پکين جو قاتل شهر
مون کي وڍي
مصلوب ٿيل عيسيٰ بڻائ ٿو ڇڏي
۽ ڪنهن نه ڪنهن مريم ڏانهن
منسوب ڪري
ان جي پاڪ دامنيءَ تي
بهتان ٿو مڙهي.
*.*
7.2016