تو کان سوا
گهر سينواجي ويو آهي
بيٺي بيٺي گاڏيءَ مان
گاهه ڦٽي آيو آ
ڪتابن مان لفظ لڏي ويا آهن
توکان سواءِ
مان ڪلر بلائينڊ ٿي چڪو آهيان
جدائيءَ کان سواءِ
ڪو رنگ ئي نظر نٿو اچي
سج تي دز ڄمي وئي آ
۽ب چنڊ چاري ۾
کڙکٻيتي جيئن پيو ڦٿڪي
*.*
4.2014
شڪيل جي ھن مجموعي ۾ فطرتي سونھن ۽ احساسن سان ڀريل نظم موجود آھن. شڪيل لکي ٿو: ”فطرت جو اظھار شاعراڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جا حواس شاعري محسوس نٿا ڪري سگهن تہ سمجهو اهي ناڪارہ ٿي چڪا آهن. ان ڪري هڪ زنده انسان ۾ هي خصوصيتون لازمي هجڻ گهرجن. شاعراڻا حواس، شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻا اظھار يقين ڄاڻو جڏهن سماج شاعراڻو ٿي ويندو تہ هيءَ انساني دنيا جنت جو روپ ڌاري وٺندي ۽ انسانيت پنھنجي معراج کي پھچي ويندي“.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو