هر روز مَٽَ هوندو آهي
سڃاپجڻ ۾ ناهي ايندو
شهر ڪراچي
هي ٽاڪرو جابلو جزيرو
هي شهر سامونڊي ديوتا جيان
هي لنگر انداز ٿيل
نوح جي ٻيڙيءَ جهڙو شهر
جنهن وري سڀئي خباثتون
چڙهي آهن ويٺيون
هتي ڪڏهن ڪڏهن
موت ۽ زندگيءَ ۾ فرق محسوس ناهي ٿيندو
ڪراچي قيدي شهر
ڪراچي ٻار ويڳاڻو
ڪراچي طلسمي ڄار
جنهن۾ ڦاسڻ لاءِ مڇيون ڦٿڪن ٿيون پيون
ان جو هڪ ٻيو عورتاڻو پاسو به آهي
مهاديو شو وانگر
پاروتيءَ جي نموني
ها اها ئي عورتاڻي مزاج واري ڪراچي
مون منجهه وجود
پنهنجو اباڻو ڳوٺ گهمڻ ايندي آهي
پر صحيح سنڌي ناهي ڳالهائي سگهندي
پنهنجي مادري ٻولي هاڻي ڏکي ٿي سمجهي
جيڪا پنهنجي جلاوطنيءَ تي مون ۾ اچي روئندي آهي
پاڻ کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي
ميٽ سان وهنجي
مٿي ۾ وجهي لاس
ڪندي آهي ٻه چوتيون
ڏندن تي مساڳ ملي
مينديءَ جا گل هٿن تي ڪڍي
پنهنجي وڃايل سهاڳ لاءِ پار ڪڍي روئندي آهي
مائي ڪلاچي
*.*
11.2016