منهنجي پويان پاڇا لڳا آهن
مون کي وهم ڊوڙائي پيا آهن
خواهشن جي خوفناڪ جهنگل ۾
لفظن جا پاڇولا ڊيڄارين ٿا مون کي
سٽن جو سناٽو ڏڪائي ٿو وجهي
آئون اسونهون اويلو
موضوئن جا جهنگ گهاٽا
خيالن کان خوف ٿو ٿئي ڏاڍو
مان مدد لاءِ
معصوم اڻڄاڻائيءَ کي سڏيان ٿو
ته آزاد خياليءَ جي روشني
منهنجي حفاظت لاءِ
مون کي ويڙهي ٿي وڃي
۽ هٿ ٺوڪي ڏاهپ جي
مايا نگريءَ مان اڏائي پار پڄائي
ويندي ويندي هٿ ۾ ڪاڳر ڏئي ٿي وڃي
جنهن ۾ هيءَ نصيحت آهي لکيل ته
“ڪڏهن به نظرين جا نَنهن وڌڻ نه ڏجن
نه ته انسانيت جي چهري جو ماس
رانڀوٽا پائي روڙي وٺندا
ڪڏهن به مذهبن کي
مٿي تي نه چاڙهجي
نه ته مٿو ئي پٽي ويندا”
*.*