منهنجي اگهاڙي سيني تي کليل ڪتاب پيو آهي
يا تون هر غلاف کان آجي
منهنجي بغل۾ گلاب ٽڙيو آ
يا تون مسڪرائي رهي آهين
صبح جا پکي راتجي اوندهه چُڳي ويا آهن
خواب پنهنجا ڪپڙا پيا ڳولهن
وقت نٿو ٻڌائي
گهڙيال اوٻاسيون ڏيڻ ۾ پورو آ
خماريل جاڳ مان اٿڻ تي
منهنجي به دل نٿي چاهي
هن مدهوشيءَ واري ڪيفيت کي
گهٽ ۾ گهٽ سُستي ته نٿو چئي سگهجي
تنهنجا وکريل وار موسم جو احوال پيا ٻڌائن
چمي ڪافيءَ جي ٻاڙ ماري ڇڏي ٿي
لفظ اسان جي رومانوي خاموشيءَ ۾ خلل نٿا وجهڻ چاهن
خواهشن جي ڇڪتاڻ کان بغير
پاڻ نرواڻ جي انهيءَ حالت ۾ ليٽيا پيا آهيون
جو ڪيترائي گوتم ٻڌ ان مان لاڀ پرائي سگهن ٿا.
*.*