تون معصوميت جوسج آهين
۽ تنهنجي دل خدا جو چهرو آهي
تون وفا جو وطن آهين
تنهنجو هلڻ
دنيا جي هر رقص کان وڌيڪ سحر انگيز آهي
تنهنجا ڪارا وار
حسن جي ڪعبي جوغلاف آهن
تنهنجي سيني جي گرمي
جنت کي ٿڌو ٿي رکي
تنهنجي ناراضگي دوزخ جو جوڀن آهي
تنهنجو بدن گلن جو عالم ارواح آهي
تنهنجي کنيل ساهن سبب
هن ڌرتيءَ جي آبهوا جيئڻ جي قابل ٿي رهي
تنهنجي مسڪراهٽ اهو ٻج آهي
جنهن مان بهارٽٽندو آهي
پريون تنهنجي آشيرواد کانسواءِ اڏامي نٿيون سگهن
ايفروڊائيٽ ديوي تنهنجي چڳ وڍي مريد آهي
تون عشق جي استاد
تون شاعريءَ جو شان آهين
تنهنجي بدن جي خوشبو سنگهي
منهنجو نڪ مسڪرائي ٿو
تنهنجو مڌر آواز ٻڌي منهنجا ڪن نچن ٿا
توکي ڏسڻ مهل
منهنجين اکين اڻڳيون ماڻڪيون جنم وٺن ٿيون
تون هر دعا لئه آمين جهڙي آهين
انهيءَ ڪري منهنجي دُعائن جو تسلسل رُڪجي نٿو
مسڪراهٽن جي ڪائنات آهي بدن تنهنجو
انهيءَ ڪري منهنجا چپ
تنهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ پورا آهن
خودڪشيءَ جي خواهشمند شاعرن جو
تون آخري علاج آهين
انهيءَ ڪري تنهنجي ساٿ ۾ مان بيمار ٿي نٿو ٿيان
پوپٽ پنهنجا پرگسائي تو مان رنگ حاصل ڪن ٿا
انهيءَ ڪري منهنجي شاعريءَ اهي اهي رنگ موجودآهن
جن جو ٻئي هنڌ ڪٿي وجود ئي ناهي
گلابن کي تنهنجي ساهن جي سڳنڌ
مشڪ بُو ٿي بڻائي
انهيءَ ڪري منهنجو بدبوءَ سان واسطو ئي ناهي پيو
انڌاري آسمان کي تنهنجي اکين جو تصور
نيرو ڪري ٿو ڇڏي
انهيءَ ڪري منهنجو من هميشه روشن ٿو رهي
ننڍڙي پٿر کي اوچو جبل تنهنجو قد ٿو بڻائي
اهوئي سبب آهي جو مان سڀن کان اوچو ٿو لڳان
تنهنجي ٻاجهه جي مٽيءَ ۾
ٻج وڌي وڻ ٿو بڻجي
انهيءَڪري منهنجي واڌ رڪجي ئي نٿي.
*.*